ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
بشير احمد صاحب جو حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شخصيت۽ شاعري تي
ادا مولانه رح جي شخصيت ۽ علم ادب شاعري جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي، پاڻ نه صرف سٺا شاعر هئا، مگر پاڻ هڪ يگانا عالم ۽ قرآن ۽ سنت جا پابند عالم ۽ بزرگ هئا، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ۽ مولانه صاحب کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي، بلخصوص مان ته سندس شخصيت ۽ علم جي ڪري، مولانه حاجي احمد صاحب جو عاشق آهيان، مون وٽ ته مولانه رح جو مڪمل قرآن جو منظوم سنڌي ترجمو پڻ موجود آهي ( جيڪو مون کي منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙي صاحب ۔۔۔۔۔ ايڊيٽر ماهوار السنڌ اسلام آباد ۔۔۔۔۔ گفٽ ڪري اسلام آباد مان موڪليو هو،) جنهن لاء منهنجي اها ڪوشش رهندي ته سندس جو منظوم قرآن جو ترجمو نيٽ جي دوستن لاء نيٽ تي پڻ آڻجي ته جيئن اسان جا نيٽ استعمال ڪندڙ دوست پڻ حضرت مولانه حاجي احمد ملاح ره جي منظوم قرآن جي ترجمي مان فيضياب ٿي سگهن۔ مولانه صاحب پاڻ توحيد جا وڏا عالم ۽ مبلغ هئا، سندس شاعري مان توحيد جو سبق هر وقت پيو ملندو آهي، پاڻ قبرپرستي ۽ توهم پرستي جي بلڪل خلاف هئا، ۽ اهو سندن پڻ وڏو جهاد هو، دعا آهي ته ربِ ڪائنات سندس بشري خطائون ميٽي ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري ۽ سندس درجه بلند ڪري، آمين۔ مگر ادا بشير احمد صاحب اها به حقيقت آهي ته حضرت سيد شاه عبداللطيف ڀٽائي رح به صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي ( شاه عبداللطيف سنڌيءَ جو واقعي به سرتاج شاعر آهي. لطيف جي ٻولي ئي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ جي ضمانت آهي ) شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. شاه صاحب جو اهو اسان تي وڏو احسان آهي جو اهڙي لازوال ۽ ڪمال واري شاعري سنڌي ٻولي کي ڏئي ڪري سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي۔ توهان سنڌي ادب مان اگر شاه جي شاعري ۽ سندس شخصيت کي الڳ ڪندا ته توهان کي سنڌي ادب خالي خالي ۽ اڻ پورو لڳندو۔ ڀٽائي جو فڪر دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي پنڌ جوپڻ ڏس پتو آهي، ( بشير احمد صاحب ) مان توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ ۽ لازوال پيغام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ڪيترن ئي جنمن جي عقل ۽ علم جي ضرورت آهي، مگر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ۽ شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي ( بشير احمد صاحب اقبال جا شعر ۽ بيت توهان به ڪوٽ ڪندا آهيو) مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ۽ شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي مگر اها انسان جي فطرت آهي ته هميشه پنهنجو قابل ماڻهو هن کي گهٽ ۽ ٻئي قوم جو ناقابل ماڻهون به هن کي وڌيڪ نظر ايندو آهي۔ . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. منهنجا ڀاء منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو تنهن کانپوء ئي شاه جي شخصيت ۽ شاعري تي اعتراض ڪريو۔ . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سان پيار ۽ محبت جو ثبوت ڏيو. شاه جي شاعري آسان سنڌي ۾ پڻ معني ء تشريح سان هيٺ ڏني وئي آهي صرف پڙهن وارابڻجو ٌء شاه جي فڪر ء درس کي سمجهو. هيٺ مان توهان جي اعتراض کي ختم ڪرڻ لاء شاه جي شاعري مان ڪجهه بيت ڏيان ٿو جنهن ۾ توحيد کان وٺي رسالت تائين، ۽ رسالت کان وٺي صحابن جي تعريف ۽ اخلاقيات تائين، اخلاقيات کان وٺي تصوف تائين، نيڪي ڪرڻ جي حڪم کان وٺي بدي کي ڇڏڻ تائين، ۽ وهم وسوسا توهم پرستي، ۽ قبرپرستي کي ندڻ کان وٺي دل جي پاڪائي تائين، صبر تحمل کان وٺي جهاد جي فلسفي تائين جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي، شاه صاحب جو ڪو به اهڙو بيت يا وائي ڪانهي جنهن تي شريعت جي گرفت هجي يا اعتراض هجي، شاه ته اهو واحد شاعر آهي، جنهن کي مذهبي عالمن پنهنجو سمجهو آهي ته سيڪيولر عالمن اديبن وري پنهنجو سمجهو آهي، ۽ هر ڪو پيو پنهنجي اڃ اجهامڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ پنهنجي لاء هيرا موتي چونڊي، ۽ مان ته شاه صاحب کي گذريل 20 سالن کان پڙهندو پيو اچان ۽ مون کي ته شاه جي شاعري ۾ ڪو به اهڙو شعر، بيت يا وائي ناهي ملي جنهن تي شاه جي شريعت ۾ پڪڙ ٿئي يا جنهن تي شاه صاحب کي اسان ائين چئون ته (((((( جنهن شاعر جو رسالو قرآني تعليم جي خلاف هو انهي رسالي کي قرآن جي ترجماني قرار ڏيئي شهرت جي آسمانن تي پهچايو ويو۔۔۔۔ بشير احمد )))))) ادا بشير احمد صاحب حقيقي علم ، حڪمت ۽ معرفت سکڻ لاء ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن ئي حقيقي منزل حاصل ٿيندي آهي، جنهن لاء پڻ شاه صاحب فرمايو آهي ته ( ڪٽر جن اکين، سي پرين ڪيئن پسن ) حقيقت ته اها آهي ته گهٽ مان گهٽ توهان جهڙي لکيل پڙهيل عالم مان مون کي اها توقع ۽ اميد نه هئي، ان جي باوجود به توهان کي شاه جي ڪنهن بيت تي عتراض آهي ته اهو بيت توهان هن سنڌ سلامت جي فورم تي سامهون آڻيو۔
الله جي توحيد واري نظرئي جي اهميت ان مان ظاهر آهي ته الله تعالا پنهنجي پياري پيغمبر حضرت محمد عليه الصلات والسلام کي فرمايو ته ( اي نبي تون چئه ته مان توهان جهڙو هڪ انسان آهيان ۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته ۔۔۔۔ توهان کي ٻڌايان ۔۔۔ ته توهان جو معبود هڪ آهي تنهن ڪري جنهن کي پنهنجي رب سان ملڻ جي اميد آهي ، اهو نيڪ عمل ڪري ۽ پنهنجي رب جي بندگي ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري، ۔۔۔۔۔ الڪهف 110
انهيء حڪم کي اڃان به تقويت ڏيڻ لاء وڌيڪ فرمايائون ته ۔۔۔۔ الله سان ڪنهن کي به شريڪ ڪرڻ واري کي رب ڪڏهن به نٿو بخشي ۽ ان کان گهٽ ڏوهه جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ٿو ۽ جنهن الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو ان نهايت وڏو گناه ڪيو ۔ ۔۔۔۔ النساء 48
هت ڏسو شاه صاحب پڻ توحيد جي ڳالهه ٿو ڪري ته اي بندا تو جڏهن الله کي هڪ ڪري مڃيو آهي ته پوء ٻين وٽ ڇو ٿو ڌڪا کائين، بس تو لاء ته رب جي ذات ئي ڪافي آهي،
يا وري توهان شاه صاحب جي هن بيت تي غور ڪريو۔
ان کان علاوه توهان هن بيت ڏانهن ڏسو ته شاه صاحب الله تعاله لاء ڪيڏي نه سهڻي تعريف فرمائي آهي شايد دنيا جي ڪنهن به شاعر الله جي اهڙي نموني واکاڻ بيان ناهي ڪئي ۔
شاه جي شاعري ۾ حضرت محمد صلم جي رسالت جو ذڪر۔۔۔۔۔
اسان جو دين اسلام اهو ٿو سبق ڏئي ته الله تي ايمان کان پوء اسان سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله واله وسلم جن تي ايمان آڻيون۔ ورنه اسان مسلماني جي دائري ۾ شامل ٿي نه ٿا سگهون۔ ۽ سنڌ جو سهڻو شاعر حضرت شاه صاحب پڻ اسان کي اهو ٿو سبق ڏئي۔ ۽ چوي ٿو ته اي بندا تو جيڪڏهن الله کي هڪ ڪري مڃيو به آهي ته اهيو صرف ڪافي نه آهي پر تو کي ته الله جي رسول حضرت محمد صلم کي پڻ دل سان ۽ زبان سان مڃڻو پوندو، ۽ جن ائين ڪري مڃيوته پوء اهي ڪڏهن به ابتا نه ويا ۽ ڪڏهن به گمراهي ۾ نه پيا۔ ۽ اهي ئي حق تي رهيا اچو ته ڏسون۔
شاه جي شاعري ۾ نماز روزي سنتن توبه ، تسبيح ۽ سنڌي راه جو ذڪر۔۔
جهڙي ريت الله تي ايمان آڻڻ کانپوء ان جي رسول تي ايمان آڻڻو آهي اهڙي ريت ايمان آڻڻ ڪافي نه آهي پر اسان کي اسلام جي باقي ڳالهين تي پڻ عمل ڪرڻو آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين نماز جي اهميت آهي ۽ ان کان علاوه پنهنجي نفس کي سڌي راه تي هلڻ لاء پڻ ڪيترين جاڳن تي تلقين ڪئي وئي آهي جنهن لاء پڻ شاه صاحب هيئن ٿا فرمائن ته
شاه صاحب ته نماز لاء هينئن ٿو فرمائي ته اي بندا تو کي صرف نماز لاء خالي بيهڻو نه آهي پر تنهنجي نماز ته هينئن هجڻ گهرجي جو تون پان کي وساري ويهين ۽ ايئن سمجهين ته مان صرف ۽ صرف الله جي اڳيان بيٺو آهيان۔ ۽ منهنجي سامهون صرف رب جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ پنهنجو وجود ئي ختم ڪري الله جي سامهون بيهه ۽ نماز تنهنجي صحابه ڪرام رضه جهري هجڻ گهرجي۔ شاه جي شاعري ۾ پير پرستي ۽ قبر پرستي کي ندڻ جو ذڪر۔۔۔۔۔۔۔
اسان جو دين اسلام قرآن ۽ حديث جي رستي اهيو ٿو سيکاري ته پير پرستي ۽ قبر پرستي سخت منع آهي ۽ پير پرستي ۽ قبر پرستي ڪرڻ شرڪ آهي جيڪو الله تعاله ڪڏهن به نه ٿو بخشي سواء ان جي ته ان عمل کان هن دنيا ۾ ئي توبه ڪري ۽ الله تي پورو پورو ايمان آڻجي ۽ تمام نقصان ۽ فائدي جو مالڪ صرف ۽ صرف الله کي سمجهي۔ اهڙي ريت اسان جي خطي ۾ جيترا به صوفي ٿئي گذريا آهن انهن هميشه ان ڳالهه جو ئي سبق ڏنوآهي مگر افسوس جو اسان جي ماڻهن ان کي سمجهي نه سگهيو ۽ اهي پير پرستي ۽ قبر پرستي جي وڪڙن ۾ ڦاسجي ويا۔ جڏهن ته شاه صاحب انهي پير پرستي ۽ قبر پرستي کي پڻ ناپسند ڪيو آهي، ۽ ان کي خوب نديو آهي۔ ۽ فرمائن ٿا ته
شاه جي شاعري ۾ صحابه ڪرام جو ذڪر، خاص چار يارن جو ذڪر۔۔۔۔
ادا باقي عام ماڻهن کي شاه جي هن بيت تي عتراض هوندو آهي ته
