عورت هڪ لفظ هزارمعنائون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عورت هڪ لفظ هزارمعنائون​
    ۔

    [​IMG]
    سيال حيات

    روزِ ازل کان وٺي اڄ تائين دنيا ۾ بي شمار موضوعن تي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، جن ۾ ڪجهه موضوع حالاتن جا محتاج ڪجهه وقت جي پئداوار ۽ ڪجهه ضروريات جي ايجاد. جن ۾ اڪثر موضوع حالات ۽ واقعات جي تبديلي سان ختم يا تبديل ٿيندا رهيا آهن پر جنهن موضوع تي صدين کان وٺي مسلسل بحث ٿيندو رهيو آهي اهو آهي عورت. هي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي تمام گهڻو ۽ مختلف انداز سان ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي. شاعرن جي شاعري عورت کان سواءِ اڌوري، مذهبي تقريرون ۽ نصيحتون به اڪثر عورت لاءِ ته سماجي قائدا ۽ قانون به عورت لاءِ، گهريلو ذميواريون به عورت لاءِ، ثقافتي ۽ تهذيبي ريتون ۽ رسمون به عورت لاءِ.
    ساڳي عورت ڪٿي سونهن ۽ سوڀيا جي راڻي ته ڪٿي نفرت جي نگاهه جو مرڪز، ڪٿي جمالياتي ۽ جذباتي لڳاءُ جو مرڪز ته ڪٿي خواهشن جو ماڳ. ڪڏهن مريم جهڙي مقدس ته ڪڏهن جنگ و جدل ۽ خون خرابي جو باعث. ڪٿي ماءُ جي روپ ۾ ديوي سمان، ڀيڻ جي روپ ۾ ڇپر ڇانوَ، ڌيءُ جي روپ ۾ خدا جي رحمت ۽ زال جي روپ ۾ زندگي جو همسفر ته ڪٿي زندگي جي انتهائي زلت جو سبب. ڪٿي دلين جي ديس جي فاتح ته ڪٿي ڪاري ٿي ڪُٺل. ڪٿي مرڪن جو مرهم هڻي من جي مونجهارن کي ميٽيندڙ ته ڪٿي نيڻن جي نيزن سان گهائيندڙ. ڪٿي جلون سان جادو ڪندڙ ته ڪٿي مظلوم ۽ محڪوم. مطلب ته هر لحاظ کان عورت انساني معاشري ۾ بحث جو موضوع رهي آهي.
    اهو معاشرو جنهن جو وجود خود به عورت کانسواءِ نه صرف اڌورو آهي پر جيڪڏهن عور ت کي الڳ ڪجي ته ان جي بقا تي به سواليه نشان لڳي وڃي. ان معاشري جي ارتقائي تاريخ جا ورق ورائبا ته معلوم ٿيندو ته هن سماج جي ترقي ۽ تنزلي ۾ عورت جو هڪجهڙو ڪردار رهيو آهي. دنيا جا ڪيترائي وڏا وڏا فاتح ميدان جنگ ۾ ته سوڀارا ٿيندا هئا پر ڪنهن نازڪ حسينه جي نگاهن جو شڪار بنجي ويندا هئا. اهڙي طرح ڪيئي جنگيون وري عورتن جي سپهه سالاري ۾ فتح ٿيون ۽ سموري قوم کين راڻي ۽ مها راڻي جو خطاب ڏنو. ۽ ڪڏهن وري وقت جا بادشاهه مير علينواز ناز وانگر عوام جي ٽرين ڀرائي ميڙ ڪري هڪ بالي کي پرچائڻ لا۽ ڳل ڳچيءُ ڳارو پاتو. انهن سڀني ڪاميابين ۽ ڪامرانين کان پوءِ به سراسري طور ڏسبو ته خبر پوندي ته پوري دنيا ۾ پٺتي پيل ملڪن کان وٺي ترقي پذير ۽ ترقي يافته ملڪن تائين سڌي يا اڻ سڌي ريت عورت، مرد جي حڪمراني هيٺ رهي آهي ۽ انتهاپسندي کان وٺي سوشلسٽ نظرين تائين عورت پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ ۾ هارايل نه چئبي ته فاتحه به نه چئي سگهبي. ها باقي ايترو ضرور چئبو ته هو ڪٿي به ٿڪجي ويٺي ناهي، ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن محاذ تي هو پنهنجي جيون جي جنگ ۾ ايئن ئي جنبيل آهي جيئن شهنشاهه لطيف چيو آهي ته ”جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾“، يا وري ايئن ته ”کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن.“
    جيئن ته هي مرداڻو معاشرو آهي تنهنڪري گهرو لائيف کان ويندي نوڪري تائين عورت ڪنهن نه ڪنهن طريقي مرد جي مرضي جي تابع رهي آهي. ايئن آخر ڇو آهي؟ ان جو تڪڙو ۽ بنا سوچيل سمجهيل جواب اهو ملندو آهي ته عورت صنفِ نازڪ آهي. پر منهنجي خيال ۾ ايئن هرگز ناهي. عورت کي ڄاڻي واڻي مختلف بهانن سان پوئتي ڌڪيو ويو آهي نه ته ان کي جڏهن به موقعو مليو آهي ته هن پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏانءَ، بهادري ۽ بي ڊپائيءَ سان گڏ شعور ۽ آگهي جا ڪيئي مثال قائم ڪيا آهن جن جي تاريخ گواهه آهي.
    جديد دور ۾ان جو مثال محترمه بينظير ڀٽو کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏئي سگهجي ٿو جنهن ڪٺن حالات ۾ پارٽي قيادت سنڀالي ۽ پنهنجي سمجهه ۽ دانائي سان ان کي اهڙو ته ڪاميابي سان هلايو جو ٻه دفعا وزير اعظم چونڊي ۽ بهادري اهڙي جو ڪارساز جهڙن واقعن ۾ معجزانه طور بچڻ کان پوءِ به پاڻ کي عوام کان پري نه رکيو. اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته سندس شهادت کي ٽي سال گذرڻ کانپوءِ به سندس ئي پارٽي جي حڪومت ۾ نه سندس قاتلن جو سراغ مليو نه ڪارساز تي ٿيل بم حملن جو پتو پيو. روڊن تان رت ڌوپي وئي ۽ دلين تان درد ميسارجي ويا پر ظلم ۽ ظالم جو نه اتو نه پتو۽ نه ڪا سنجيده ڪوشش جيڪا ڪنهن وياڪل من لاءِ آٿت ۽ آسرو بنجي سگهي.
    تاريخي صفحن کي اٿلائبو ته هزارين نالا آهن جن عورت جي نانءُ کي هن دنيا جي تختي تي سونهري لفظن ۾ لکيو آهي. جيڪي هر ظلم جي سامهون ٿي بيٺيون ۽ هر ظالم سان اکيون اکين ۾ ملائي پنهنجي حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. دور جديد ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ سونيا گاندهي ڪهڙي طرح پنهنجي پارٽي تي گرفت قائم ڪئي آهي ۽ ڪهڙي طرح هندستان جي اقتداري ايوانن جو نظام هلائي رهي آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. آمريڪا جهڙي رياست ۾ هليري ڪلنٽن جو اهم منصب تي فائز ٿيڻ به ان ڳالهه جو مظهر آهي ته عورت هر ميدان ۾ مهارت رکي ٿي.. شايد اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي ساڃاهه وندن جي سرواڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پوري رسالي ۾ مخاطب عورت کي بنايو. ڪڏهن اديون شاهه لطيف چئي، ڀينر شاهه لطيف چئي، جيجل شاهه لطيف چئي يا وري... ماءُ وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي... يا وري آيل ان نه وسهان هنجون جي هارين يا وري ڪنديس ڪڄاڙو ڀينر هن ڀنڀور ۾. نه صرف ايترو پر ڪيترن سرن جا نالا ئي عورت سان منسوب ڪيا جيئن سر مارئي، سسئي، ڪوهياري، سورٺ وغيرهه
    انهن سڀني ڳالهين جو نچوڙ اسان کي ان نتيجي تي پهچائي ٿو ته عورت جي وجود بنا سنسار جي سونهن ٻُسي آهي. عورت جي ساٿ ۽ سهڪار بنا هر ڪاڄ ڇُسو آهي. ۽ عورت جي شموليت بنا هر عمل اڌورو آهي، بلڪل ايئن ئي جيئن خوشبوءِ بنا گل هجي يا روشني بنا وساڻل ڏيئو. اها به هڪ حقيقت آهي ته عورت کان خالي گهر کي گهر نه بلڪه اوطاق سڏبو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورت کي سماج جو لازمي حصو سمجهي ان کي اهائي عزت ۽ حيثيت ڏني وڃي جنهن جي هوءَ مستحق آهي ۽ کيس گهرداري سنڀالڻ، ٻارن ڄڻڻ جي مشين ۽ مرد جي ذاتي ملڪيت نه بلڪه هر ڪم ۽ هر غم ۾ برابر جو شريڪ سمجهڻ گهرجي. ڇو ته هي دور عورت کي ڪاري ڪري مارڻ جو نه پر ڪاميابي جي منزل ڏانهن وڌيل وک ۾ ڀاڱي ڀائيواري جو آهي.
    هن سونهاري سنڌ گهڻو ئي سٺو آهي، ڌارين جي آبادڪاري کان ويندي پنهنجن جي غداري تائين جو هڪ طويل داستان آهي. قدرتي وسيلن تي مالڪي جي حق توڙي محرومي کان ويندي بيروزگاري جي باهه جا ڀڀڙ ڀڙڪڻ، سرڪاري ادارن جي نااهلي کان ويندي اين جي اوز جي نالي ۾ ٿيندڙ ناانصافي، تازو آيل قدرتي ٻوڏ جي تباهي کان وٺي امداد لاءِ ملندڙ پوليس جي لٺين جا وسڪارا سنڌ جي سينڌ تي هڪ ڳاڙهي نشان جيان آهن. اهي سڀ زخم ڌوپي سگهجن ٿا ۽ وقت جي مرهم سان ميٽجي سگهجن ٿا جيڪڏهن اسان مستقبل جي صحيح منصوبابندي ڪريون ۽ هڪ لفظ عورت جي تقدس جي پاسداري ڪري کيس اعليٰ تعليم ۽ اعليٰ مقام فراهم ڪريون ته يقينن اسان جو ايندڙ نسل باڪردار ۽ باوقار هوندو. ڇو ته عورت پهرين جنم ڏيندڙ، پهرين درسگاهه، پهرين تربيت ڏيندڙ ۽ پهرين استاد آهي. اچو ته هن هڪ لفظ عورت ۾ سمايل هزارين معنائن کي سمجهون ۽ هڪ خواب ۾ سمايل هزارين تعبيرن کي ڳوليون بشڪريه عبرت.
     
  2. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    جواب: عورت هڪ لفظ هزارمعنائون

    ادا بيشڪ سچ ٿا چئو۔
    تمام بيهترين ونڊ آهي۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عورت هڪ لفظ هزارمعنائون

    ادا مهرباني ​
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت هڪ لفظ هزارمعنائون

    ادا تمام بهترين ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو