ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
( سائين فيض ٻگهيو به هن جهانِ بي فيض مان رخصت ٿيو ) فيض ٻگهئي جو وڇوڙو
محمود مغل
سائين فيض ٻگهيو به هن جهانِ بي فيض مان رخصت ٿيو
انا للهِ وانا اليهِ راجعون. رابطن جو جهان به عجيب هجي ٿو. ماڻهو ملڻ چاهي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان حاضر ٿي ويندو آهي ۽ جي نه ملڻ چاهي ته به هزارين تاويلون، عُذر ۽ بهانا هٿ ۾ کڻي گهمندو آهي. سال 2006ع ۾ سندن رٽائرمنٽ کان پوءِ، دل جا دليل عجيب رهيا، ملاقات جا خيال کڻي روح، دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ رلندو رهيو، رابطي جي لاءِ سيل نمبر نه ملي سگهيو ته وقت جي وٿيءَ وري وڌيڪ ڪمال ڪري ڇڏيو. اوچتو عيد جي صبح جو، فجر جي نماز کانپوءِ، موبائيل کولڻ تي پهريون ئي هڪ اجنبي نمبر هيو، جيڪو دراصل سندن فرزند اختر جو هو.... جنهن نياپو ڪيو هو ته ”منهنجو محبوب والد فيض محمد ٻگهيو. اڄ صبح جو 3.25 تي، جهان مان رخصت ٿي ويو...“ عيد جي صبح جي هر رنگ ۾ سوڳواريءَ ساهه کي ويڙهي ڇڏيو. تقريباً ڇويهن سالن جي ساٿ جي هوا، سياري جي سرديءَ ۾وڌيڪ اضافو ڪرڻ لڳي...
سنڌي ٽيلي ناٽڪ جي حوالي سان، پاڪستان ٽيلي ويزن تي، ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ٻن پيشڪارن بنا ڪنهن شڪ شبهي جي راڄ ڪيو، دادوءَ جي ليجنڊري محمد بخش سميجو صاحب کانپوءِ، ٽيلي ناٽڪ جي هدايتڪاريءَ ۾ اهم نالو لاڙڪاڻي جو فيض ٻگهيو ٿي اڀريو. هي ٻئي همعصر، پنهنجي ڪم کي ڄاڻندا هئا، ۽ انهيءَ ڪم جو معرفت ڪابه ”مصالحت“ ڪابه ”ڊيل“ يا ڪوبه ”ڪمپرومائيز“ سندن ڪتاب ۾ لکيل نه هو... پاڪستان ٽيلي ويزن، جا وڏين سيريلز تي ناز ڪري ٿو، انهن مان ڪجهه اهم ڪم، فيض صاحب ڪيا....باک، ملڪيت، پاتال، رشتا ناتا ۽ تقريباً اسي کان مٿي، انفرادي ڊرامه، فيض ٻگهي جي شناخت بڻجي ويا. اها شناخت خالي هن جي ئي ڪانه رهي، اسان جو جڳ مشهور اداڪار، صلاح الدين تنيو، به اڃان تائين ”باک“ جي ”مولوءَ“ کي نه وساري سگهيو آهي. صلاح بلاشڪ شهرتون ماڻيون آهن، پر فيض صاحب جي هدايتڪاريءَ ۾ مولوءَ جو ڪردار کيس لازوال اداڪار بڻائي ويو. اهو ئي زمانو هو، جڏنهن شوڪت شوري ۽ فيض ٻگهئي جي جوڙي اُڀري هئي. ادا شوڪت حسين شورو ۽ ادا فيض ٻگهيو، اسان لاءِ سدائين وڏن ڀائرن وانگر رهيا ۽ يقيناً فن جي اسڪرين تي، سندن نالن جو ساٿ، اسان مان الاءِ ڪيترن لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو هو. هتي اهو لکندي ڪوبه وڌاءُ نه ٿو محسوس ٿئي. ته ”باک“ جي ”مولوءَ“ جي اپيئرنس لاءِ به ماڻهو ايترو ئي انتظار ڪندا هئا، جيترو ”وارث“ جي ”چوڌري حشمت“ لاءِ ڪيو ويندو هو.... اهي ٻئي ڪردار، ٽيليويزن جي ڪرت کي مڪمل پذيرائي ڏئي ويا. شوڪت شورو، فيض ٻگهيو ۽ صلاح الدين تنيو، هڪ اهم ٽڪنڊو بڻجي چڪو هو.