سو ادا ان مان مراد قرآن جون آيتون ڪونهن پر توهان شايد عالم آهيو ته عربي ۾ آيت نشاني کي چئبو آهي ۽ شاهه صاحب فرمائن ٿا ته اي بندا تون جو منهنجي هن شاعري کي رڳو بيت ٿو سمجهين ، پر حقيقت ۾ اهي نه صرف بيت آهن مگر اهي ته اهي نشانيون آهن جيڪي تو کي الله ڏانهن وٺي وڃڻ جو ٿيون سبق ڏين، ۽ اهي صرف بيت نه آهن، بشير صاحب توهان پاڻ ڏسو ته شاه جو ڪهڙو بيت آهي جنهن مان ڀلائي جو سبق نه ٿو ملي۔ توهان صرف دل سان ۽ محبت سان سمجهن جي ڪوشش ڪريو،
ان کان علاوه شاه جي هڪ ٻئي بيت تي عام مانهون عتراض ڪندا آهن اهو هي بيت
ادا بشير احمد صاحب توهان لاء شاه جو رسالو ۽ شاه بابت مختلف مضمون جون لنڪس هت ونڊ ڪيان ٿو جنهن کي توهان ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔ ، اميد ته توهان انهن مان فائدو حاصل ڪندا۔
اعتراض ۽ ان جو جواب
ادا ممتاز مهرباني مولانا حاجي احمد ملاح صاحب جي شاعري ۾ توحيدباري تعالي جي ترجماني ٿيل آهي پر انتهائي افسوس جو مقام آهي ته جنهن شخص حقيقي قرآن مجيد جو سندهي منظوم ترجمو ڪيوان کي ته نظر انداز ڪيو ويو پر جنهن شاعر جو رسالو قرآني تعليم جي خلاف هو انهي رسالي کي قرآن جي ترجماني قرار ڏيئي شهرت جي آسمانن تي پهچايو ويو هن عظيم شاعر کي نه صرف نظر انداز ڪيو ويو پر سنڌي شاعري ۾ ٻيو يا ٽيون مقام به نه ڏنو ويو جنهن جو سبب شايد سنڌي ادب جا اهي ٺيڪدار آهن جن کي اسلام جي سچي ۽ حقيقي ترجماني هضم نه ٿي سگهي ۔
ادا مولانه رح جي شخصيت ۽ علم ادب شاعري جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي، پاڻ نه صرف سٺا شاعر هئا، مگر پاڻ هڪ يگانا عالم ۽ قرآن ۽ سنت جا پابند عالم ۽ بزرگ هئا، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ۽ مولانه صاحب کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي، بلخصوص مان ته سندس شخصيت ۽ علم جي ڪري، مولانه حاجي احمد صاحب جو عاشق آهيان، مون وٽ ته مولانه رح جو مڪمل قرآن جو منظوم سنڌي ترجمو پڻ موجود آهي ( جيڪو مون کي منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙي صاحب ۔۔۔۔۔ ايڊيٽر ماهوار السنڌ اسلام آباد ۔۔۔۔۔ گفٽ ڪري اسلام آباد مان موڪليو هو،) جنهن لاء منهنجي اها ڪوشش رهندي ته سندس جو منظوم قرآن جو ترجمو نيٽ جي دوستن لاء نيٽ تي پڻ آڻجي ته جيئن اسان جا نيٽ استعمال ڪندڙ دوست پڻ حضرت مولانه حاجي احمد ملاح ره جي منظوم قرآن جي ترجمي مان فيضياب ٿي سگهن۔ مولانه صاحب پاڻ توحيد جا وڏا عالم ۽ مبلغ هئا، سندس شاعري مان توحيد جو سبق هر وقت پيو ملندو آهي، پاڻ قبرپرستي ۽ توهم پرستي جي بلڪل خلاف هئا، ۽ اهو سندن پڻ وڏو جهاد هو، دعا آهي ته ربِ ڪائنات سندس بشري خطائون ميٽي ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري ۽ سندس درجه بلند ڪري، آمين۔ مگر ادا بشير احمد صاحب اها به حقيقت آهي ته حضرت سيد شاه عبداللطيف ڀٽائي رح به صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي ( شاه عبداللطيف سنڌيءَ جو واقعي به سرتاج شاعر آهي. لطيف جي ٻولي ئي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ جي ضمانت آهي ) شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. شاه صاحب جو اهو اسان تي وڏو احسان آهي جو اهڙي لازوال ۽ ڪمال واري شاعري سنڌي ٻولي کي ڏئي ڪري سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي۔ توهان سنڌي ادب مان اگر شاه جي شاعري ۽ سندس شخصيت کي الڳ ڪندا ته توهان کي سنڌي ادب خالي خالي ۽ اڻ پورو لڳندو۔ ڀٽائي جو فڪر دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي پنڌ جوپڻ ڏس پتو آهي، ( بشير احمد صاحب ) مان توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ ۽ لازوال پيغام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ڪيترن ئي جنمن جي عقل ۽ علم جي ضرورت آهي، مگر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ۽ شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي ( بشير احمد صاحب اقبال جا شعر ۽ بيت توهان به ڪوٽ ڪندا آهيو) مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ۽ شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي مگر اها انسان جي فطرت آهي ته هميشه پنهنجو قابل ماڻهو هن کي گهٽ ۽ ٻئي قوم جو ناقابل ماڻهون به هن کي وڌيڪ نظر ايندو آهي۔ . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. منهنجا ڀاء منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو تنهن کانپوء ئي شاه جي شخصيت ۽ شاعري تي اعتراض ڪريو۔ . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سان پيار ۽ محبت جو ثبوت ڏيو. شاه جي شاعري آسان سنڌي ۾ پڻ معني ء تشريح سان هيٺ ڏني وئي آهي صرف پڙهن وارابڻجو ٌء شاه جي فڪر ء درس کي سمجهو. هيٺ مان توهان جي اعتراض کي ختم ڪرڻ لاء شاه جي شاعري مان ڪجهه بيت ڏيان ٿو جنهن ۾ توحيد کان وٺي رسالت تائين، ۽ رسالت کان وٺي صحابن جي تعريف ۽ اخلاقيات تائين، اخلاقيات کان وٺي تصوف تائين، نيڪي ڪرڻ جي حڪم کان وٺي بدي کي ڇڏڻ تائين، ۽ وهم وسوسا توهم پرستي، ۽ قبرپرستي کي ندڻ کان وٺي دل جي پاڪائي تائين، صبر تحمل کان وٺي جهاد جي فلسفي تائين جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي، شاه صاحب جو ڪو به اهڙو بيت يا وائي ڪانهي جنهن تي شريعت جي گرفت هجي يا اعتراض هجي، شاه ته اهو واحد شاعر آهي، جنهن کي مذهبي عالمن پنهنجو سمجهو آهي ته سيڪيولر عالمن اديبن وري پنهنجو سمجهو آهي، ۽ هر ڪو پيو پنهنجي اڃ اجهامڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ پنهنجي لاء هيرا موتي چونڊي، ۽ مان ته شاه صاحب کي گذريل 20 سالن کان پڙهندو پيو اچان ۽ مون کي ته شاه جي شاعري ۾ ڪو به اهڙو شعر، بيت يا وائي ناهي ملي جنهن تي شاه جي شريعت ۾ پڪڙ ٿئي يا جنهن تي شاه صاحب کي اسان ائين چئون ته (((((( جنهن شاعر جو رسالو قرآني تعليم جي خلاف هو انهي رسالي کي قرآن جي ترجماني قرار ڏيئي شهرت جي آسمانن تي پهچايو ويو۔۔۔۔ بشير احمد )))))) ادا بشير احمد صاحب حقيقي علم ، حڪمت ۽ معرفت سکڻ لاء ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن ئي حقيقي منزل حاصل ٿيندي آهي، جنهن لاء پڻ شاه صاحب فرمايو آهي ته ( ڪٽر جن اکين، سي پرين ڪيئن پسن ) حقيقت ته اها آهي ته گهٽ مان گهٽ توهان جهڙي لکيل پڙهيل عالم مان مون کي اها توقع ۽ اميد نه هئي، ان جي باوجود به توهان کي شاه جي ڪنهن بيت تي عتراض آهي ته اهو بيت توهان هن سنڌ سلامت جي فورم تي سامهون آڻيو۔
باقي اچو ته شاه صاحب جي شاعري جو جائزو وٺون
شاه صاحب جي شاعري ۾ توحيد جو ذڪر ۽ سبق۔۔۔۔۔۔۔
انهيء حڪم کي اڃان به تقويت ڏيڻ لاء وڌيڪ فرمايائون ته ۔۔۔۔ الله سان ڪنهن کي به شريڪ ڪرڻ واري کي رب ڪڏهن به نٿو بخشي ۽ ان کان گهٽ ڏوهه جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ٿو ۽ جنهن الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو ان نهايت وڏو گناه ڪيو ۔ ۔۔۔۔ النساء 48
هت ڏسو شاه صاحب پڻ توحيد جي ڳالهه ٿو ڪري ته اي بندا تو جڏهن الله کي هڪ ڪري مڃيو آهي ته پوء ٻين وٽ ڇو ٿو ڌڪا کائين، بس تو لاء ته رب جي ذات ئي ڪافي آهي،
وحده لا شريڪ له، جان تون چئين اي
تان مڃ محمد ڪارڻي نرتون منجهان نينهن تان وڃيو ڪيئن ، نائين سر ٻين جي۔
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
ان کان علاوه توهان هن بيت ڏانهن ڏسو ته شاه صاحب الله تعاله لاء ڪيڏي نه سهڻي تعريف فرمائي آهي شايد دنيا جي ڪنهن به شاعر الله جي اهڙي نموني واکاڻ بيان ناهي ڪئي ۔
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
اسان جو دين اسلام اهو ٿو سبق ڏئي ته الله تي ايمان کان پوء اسان سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله واله وسلم جن تي ايمان آڻيون۔ ورنه اسان مسلماني جي دائري ۾ شامل ٿي نه ٿا سگهون۔ ۽ سنڌ جو سهڻو شاعر حضرت شاه صاحب پڻ اسان کي اهو ٿو سبق ڏئي۔ ۽ چوي ٿو ته اي بندا تو جيڪڏهن الله کي هڪ ڪري مڃيو به آهي ته اهيو صرف ڪافي نه آهي پر تو کي ته الله جي رسول حضرت محمد صلم کي پڻ دل سان ۽ زبان سان مڃڻو پوندو، ۽ جن ائين ڪري مڃيوته پوء اهي ڪڏهن به ابتا نه ويا ۽ ڪڏهن به گمراهي ۾ نه پيا۔ ۽ اهي ئي حق تي رهيا اچو ته ڏسون۔
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
جهڙي ريت الله تي ايمان آڻڻ کانپوء ان جي رسول تي ايمان آڻڻو آهي اهڙي ريت ايمان آڻڻ ڪافي نه آهي پر اسان کي اسلام جي باقي ڳالهين تي پڻ عمل ڪرڻو آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين نماز جي اهميت آهي ۽ ان کان علاوه پنهنجي نفس کي سڌي راه تي هلڻ لاء پڻ ڪيترين جاڳن تي تلقين ڪئي وئي آهي جنهن لاء پڻ شاه صاحب هيئن ٿا فرمائن ته
وحده لا شريڪ له چئي چوندو آءُ
فرض واجب، سنتون تنئون ترڪ م پاءِ
توبه سندي تسبيح پڙهڻ سان پڄاءُ
نگا پنهنجي نفس کي ڪا سنئين راه سونهاءِ
ته سندي دوزخ باه تو اوڏيائي نه اچي
فرض واجب، سنتون تنئون ترڪ م پاءِ
توبه سندي تسبيح پڙهڻ سان پڄاءُ
نگا پنهنجي نفس کي ڪا سنئين راه سونهاءِ
ته سندي دوزخ باه تو اوڏيائي نه اچي
جان جان پسين پان کي ، تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو۔
