جواب: اي عيد جا چنڊ ڪجھ خيال ڪر
مٿي ڏنل عشق معجاز جي ٻنهي ٽڪرن کي هڪ کي نثري ٽڪرو يا آزاد نظم چئجي ۽ ٻي کي شعر چئجي ۔۔۔ ٻنهي ۾ ڳالهه ته خوب چيل آهي ۔۔۔۔
منهنجا دوست عبدالوهاب، ڇا اهي خيال اوهانجا پنهنجا آهن يا وري ڪٿان کنيل آهن ۔۔؟ جي اوهانجا خيال آهن ته پو ته اوهين ماشاء الله ڪوي آهيو ۽ سنڌي ٻولي ۾ اظهار جا ڌڻي آهيو پر جي ڪٿان ورتل آهن ته انهن جو حوالو هجڻ کپي ها ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اوهان به مون جيئان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ شايد نوان آهيو، نه ته انهن ٽڪڙن کي سٺي طرح سان سنواري پيش ڪرڻ جي فن مان ضرور فائدو وٺو ها ۔۔۔
خئير جڏهن پرين سمنڊ جي ڇولين جهڙو هجي ته پو عاشق جي طبيعت ۾ ماٺار ڪٿي هوندي ۔۔۔
رب اوهانجي بيان ۽ اظهار جي سگهه ۾ اڃان نکار آڻي ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت