• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪجهڙا عنوان ۽ موضوع

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
سائين هڪ ڳاله هي آهي ته ميمبر هڪ جهڙا موضوع جا ٽائيٽل لکيو ٿا ڇڏين جيئن پڇڻا نه منجهڻا ۾ موضوع جي نالي يا مسئلي لکڻ جي بدران اسلام عليڪم يا ٻيو ڪجه اهڙو ئي لکي ٿا ڇڏين جنهن جي ڪري مسئلي جي موضوع مان خبر ئي نٿي پوي ٻيو ته اهڙن موضو عن کي ممبر به گهٽ ئي ڏسندا آهن...
انهن کي گذارش آهي ته هو ڪو به موضوع بنائن ته ان ۾ مسئلو يا جيڪو به ونڊ ڪرڻو آهي ان مطابق موضوع جو ٽائيٽل رکن ته جيئن آساني رهي......
هي صرف منهنجو خيال آهي ضروري ناهي ته مان صحيح آهيان...........
 
جواب: هڪجهڙا عنوان ۽ موضوع

۽ ٻيو اهو ته موضوع ته هڪ ئي هوندو آهي پر ان ۾ مواد مختلف ونڊ ٿيل هوندو آهي........
 
جواب: هڪجهڙا عنوان ۽ موضوع

بلڪل ادا اوهان جي ڳالهه صحيح آهي۔
ان جي مين وجهه اها ٿي سگهي ٿي ته ڪجهه نوان دوست فورم جي سڀني ڪمرن جو ڦيرو ڀرڻ ۽ ان ۾ موجود ڊيٽا ڏسڻ بنا موڪلڻ شروع ٿا ڪن جنهن ڪري معلومات ڊبل يا ان کان به وڌيڪ دفعا ونڊي وڃي۔
 
جواب: هڪجهڙا عنوان ۽ موضوع

سائين هڪ ڳاله هي آهي ته ميمبر هڪ جهڙا موضوع جا ٽائيٽل لکيو ٿا ڇڏين جيئن پڇڻا نه منجهڻا ۾ موضوع جي نالي يا مسئلي لکڻ جي بدران اسلام عليڪم يا ٻيو ڪجه اهڙو ئي لکي ٿا ڇڏين جنهن جي ڪري مسئلي جي موضوع مان خبر ئي نٿي پوي ٻيو ته اهڙن موضو عن کي ممبر به گهٽ ئي ڏسندا آهن...
انهن کي گذارش آهي ته هو ڪو به موضوع بنائن ته ان ۾ مسئلو يا جيڪو به ونڊ ڪرڻو آهي ان مطابق موضوع جو ٽائيٽل رکن ته جيئن آساني رهي......
هي صرف منهنجو خيال آهي ضروري ناهي ته مان صحيح آهيان...........

ادا وسيم تون بلڪل سچ ٿو چوين پراڻا دوست ته صرف چند آهن جيڪي ايڪٽو آهن جن جي سندن چواڻي موجب هر ٿريڊ تي نظر آهي، باقي اسان جهڙا جهونڙا جن جي ياداشت صفا ڪمزور آهي ۽ نوان ميمبر جيڪي ويچارا آهن ته هوشيار پر سنڌي ڪمپوزنگ، سنڌ سلامت جي هر هڪ علحده علحده موضعن جو جيستائين مشاهدو ڪن تيستائين جنهن به موضع جو ايڊيٽر وارو پيج کُلي ٿو ان تي پنهنجا ٿريڊ ننڍا يا وڏا موڪليو ڇڏين پو ان ۾ تعارف هُجي يا خالي اسلام عليڪم هُجي۔ ان کان علاوه ڪافي سارن دوستن کي سندن پراڻيون ونڊون ڳولڻ ۾ دشواري پيش اچي ٿي، ان ڪري سنڌ سلامت ۾ انگريزي فورمن وانگر هن ۾ به پراڻي ونڊ ڳولڻ‌ لا سرچنگ انجڻ موجود آهي جو جيئن ئي ان بار ۾ ان پراڻي ونڊ جو موضع لکجي ٿو اها ونڊ آٽو ميٽڪ نموني لڀجي اچي وڃي ٿي ان ڪري سنڌ سلامت جا موضع ڳولڻ به تمام آسان آهن۔
 
يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔

يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔​

انتظاميه کي عرض ته يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔ ان ڏانهن نظرداري ڪئي وڃي۔ مهرباني​
 
جواب: يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔

توهان جي ڳالهه صحيح آهي ادا۔۔۔
 
جواب: يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔

يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔​

انتظاميه کي عرض ته يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔ ان ڏانهن نظرداري ڪئي وڃي۔ مهرباني​



ادا هي مسئلو حل ٿي چڪو آهي۔
 
جواب: يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔

واقعي دوستو مسئلو حل ٿي چڪو آهي۔۔
 
جواب: يو ٽيوب جو مسئلو وري ظاهر ٿيو آهي۔

فورم تي ڪجهه اپڊيٽ ڪرڻ خاطر عارضي طور يوٽيوب پاڻمرادو ڊسپلي کي غير فعال رکڻو پيو۔۔۔ جنهن کي ٻيهر فعال بڻائڻ وسري ويو پر ادا سليمان وساڻ جي ياد ڏيارڻ تي ان عمل کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي۔۔۔۔
 
Back
Top