ڳاڙهو هيڊو آسمان، ڪانوَ لنون ٿا. ڪَڪِي نِم انهيءَ هيٺيان آهه سَرءُ سنسان، پَنَ ڇڻن ٿا. واءُ اُتر جو، ڦيراٽيون ڏي جنهن ۾ جَڳُ جهان، وَڻ لڏن ٿا. رُت جو ڦيرو، مٽيءَ گهيرو، سارو ڪون مڪان، ساٿِ ڦِرن ٿا. هاءِ حياتي! موت ڇڏيو آ ڪنهن جو نانءُ نشان؟ ڏينهن کٽن ٿا. ڪي ڪيئن مَرن، ڪي ڪيئن مرن سڀ نيٺ ٽٽن ٿا. سڀ نيٺ ٽٽن ٿا.
ڀيڻ اوهانجي قابليت جي جيتري به ڳالهه ڪجي اها گهٽ آهي..... پر اهڙيون ناياب لکڻيون انهي جون زنده ثبوت آهي ته اوهان اهڙي ادبي سوچ رکو ٿيون.... جنهن مان اندازو صرف اوهان جي قابليت جو نه پر اوهان جي شخصيت جو به معلوم ٿئي ٿو..... lajwab-sharing
ڀيڻ ساره حق موجود اوهانجي موڪليل شاعري نه فقط سهڻي ۽ سبق آموز آهي، جنهن لاءِ ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا ... پر منهنجو هڪ ننڍڙو عرض آهي ته جي اوهان انهن شعرن هيٺان اصل ليکڪ جو نالو لکندا ته وڌيڪ سٺو لڳندو ۽ جي اها اوهانجي پنهنجي ڪاوش هجي ته به اوهان نالو لکندا ته پوءِ نه فقط پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ليکڪ جي نفسياتي پهچ آهر نچوڙ به ڪڍي سگهبو ... جيتوڻيڪ اها پوسٽنگ سائين شيخ اياز جي ٿريڊ اندر آهي پر اڄڪلهه اسين مٿان واري هلندڙ پٽيءَ کي ڪلڪ ڪري پڙهي وٺون ٿا ... جنهنڪري اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ... هڪ دفعو ٻيهر مهربانيون، اوهانجي اهڙن سهڙين پوسٽنگس تي ... اميد ته اهو ساٿ سلامت رهندو هن سنڌ سلامت جي ميدان تي ... نثار ابڙو