نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ واسيو اڄ ٽنڊو محمد خان لطيفي لات جي تقريب منعقد ٿِي، جنهن ۾ شاهه سائين جا پارکو، مشهور سنڌي ڏاهي ۽ لطيف سائين جي موجوده دور جي سڀ کان وڏي پارکو محترم انب گوپانگ جي سرواڻي ۾ سر يمن ۽ يمن ڪلياڻ تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن، انهي تقريب ۾ ڪي ٽي اين جي ٽيم غلام نبي ڪيريو جي سرواڻي ۾ ڪي ٽي اين پاران 05 ڊسمبر تي ملهائجندڙ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ واري ڏيهاڙي، جي حوالي سان ڪافي اديبن کان انٽرويوپڻ ورتا، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ واري ايڪتا جي ڏيهاڙي جي حوالي سان ڪافي سنڌي اديبن ڪي ٽي اين جي سرپرست محترم قاضي علي جا ٿورا مڃيا ۽ ائين پڻ چيو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن واري حوالي سان اهو ڏينهن عيد جي ڏينهن وانگر ملهايو ويندو۔ ان ڏينهن تي هر سنڌي لازمي لازمي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ايڪتا جو ڏينهن ملهائيندو ۽ اهو نعرو هنيو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا رنگ سڀ جا سڀ ڪي ٽي اين جي سنگ۔ ان کانپو مختلف شاهه سائين جا پارکو، سُر يمن ڪلياڻ جي بيتن ۽ وائين جي اڀياس ڪئي، جنهن ۾ ڪافي ساريون معلوماتي ڳالهيون پڻ سامهون آيون، جنهن ۾ اهو طئه ڪيو ويو ته لطيف سائين سُونهن ، فطرت ۽ درد جو شاعر آهي، لطيف سائين جي بيتن ۽ شاعري ۾ اها زندگي جي روشني آهي جنهن سان سموري سنڌي ٻولي زنده و جاويدان آهي، شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ وطن جي حفاظت کان وٺي، پرين جي ساٿ جي ڳالهه ڪئي آهي۔ لطيف سائين جي شاعري ۾ حرف تجنيس ۽ تخيل جي بلندي جي ڳالهه آهي، لطيف سائين انسان ذات کي درس ڏنو آهي ته حوصلي ۽ همت کان سوا ڪا ڳالهه پنهنجي منطقي انجام تائين ڪونه پهچندي۔ پيارا دوستو ان سموري ڪاروائي جي رڪارڊنگ وڊيو جي صورت ۾ اسان جو دوست سنڌ سلامت سان پيار ڪندڙ دوست سائين عبدالمجيد سولنگي ۽ سندس پُٽ عبدالعزيز سولنگي ڪري رهيا آهن، جيئن ته منهنجي طبيعت ناساز هُئي ان ڪري آئون ٿوري دير پهرين گهر پهتو آهيان ۽ هي تصويرون انهي تقريب جون توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان باقي وڊيو تمام جلد ايڊيٽنگ ڪري توهان دوستن تائين ضرور پهچائيندس، تمام خوبصورت پروگرام جاري هُو، ان تقريب ۾ شهر ٽنڊو محمد خان، بدين، ماتلي، ڪڙيو گهنور، گولارچي، ٽکڙ، بُلڙي شاهه ڪريم، ميرپور بٺورو ۔ ٺٽو، دڙو، ۽ حيدرآباد جا لطيف سائين جا پارکو شريڪ آهن جيڪي لطيف سائين کي پنهنجي خوبصورتن لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيا آهن ۔
هاڻي پيش آهن انهي لطيفي لات واري تقريب جون تصويرون خالص سنڌ سلامت جي پيش ڪش
لطيفي لات جي تقريب جو خوبصورت ترين بينر آويزان هو
لطيفي لات جي تقريب کي اسٽيج سيڪريٽري جي حيثيت سان هلائيندڙ شاهه سائين جو بهترين پارکو، بهترين موسيقار، بهترين شاعر محترم رفيق آس لغاري
ڪي ٽي اين جو نمائندو محترم غلام نبي ڪيريو سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ڏينهن جي حوالي سان ڊاڪٽر عزيز ٽالپر سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان کان انٽرويو وٺي رهيو آهي۔
سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن جي حوالي سان توهان جي جهوني نثارناز کان ڪي ٽي اين جو نمائندو انٽرويو وٺي رهيو آهي۔
سنڌي ادب جي مختلف دوستن کان ڪي ٽي اين جو نمائندو سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ڏينهن جيڪو 5 ڊسمبر 2010 تي ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش سٿ پاران سُجاڳي ڏينهن طور ملهايو ويندو انٽرويو ڪري رهيو آهي۔