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو۔
اسان جو دين اسلام قرآن ۽ حديث جي رستي اهيو ٿو سيکاري ته پير پرستي ۽ قبر پرستي سخت منع آهي ۽ پير پرستي ۽ قبر پرستي ڪرڻ شرڪ آهي جيڪو الله تعاله ڪڏهن به نه ٿو بخشي سواء ان جي ته ان عمل کان هن دنيا ۾ ئي توبه ڪري ۽ الله تي پورو پورو ايمان آڻجي ۽ تمام نقصان ۽ فائدي جو مالڪ صرف ۽ صرف الله کي سمجهي۔ اهڙي ريت اسان جي خطي ۾ جيترا به صوفي ٿئي گذريا آهن انهن هميشه ان ڳالهه جو ئي سبق ڏنوآهي مگر افسوس جو اسان جي ماڻهن ان کي سمجهي نه سگهيو ۽ اهي پير پرستي ۽ قبر پرستي جي وڪڙن ۾ ڦاسجي ويا۔ جڏهن ته شاه صاحب انهي پير پرستي ۽ قبر پرستي کي پڻ ناپسند ڪيو آهي، ۽ ان کي خوب نديو آهي۔ ۽ فرمائن ٿا ته
پوڄا ڪارڻ پاڻ کي شرڪ شيطاني شر
پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر
هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر
ٻنهي واٽون ورسجي ، ناحق وڌو پاڻ کي
پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر
هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر
ٻنهي واٽون ورسجي ، ناحق وڌو پاڻ کي
جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پروار
چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين
حامي حادي هاشمي ،سردارن سردار
سونهين صحابن سٿ ۾ منجهه مسجد مڻيادار چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين
ادا باقي عام ماڻهن کي شاه جي هن بيت تي عتراض هوندو آهي ته
تو جي بيت ڀانيان سي آيتون آهين،
ان کان علاوه شاه جي هڪ ٻئي بيت تي عام مانهون عتراض ڪندا آهن اهو هي بيت
نماز روزو پڻ چڱو ڪم، اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي
ادا اسلام ته اسان کي اهيو ٿو سبق سيکاري ته تمام عملن جو دارومدار نيتن تي آهي، اگر نيت صاف آهي ته عمل به قبول اگر نيت ۾ کوٽي آهي ته پوءِ ان عمل جي به اهميت نه آهي اهڙي ريت شاه صاحب پڻ فرمائن ٿا ته اي بندا نماز روزو پڻ چڱو ڪم آهي مگر ان کان پهرين نيت جي اندر جي من جي صفائي ضروري آهي، ۽ شاه جي نظر ۾ ٻيو فهم ڊل جي صفائي آهي، اگر دل صاڦ هوندي ته تنهنجو رب تو ساڻ هوندو۔ ۽ شاه صاحب ڪڏهن به نماز کي گهٽ ناهي سمجهيو، ۽ سندس زندگي تي نّظر وجهون ٿا ته پاڻ به نماز جا پابند نظر اچن ٿا، ۽ شاه صاحب جي ذاتي زندگي به ڪا داغدار ڪانهي، جڏهن ته توهان علامه اقبال صاحب جي شاعري ۽ شخصيت کي پسند ته ڪريو ٿا، ۽ علامه صاحب واقعي قابلِ تعريف آهن، مگر جڏهن سندس شخصيت تي نّظر وجهبي ته انهن جي شخصيت داغدار نظر ايندي، توهان علامه صاحب جي زندگي تي لکيل ڪتاب پڻ پڙهي ڏسو، پر شاه صاحب ان جي ابتڙ نظر ايندا ۽ جهڙي شاه جي شاعري توهان کي نظر ايندي اهڙي ئي سندن شخصيت۔ ادا بشير احمد صاحب توهان لاء شاه جو رسالو ۽ شاه بابت مختلف مضمون جون لنڪس هت ونڊ ڪيان ٿو جنهن کي توهان ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔ ، اميد ته توهان انهن مان فائدو حاصل ڪندا۔