۔ ۔ تمام دوستن کي به عيد جي هن پرمسرت ۽ ڀلاري موقعي تي مبارڪون چئجن ٿيون۔ ۽دعا آهي ته الله رب العالمين اوهان ۽اوهانجي گهر وارن تي پنهنجي رحمتن جي ڇانون برقرار رکي۔۔ دوستو معاف ڪجو آفيس ۾ مصروفيتن جي وجه سان آئون هن محبت ڀري اڱڻ جي پيارن دوستن جون تندرست تحريرون ۽ قرب ڀريا ڪمينٽس پڙهڻ کان محروم آهيان ۽ عيد مبارڪ ٻئي ڏينهن رات جو اڍائي بجي پيو ڏيان۔۔۔۔ انشا الله جيئين ئي ڪم جهڪو ٿيو ته پو هي فورم ئي سان جي اوطاق آهي جتي ادبي ، معلوماتي ۽ سکيا ڀريون ونڊون هڪ روايت جي طور تي برقرار آهن۔۔ دعا آهي ته الله پاڪ پروردگار هن فورم کي ترقي جي ان منزل تي پهچائي ته هر سنڌي جو ڳاٽ اوچو ٿي وڃي۔۔ الله پاڪ ادا عبد الرشيد سميت تمام انتظاميا جي ميمبرن ۽ هر رڪن پاران ڪيل اڻ ملهه ڪاوشن کي رنگ لائي ۔۔۔۔۔۔(آمين )۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي ادا عمران۔۔۔۔ ڀائو مڙئي دير سوير شابس اٿو ياد ته ڪيو اوهان۔۔۔۔۔پيارا قرب اوهان جا جو اوهان ايڏا مصروف هئڻ جي باوجود به اسانکي وساريو نه ٿا۔۔۔۔۔۔نه ته هن نفسا نفسي جي دور ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري۔؟ خير اوهان کي به مان چري عاشق پاران عيد جو لک لک واڌايون۔ اچ ڀاڪر پايون
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي ادا طاهر خير مبارڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني۔۔۔ ادا ڪنگ خير مبارڪ ۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي ٻڪرن جي تعداد جي اڃان ففٽي ڪو نه لڳي آهي ڇا۔۔؟؟ ادا عاشق (مجبور) خير مبارڪ ۔۔۔۔۔۔ يار انشا الله فورم تي جلد ئي ڪم بيڪ ٿيندس۔۔۔ دوستو دعا ۾ ياد۔۔۔
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي اي الله منهنجي سنڌ امڙ تي نظر ڪر هتي ڪير به نه آهي جيڪو هنن سنڌي ماروئڙن جي اداس اکڙين ڏانهن نهاري اي سنڌو تون به ٻڌائي ته خوش ٿيان ته تون موجن ۾ آهين يا رهان اداس ته منهنجي ماروئڙن کي ڪو آشيانو ناهي؟ ... ساٿ سلامت عبدالوهاب ابڙو
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي ادا توهان کي به اسان پاران کوڙ ساريون مبارڪون هجن اميد ته خوش هوندا سدائين گڏ
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي ادا عمران توهان کي به عيد مبارڪون هجن اوهان جي مهرباني جو دير آيد درست آيد درست آيد جي مصداق وانگر وري به اوهان ياد ته ڪيو الله تعالي توهانکي سڄي سنگت کي خوش رکي .
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي جي ادا بيشڪ سنڌ سلامت جو اڱڻ اسان جو پنهنجو اڱڻ آهي، دير يا سوير هن محبتي اڱڻ تي ڀيرو ڀرڻ گهرجي، ڪم ڪاريون، زماني جون مصروفيتون، به آڏي اچي وينديون آهن، انهن کان ته سر نٿو بچائي سگهجي ، عيد خير سان گُذري وئي ان هوندي به چوٿين ڏينهن تي مان به عمران درويش سومري ۽ ساري سٿ کي هڪ دفعو ٻيهر باسي ، داسي ، سڀ مُبارڪون ڏئي ٿو ڇڏيان۔
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي خئير مبارڪون ۔۔۔ لک لک مبارڪون ۔۔۔ عيد جي چمين ۽ ڀاڪرن سميت ۔۔۔ قبول پون سنڌ سلامت جا سهڻا دوست درويش! اوهانکي به عيد جون واڌايون هجن ۽ دعائون آهن ته رب العالمين اوهانکي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ ايمان جي سلامتي سان اوهانجي زندگي باغ و بهار رهي ۔۔۔ آمين سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي سائين خير مبارڪون دعا ۾ ياد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين۔۔ مهرباني ادا دعا ۾ ياد۔۔۔۔۔۔ جي بلڪل سائين سنڌ سلامت پنهنجو ئي اڱڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير مبارڪون۔۔۔۔ دعا ۾ ياد سائين خير مبارڪ اوهان جون دعائون هونديون ته انشا الله ڪم سڻاوا ٿي پوندا۔۔ الله پاڪ اوهان کي به پنهنجي رحمتن جي وسيع ڇانو عطا فرمائي۔۔۔۔ ها ادا عاشق (مجبور) بلي بلي ته ٿي ويئي۔۔۔۔۔۔ دعائون به مليون ۽ مبارڪون به سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي درويش بابلا اوهان کي به مست جي طرفان (دير ئي سهي پر) عيد جون دل سان مبارڪون عرض ڪجن ٿيون۔۔۔۔
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي سائين مان صدقي وڃان ڪاٿي آهيو اڄ ڪلهه الله جو شڪر آهي ته صحيح سلامت آهيو نه ته مون سمجهيو۔۔۔۔ ته ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ڇڏيس يار متان چڙي وڃين توکي تاڙي وڄائڻ وارو ڪونه ٿو چوان ^#(^ ۔ اچ ته عيد ملئون۔۔۔۔۔۔
جواب: معاف ڪجو دير ٿي ويئي يار تاڙي وڄائڻ وارو ڀلي چئو پر تاڙا وڄائڻوارو نه چئجان۔۔۔ ڇو ته تاڙي ته مرد ۽ عورت ٻئي وڄائن ٿا پر تاڙو۔۔۔!!! الله جو شڪر آهي صحيح سلامت آهيان۔۔۔