عيد جو ڏينهن هو۔۔۔ ڳوٺ ۾ خوشي جي لهر هئي ۔۔۔ ٻارن رنگين ڪپڙا پاتا هئا ۽ سندن چهرا ٻهڪي رهيا هئا جو سندن نون ڪپڙن جي کيسن ۾ نوٽ جو موجود هئا۔۔ ڳوٺ جي ٻاهر هڪ پراڻو کوهه هيو۔۔۔ جتي سَون جي تعداد ۾ ڏيڏر رهندا هئا۔۔۔ ڳوٺ مان عيد جي خوشي ۾ ٻارن جا ٽهڪندڙ آواز کوهه تائين به اچي رهيا هئا۔۔۔ ڏيڏرن کي به اڄوڪي ڏينهن جي خبر هئي اهو ئي سبب هو جو سڀ جو سڀ ٻاهر نڪري آيا هئا ۔۔ ڇو ته اