شاھ عبدالطيف ڀٽائي هڪ آفاقي شاعر (پرويز شمس ڪلوڙ) شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي فڪر ۽ فلسفي ۾ پنهنجي همعصرن ۾ نمايا مڪام رکي ٿو، هو مسڪين ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي سار به لهي ٿو ته درد مندن دلين جي ترجماني به ڪري ٿو،سندس پيغام الهامي ۽ آفاقي آهي جنهن ۾ وطن پرستي ،انسان دوستي، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنل آهي.شاھ سائين جو فڪر عالمي حيثيت رکي ٿو، جتي هن جھانگين ۽ جھوپن جو ذڪر ڪيو آهي اتي هن ڪائنات جي ذري ذري کي به نه وساريو آهي سندس ڪلام ۾ جيڪا سلامت ۽ بلاغت آهي تنهن سان اڄ تائين ڪو بر ميچي نه ٿو سگھي، هو ڏکويل انسانن جو ترجمان آهي. لاکيڻو لطيف مارئي جي روپ ۾ وطن پرستيءَ جو لازوال ذڪر ڪيو آهي پر سندس آفاقيت ان منجھان ظاهر آهي ته هو سنڌ ڌرتيءَ جو ئي شاعر نه آهي بلڪ کيس پوريدنيا جو اونو ۽ الڪو آهي.جيئن هڪ هنڌ چئي ويٺو ته: ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.“ هن بيت منجھان بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته شاھ سائين کي صرف سنڌ ڌرتي نه بلڪ پوري عالم جو الڪو آهي. هو تنگ نظر نه ٿو اچي، بلڪ هڪ ڪشاده دل ۽ وسيع نظر انسان بنجي سامهون اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻ پوري ڪائنات لاءِ دعاگو آهي ۽ ان جي خوشحاليءَ جو فڪر دامنگير اٿس. سرتاج الشعراءُ لاکيڻي لطيف جي اها وسيع القابي آهي هو بلا امتياز ذات پات، رنگ و نسل، مذهب ۽ ٻولي جي فرق خوشحالي ۽ چڱڀلائيءَ لاءِ فڪرمند آهي. شاھ سائين سنڌ سميت تمام دنيا جي ڀلائي چاهيندي ڌڻيءَ در دعاگو آهي سندس آرزو ۽ تمنا اهائي آهي ته سمورا ڌرتي ڄاوا خوش هجن. ۽ هو سندن سرهائيءَ جو تمنائي نظر اچي ٿو. شاھ ڀٽائي ڪائنات جي غور و فڪر ۽ مشاهدي جي جي پناھ قوت رکي ٿو سنياسين ۽ ساڌن جي سنگت اختيار ڪري ڪينجھر، ٺٽو، لاهوت، هنگلاج، ڪڇ، جھوناڳڙھ، گرنار، ننگرپارڪر، جوڌپور ۽ جيسلمير جو سفر ڪيائين. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جو عقيدو اهو هو ته ڪائنات حق جو ظهور آهي، تنهن ڪري هر شي ۾ خدا جي ذات جو جلوو پوشيده آهي.اهو ئي سبب آهي جو کيس هر انسان ۾ خدائي جلوو نظر اچي ٿو. کيس ڪائنات جي هر فرد سان محبت صرف ان ڪري آهي، جو هن کي ان انسان ۾ الله جو جلوو نظر اچي ٿو، پوءِ کيس ڪو ڪارو ۽ گورو مسلمان ۽ غير مسلم محسوس نه ٿو ٿئي. شاھ سائين امن ۽ آشتي جو پيمبر آهي، هن وٽ ذات پات رنگ ۽ نسل جو فرق ڪونهي هو سڀني سان هڪ جھڙو ۽ هڪ جيترو پيار ڪري ٿو، اهوئي سبب آهي جو پوري جهان جي امن ۽ خوشحاليءَ جو تمنائي