سلمان ڪلمتي
سينيئر رڪن
ڪراچي(پ ر) عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي گڏيل سهڪار سان 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 4 ڊسمبر تي سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ هيڊڪوارٽرن ۾ ثقافتي ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون، جڏهن ته هر ننڍي وڏي شهر ۾ جلوس ڪڍي ثقافتي رنگن جو نماءُ توڙي ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون ڪوٺايون وينديون، جنهن ۾ سنڌ جا سياسي سماجي اڳواڻ، اديب، شاعر، دانشور، سگهڙ ۽ سنڌي ثقافت سان پيار ڪندڙ شخصيتون شرڪت ڪري سنڌي ٻولي ۽ ثقافت بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪنديون. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران مختلف شهرن ۾ موسيقيءَ جون محفلون ۽ سگهڙن جون رهاڻيون رچايون وينديون، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار ۽ سگهڙ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. پڌرائي ۾ سنڌ جي عظيم ثقافت سان پيار ڪندڙ ڪروڙين ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته عبرت گروپ ۽ سنڌ ٽي وي پاران ملهائجندڙ ثقافتي ڏهاڙي ۾ سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا ۽ ثقافي لباس اوڍي ڀرپور شرڪت ڪن. جيئن سنڌ جي عظيم ثقافت جي اهڃاڻن کي دنيا آڏو اجاگر ڪري سگهجي.