• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين مانجي بابا جو ڪهڙو قصور آهي۔۔۔۔؟

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
سائين مانجي بابا جو ڪهڙو قصور آهي۔۔۔۔؟
اڙي ڇورا۔۔۔۔تون پنهنجي پيء کي ڇڏائڻ آيو آهين يا۔۔۔۔۔ان جو قصور پڇڻ آيو آهين۔
سائين مان انکي ڇڏائڻ ته آيو آهيان۔۔۔۔پر اوهان منهنجي بابا کي پنجن ڏينهن کان وٺي هتي رکيو آهي۔۔۔۔آخر بابا جو قصور ڪهڙو آهي۔
اڙي نڀاڳا۔۔۔تون وارو پيء وچ روڊ تي گڏھ‌ گاڏو بيهاريو هيو۔
سائين اوهانجي نظر سدائين گڏھ گاڏا هلائڻ وارن تي ئي ڇو پوندي آهي۔۔؟
هاڻي بس ڪر ته هڻاء نه پادر۔۔۔۔هل هل جان ڇڏاء پنج سئو ڏي۔۔۔۔نه ته ڪياء ٿو پڻي کي چالان۔۔۔۔۔۔۔
ڪنهن ڪم سان هڪ پوليس ٿاڻي تي وڃڻ ٿيو ان دوران هي بحث هلي رهيو هو صوبيدار ۽ هڪ پيرن اُڳهاڙي ڇوڪري جو۔۔۔۔

kejiog.jpg
 
جواب: سائين مانجي بابا جو ڪهڙو قصور آهي۔۔۔۔؟

ادا عاشق اوهان جو وري پوليس ٿاڻي تي ڇو وڃڻ عيو ڀلا؟؟!!
ها .... ها... ٻڌاءِ نه ڀلا!!!
 
Back
Top