آهي، هو سڀني جو گھڻگھرو آهي، دنيا جي گولي تي آفريڪا ۽ چين، جيسلمير ۽ جھوناڳڙھ جي رهواسين کي اوپرو ۽ غير نه ٿو سمجھي، بلڪ سمجھي ٿو ته سڀ آدم جو اولاد آهن. هنن جو ڏک ۽ درد کيس پنهنجو محسوس پيو ٿئي، هن وٽ امير ۽ ڏاڍي مڙس جو تصور اهو ڪونهي ته هڪٻئي کي هيسائي ۽ دٻائي رکجي،بلڪ ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ آئي ويل ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو. سنڌ جي لاکيڻي لال حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي ٿر جي وارياسي مٽيءَ کان وٺي پورهيت، هري ناري، اٻوجھ ۽ بي پهچ مسڪينن، سادڙن ماروئڙن سميت پوري ڪائنات کي هڪ نظر سان ڏٺو آهي.سندس اک ۾ مير ڪونهي، سندس نگاھ جي وسعت لازوال ۽ لافاني آهي. هو سانگيئڙن ۽ سورن سٽيل انسانن جا ڏک درد هڪ نظر ۾ پروڙي ٿو وٺي، نتيجي ۾ هو ڪنهن کي ڏکارو ڏسڻ نه ٿو گھري، بلڪ سندس خوشي ۽ شادمانين ۾ خوش ٿئي ٿو. شاھ سائين الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات ۾ ڪامل ويساھ رکي ٿو، ۽ انهيءَ لاءِ ان ذات کي عرض ٿو ڪري ته هو پوري انسان ذات کي سک ۽ آرام پهچائي ۽ ڪو ڏک نه ڏئي، ڌرتي سک ۽ شانتي جو گھوارو هجي، ڪو لٽيرو، ڪو ظالم ڌرتي جو سک نه ڦٽائي، هر هنڌ امن ۽ آشتي هجي، هر ڪو هڪٻئي جو احترام ۽ عزت ڪري. انتقام جي باھ جو پاڇو ئي نه پوي. درگذر ۽ بخشش ئي بخشش هجي.هر ڪو پنهنجو معاملو پاڻ ئي حل ڪري. ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي معاملي ۾ مداخلت جي ضرورت ئي پيش نه اچي، هر طرف آرام ئي آرام هجي، سڪون ۽ شانتي هجي، پوري ڪائنات جي ڌرتي سر سبز ۽ شاداب هجي، گل و گلزار هجي، ساوڪ ئي ساوڪ هجي ۽ هر ڪو مخلوق جي محتاجيءَ کان آجو هجي. انهن مٿين ڳالهين منجھان لطيف سائين جي آفاقيت ۽ الهاميت جي پروڙ چڱي ريت پوي ٿي.لطيف سائين سنڌ ڄائو آهي، فطري طور سندس وطن سان محبت لازمي جز آهي.پر پاڻ فقط سنڌ پرستي تائين محدود نه ٿو رهي، بلڪ پوري انسانيت لاءِ سوچي ٿو، ۽ کيس پاڻڀرو ۽ خوشحال ڏسڻ گھري ٿو، اهو اعزاز منهنجي خيال ۾ لطيف سائين کانسواءِ ڪنهن ٻئي شاعر جي نصيب ۾ ڪونه آيو آهي، تنهن ڪري لطيف ڀلاري کي سنڌ يا ڪنهن مخصوص علائقي تائين محدود نه ٿو ڪري سگھجي، ۽ نه وري کيس علاقائي شاعر چئي سگھجي ٿو. ڀٽائي گھوٽ ڪنهن به طرح محدود نه پر لامحدود سوچ ۽ فڪر جو مالڪ آهي، سندس پيغام پوري عالم (دنيا) لاءِ آهي ۽ يقين سان چئي سگھجي ٿو ته پوري دنيا جو شاعر آهي کيس جاگرافيائي حد بندين تائين محدود نه ٿو ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ ته کيس پوري عالم جو اونو ۽ الڪو دامنگير آهي.