ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
خدا جو قرب~Proximity to God
جڏهن اسان خدا جي قرب جي ڳاله ڪيون ٿا ته لا شعور ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن مها انسان جي ويجهو ٿيڻو هجي. ان جو سبب اسان جي محدود ٻولي، ڄاڻ ۽ دماغ آهي. اسان جو دماغ پنهجي ڄاڻ جي بنياد تي جيڪو ڪجه عڪس خدا جي باري ۾ ٺاهي سگهي ٿو اهو ئي اسان جي خيال ۾ رهي ٿو. جيئن ته خدا ڪا ماده شئي ناهي انڪري ڪجه ماڻهن جي دماغ ۾ وري اهو خيال اڀري ٿو ته جڏهن خدا سان اسان جو ملڻ ئي ممڪن ناهي ته پوءِ خدا سان قرب جو مقصد ڇا آهي؟
هي دنيا جي ايڏي وڏي ۽ خوبصورت تصوير خدا جو مظهر ئي آهي. هي سڄو وايو منڊل خدا جي حستي سان ئي آهي، جنهن هي سڀ ڪجه بڻايو. اسين هن جهان جي ذريعي ئي کيس سڃاڻون ٿا. جيئن ته هر شئي ۾ خدا جو پرتوو آهي، هر شئي ۾ ۽ هرجاءِ تي ان جو جلوو موجود آهي انڪري خدا سان قرب جو مطلب آهي هن پوري جهان سان قرب. سڀني انسانن سان قرب، قدرت سان قرب ۽ ساري سنسار سان قرب. هتي شاه سائين جي سُر سسئي جون سٽون ڪيڏو نه ٺهڪي اچن ٿيون؛
ووڙِيَمِ سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جتَ جي؛
اَللهُ بِڪُلِّ شَيۡءٍ مُحِيۡطُ، اِي آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ؛
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينهي ٻيو ٻَروچَ ري
اَللهُ بِڪُلِّ شَيۡءٍ مُحِيۡطُ، اِي آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ؛
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينهي ٻيو ٻَروچَ ري
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇِين ڪوهُ پَهي؟
وَ فِي اَنۡفُسۡڪُمۡ، اَفَلا تُبۡصِرُوۡنَ، سُوجھي ڪَرِ سَهي؛ڪڏهن ڪانه وَئي، هوتُ ڳولَڻَ هٽَ تي
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪُوہُ پَرِياڻُ؟
وَنَـحۡنُ اَقۡرَبُ اِلَيۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ، تُنهنجو توهين ساڻُ؛پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي
هيڪَرَ هئڻُ ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِئين عَجِيبَ کي؛
مَارَاَيۡتُ شَيۡئاً اِلاَّ وَرَاَيۡتُ اللهَ، نيئِي اجھا اوڏانهين اَڏ؛
ته هوتُ توهين کان هڏِ، پِرِين پاسي نه ٿِئي
مَارَاَيۡتُ شَيۡئاً اِلاَّ وَرَاَيۡتُ اللهَ، نيئِي اجھا اوڏانهين اَڏ؛
ته هوتُ توهين کان هڏِ، پِرِين پاسي نه ٿِئي
Posted in Sindhi, spirituality, sufism | 1 Comment »
نيڪين جي ماپ تور~Weighing Benevolence
October 9, 2010 by bhittai
انسان جي سڃاڻپ نيڪي ساڻ آهي ۽ نيڪي جو مقصد ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ آهي. هر انسان جي اها خواهش رهي ٿي ته نيڪي ڪمائجي. نيڪي ڪرڻ ۾ خفو آهي. اسان مان ڪجه ماڻهو نيڪيون ڪمائڻ جي خيال کان ڏينهن رات محنت ڪن ٿا ته ڪيترائي ٽوٽي ماڻهو محنت ۽ قرباني ڪرڻ بنا گهر ويٺي نيڪيون ڪمائڻ لاءِ ڪوشان رهن ٿا. جيئن شاه سائين فرمايو؛
خُوبِيءَ مَنجِه خِفَتِ، اها دوستَ دِقتِ، آهي عبدالطيف کي
بهترين نيڪي اها آهي جيڪا لڪي ڪجي. نيڪي ڪمائڻ ۽ پنهنجي دل خوش ڪرڻ ۾ فرق آهي. ڪيترائي همراه پنهنجي دل خوش ڪرڻ کي نيڪي جو نالو ڏين ٿا. ته وري ڪيترائي ماڻهو نيڪي ڏيکاءَ لاءِ ڪن ٿا. انهن جو مقصد ماڻهن جي ڀلائي نه پر پنهنجو نالو روشن ڪرڻ هوندو آهي. انهن جي نيڪي واري ڪرت ان مهل پوري ٿي ويندي آهي جڏهن سندن مقصد پورو ٿي وڃي ٿو. سندن جي لاءِ شاه سائين فرمايو ته؛
ڪَتِ به ڪَنبُ به، اڳيان تورِيندَڙ ٿِي تِکا
جيڪي پُڙيون پَيون ٿِي سيجَ تي، سي ته کڻِي ويندءِ واءُ
جي اَگهئِي ته پاءُ، نه ته مَڻنِ کي ئِي موٽَ ٿِي
جيڪي پُڙيون پَيون ٿِي سيجَ تي، سي ته کڻِي ويندءِ واءُ
جي اَگهئِي ته پاءُ، نه ته مَڻنِ کي ئِي موٽَ ٿِي
ورد ۽ وظيفا انسان جي پنهنجي سڪون ۽ خدا سان قربت حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهن، انهن کي نيڪيءَ جي بدلي ۾ ڪتب نه ٿو آڻي سگهجي. ورد وظيفو ۽ ذڪر اهي تمام اتم شيون آهن، جنهن مقصد جي لاءِ اهي اسان کي ٻڌايا ويا آهن اسان ان جي ابتڙ انهن جو استعمال ڪيون ٿا. رڳو ٿوري ترتيب ڦيرڻ سان پوري دنيا تباه ٿي سگهي ٿي، اسان ته مذهب ۽ نيڪي جا هاڃان ٿا هڻندا وتون ۽ پوءِ سوچون ٿا ته مذهب مان ڪجه حاصل نه ٿو ٿئي. ساڳيو مذهب ساڳيون ڳالهيون آهن پر پورو جڳ بتال آهي
ان جي ڪري ڪيترن ماڻهن جو مذهب تان ئي ويساه کڄندو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مذهب نيڪي ۽ ڀلائي جي بجاءِ رڳو منتر ۽ شوڪارن جو نالو آهي ته پوءِ اهو قابل قبول ناهي. قرآن ۾ ڪيترائي ڀيرا چيو ويو آهي ته آخر توهان سوچو ڇو نه ٿا ۽ عقل کان ڪم ڇونه ٿا وٺو! جي اسان عقل کان ڪم نه ٿا وٺون ته اها اسان جي ڪوتاهي آهي نه ڪي مذهب جي
بشڪريه ڀٽائي جو اوتارو