• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي طرفان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

سلمان ڪلمتي

سينيئر رڪن
ڪراچي(پ ر) عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي گڏيل سهڪار سان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 4 ڊسمبر تي سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ هيڊڪوارٽرن ۾ ثقافتي ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون، جڏهن ته هر ننڍي وڏي شهر ۾ جلوس ڪڍي ثقافتي رنگن جو نماءُ توڙي ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون ڪوٺايون وينديون، جنهن ۾ سنڌ جا سياسي سماجي اڳواڻ، اديب، شاعر، دانشور، سگهڙ ۽ سنڌي ثقافت سان پيار ڪندڙ شخصيتون شرڪت ڪري سنڌي ٻولي ۽ ثقافت بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪنديون. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران مختلف شهرن ۾ موسيقيءَ جون محفلون ۽ سگهڙن جون رهاڻيون رچايون وينديون، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار ۽ سگهڙ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. پڌرائي ۾ سنڌ جي عظيم ثقافت سان پيار ڪندڙ ڪروڙين ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي پاران ملهائجندڙ ثقافتي ڏهاڙي ۾ سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا ۽ ثقافي لباس اوڍي ڀرپور شرڪت ڪن. جيئن سنڌ جي عظيم ثقافت جي اهڃاڻن کي دنيا آڏو اجاگر ڪري سگهجي.
 
جواب: عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي طرفان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

ادا اڄ ان سلسلي ۾ هتي ٽنڊو محمد خان ۾ ايڊوانس ۾ لطيفي فورم، محمد خان غني ادبي فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران هڪڙي سگهڙن جي محفل محمد هاشم مخلص هال ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان سُگهڙن جي ڪچهري جو پروگرام آهي، جنهن ۾ شهر جا اديب شاعر، سگهڙ، ادب دوست ڀائر ڀيڻون سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ اوڍي اينديون، اڄوڪي هن پروگرام ۾ شاهه سائين جا پارکو سگهڙ سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ تي پنهنجا ويچار ونڊيندا۔
 
جواب: عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي طرفان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

سنڌي ثقافت جي ڏينهن کي ملهائڻ ۔۔۔ هڪ سٺو سنوڻ آهي۔۔ خاص طور جيڪي اسان جي تهذيب تي ٺٺوليون ڪن ٿا انهن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي ۔۔۔ جڏهن هو اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي سان ايتري محبت ڪندي ڏسن ٿا۔۔۔ ان ڏس ۾ سنڌ ٽي وي ۽ عبرت گروپ گڏجي جيڪي پروگرام رکيا آهن اهي پڻ ان سلسلي جي بهترين ڪڙي آهن۔۔۔
هڪ ڳالهه جيڪا مون کي الجهائي رهي آهي ته گذريل سال ڪاوش گروپ جي سڏ تي 5 ڊسمبر سنڌ جو ثقافتي ڏينهن ڪري ملهايو ويو هو ۔۔۔ جنهن کي نه صرف سنڌ پر پرڏيهه ۾ پڻ زبردست موٽ ملي هئي۔۔۔ مون اهڙن ماڻهن کي به اجرڪ ۽ ٽوپيون ورهائيندي ڏٺو جن کي ڪڏهن پاڻ به پائيندي نه ڏٺو هو۔۔۔ هڪ جذبو هو جيڪو سموري سنڌ ۽ سنڌين جي چهرن مان ٻهڪي رهيو هو۔۔۔ اهڙي موٽ ڏسي ڪاوش گروپ پڻ پنهنجي شهرت کي ڪافي ڪيش ڪيو ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سندن جو ئي آواز هو جن تي سنڌين اهڙي ڀرپور موٽ ڏني۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪاوش گروپ جا مخالف سندن شهرت تي رشڪ ڪندا رهيا۔۔۔
هن دفعي سنڌ ٽي وي ۽ عبرت گروپ جيڪڏهن ساڳي ڏهاڙي 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهائين ها ته ڀلو ٿئي ها پر 4 ڊسمبر جو اعلان ڪري هو ثقافتي ڏينهن کي مونجهاري جو شڪار بڻائي رهيا آهن۔۔۔ مون کي لڳي ٿو ته هرڪو سنڌين جي ثقافت سان ايتري محبت ڏسي پنهنجو هٽڙو کولڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ ثقافتي ڏڻ کان وڌيڪ پنهنجي شهريت ڪيش ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي۔۔۔
 
جواب: عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي طرفان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

ڪيئن به هجي پر لک شاباسون آهن ميڊيا جي ڪردار کي جو هو سنڌ جي ثقافت کي 4 تي يا 5 تاريخ تي ملهائي پنهنجو فرض پورو ڪري رهيا آهن، مونکي ڏک ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسانجا قومپرست ۽ انهن جون تنظيمون، وفاق پرست سياسي اڳواڻ ۽ انهن جون تنظيمون اهڙو ڪو به ڪم نه ڪري سگهيا آهن جنهن سان سنڌ جي سڃاڻپ ۽ انهن جي آجپي واري جدوجهد ۾ ڪو قدم چئي سگهجي ۔۔۔ جڏهن ته فرض انهن تنظيمن جو آهي جيڪي سنڌ جي حقن جي دعويداري ڪنٿا ۔۔۔
افسوس اڄ جي وايو منڊل ۾ سڀ سياستدان (قومي توڙي وفاقي) صرف پنهنجن گهرن ڀرڻ ۾ پورا آهن ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌيت جي بو ته کانئن ڪوهين ڏور آهي ۔۔۔

ڏسجي ته هن ڏهاڙي ته قوم ڪهڙي طرح ٿي پاڻ ملهائي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اڳ ته پي پي پي به شامل هئي جو وڏي فقير تي جيو پاران تنقيد ڪئي وئي هئي، هن دفعي ڇا سندن ساڳيو جذبو هوندو يا ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو ۔۔۔

سنڌ جي ثقافت ، ادب ۽ ٻولي جي سبب جي قوم متحد ٿئي ٿي ته اها خوشنصيبي چئبي ۔۔۔ ڪاش سنڌ سڄي هڪ مٺ ٿئي ته دشمن جي دل ۾ خوف پئدا ٿئي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي طرفان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

جي ادا سٺي ڳالهه آهي ...............
 
جواب: عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي طرفان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

ادا پيپلز پارٽي وارن گذريل سال وانگي هن سال به سنڌ ثقافتي ڏيهاڙو نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
 
Back
Top