ادا فيض جي ڪئريئر ۾ رڳو اهو هڪڙو ڪم نه رهيو. جيئن عرض ڪيم نه ته پنهنجي ڪم جي حوالي سان هو مڪمل پروفيشنل ماڻهو هوندو هو.... سيٽ جي سئيءَ سڳي کان وٺي، بيڪ ڊراپ تائين.... کيس هر شئي جي ڄاڻ هوندي هئي. ادا فيض پنهنجي هوم ورڪ ۾ سختيءَ سان يقين رکندڙ هوندو هو. سندس ڪاغذ منظم هوندا هئا، هر شئي ٿانئيڪي هوندي هئي. هڪڙو طويل عرصو اسان گڏجي پروگرام ”پرک“ ڪيوسين. ۽ ڪڏهن به ڪا اهڙي گهڙي نه آئي جو هن وٽ ذاتي حوالي سان ڪم ڪندي، مون ڪٿي ڪا بدنظمي ڏٺي هجي....
هڪ پيشڪار ۽ هدايتڪار جي حوالي سان، سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب تي سندس نظر گهري هوندي هئي. هو پاڻ به هڪ ڪهاڻي ڪار هو ۽ اهو ئي اهم سبب هو جو ڳوٺاڻي طرزِ حيات تي، سندس ڪيل ڪم، جهرجهنگ ۾ جاءِ والاريندو هو. ستر ۽ اسيءَ جو ڏهاڪوسنڌي ٽيلي ناٽڪ لاءِ ان ڪري به اهم ترين هو جو، جتي محمد بخش سميجو صاحب، شهري موضوعات، رومانس، آرٽ، ۽ ٻين نسبتن سان ڪم ڪندو هو، اتي ڳوٺ، رشتا، تضادات ۽ انهن جي جوڙ جڪ، فيض ٻگهئي صاحب جو خاص ”فليور“ رهي... اهو سڄو زمانو، جنهن ۾، هنن ٻنهي پيشڪارن جو تخليقون سرجنديون رهيون، سدائين اسڪرين کي ڀري ڇڏيندو هو. مٿان وري هنن تي عبدالڪريم بلوچ صاحب مرحوم، ۽ هارون رند مرحوم جي نظرداري هوندي هئي. زينه به زينه هنن پنهنجي هنر جا رنگ فن جي ڪئنواس تي ڇٽيا ۽ ڇا ته عڪس اُڻي ويا.
اٺين اپريل 1946ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخي شهر ڏوڪريءَ ويجهو هڪ ڳوٺ ”ڪاراڻي“ ۾ سندس جنم، سائين عبدالواحد ٻگهئي جي گهر ۾ ٿيو هو. پاڻ ٽي ڀائر هئا. فيض محمد، محمد خان ۽ مير محمد ٻگهيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ، اٺين درجي کان مٿي هن بورڊنگ هائوس ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتان انٽر پاس ڪئي. فيض محمد ٻگهئي، اسلامڪ هسٽري ۽ انٽرنيشنل رليشنس ۾ ڊبل ايم اي ڪئي ۽ 1974ع کان پاڪستان ٽيلي ويزن کي اسسٽنٽ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ جوائن ڪيو. پنهنجي حياتيءَ جا ٺيڪ ٽيهه سال، هن، هن اداري کي ارپيا، ۽ دل چوي ٿي ته لکجي ته اٺاويهن سالن جي ڄمار ۽ پي ٽي ويءَ تي ايندڙ، فيض ٻگهئي جي سٺ سالن ۾ رٽارئرمنٽ مهل به اکين جي جوت ۽ شهپرن هيٺان خوبصورت مرڪ، سدائين جوان رهي. بورڊنگ هائوس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري، سندس لباس ٺاهوڪو ۽ وجود سنواريل هوندو هو.... پنهنجي ڪئريئر جي آخري سالن ۾ 2001ع ڪئنسر ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ به هن، ڪڏنهن به حوصلو نه هاريو. گڏ هوندا هئاسين ته هن ڪڏهن ”لکا“ نه ڏني، ته سندس اندر ۾ ڪهڙي جنگ جاري آهي. اسان جون ملاقاتون مسلسل هونديون هيون ۽ هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان، مان کيس جيڪي مشورا عرض ڪندو هئس سي هو دل سان قبوليندو هو..... پر ڌڻي مٺڙو شاهد آهي ته مون ڪڏهن به سندس ڪنهن حوصلي ۾ ڪا کوٽ نه ڏٺي.
تقريباً ايڪيهن سالن جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ سندس شادي ٿي هئي ۽ هن پنهنجي ٽنهين پُٽن انور، منور ۽ اختر ۽ ٽنهين نياڻين ۾ پنهنجو ساهه اوتي ڇڏيو..... پنهنجي گهريلو حياتيءَ سان سندس ڪمٽمينٽ، روشنين جي هن جهان ۾ کيس ڪڏهن به ڀٽڪائي نه سگهي..... ڇويهن سالن جي سفر ۾، مون هن سان ڪنهن به نازڪ نالي کي جُڙيل نه ڏٺو.... هو هڪ حد تائين فرينڪ ٿيندو هو ۽ بس..... مٿان وري سندس ”جُسو“ اهڙو هوندو هو جو چڱي ڀلي کي ”حجت“ ڪرڻ کان پهرين لک ڀيرا سوچڻو پوندو هو.... ادا فيض جهڙي ڪردار جي مضبوطي، ڪئمرائن جي جهڙپن واري ماحول ۾ گهٽ نظر اچي ٿي.
خميس، 17 نومبر جي رات، اسٽيل مل جي ”هنڊريڊ بيڊز هاسپٽل“ ۾ هن پرهه ڦٽڻ کان پهرين پنهنجي نيئن سفر جي ”باک“ ڏسي ورتي ۽ جهان رنگ وبُو کان موڪلائي ويو. عيد ڏهاڙي ظهر جي نماز کانپوءِ کيس اسٽيل مل جي فلٽر پلانٽ واري قبرستان ۾ آسوده خاڪ ڪيو ويو.....چوهٺ سالن جي حياتيءَ کي اتي جي زمين جي ڀاڪر ۾ ڀرجڻو هو. هاڻي جڏهن بلوچ صاحب ۽ هارون صاحب ڪوٽڙيءَ جي شهر خموشان ۾ آرامي آهن. جڏهن سميجو صاحب دادوءَ جي جادو واري زمين ۾ وڃي پلاٽ ورتو آهي ۽ جڏهن ان زنجير جي آخري ڪڙيءَ، فيض ٻگهئي اسٽيل ٽائون ۾ ٿاڪ ٺاهيو آهي. ته ڄڻ هڪ وڏو حصو خالي ٿي ويو آهي. اهي سينئر، جن جي فن کان سکي، اڄ جي هر چئنل تي ڪونه ڪو، روشن استعارو موجود آهي. دادوءَ کان وٺي، ڪراچيءَ تائين، زمين جي تهن ۾ لهندي، فن جي تهن جي آبياري ڪئي ۽ هڪ سدا بهار جوت ٻاري ويا......اسين، جيڪي سندن ڀائرن جيان، شاگردن جيان ۽ پونئينرن جيان آهيون، ڄاڻون ٿا ته ”فيض ٻگهئي جو قد ڪاٺ ڪيترو هو..... ها، اسين ان کي نه مڃڻ گهرون ته اها ٻي ڳالهه آهي. هي فقير، اوهان کي دعا لاءِ عرض ڪري ٿو ته جيئن، توهان جي دعا سندس ”ملڪيت“ بڻجي ۽ مٿس ڇوٽڪاري جا در، وڌيڪ وسيع ٿين. آمين
بشڪريه روزانه عبرت.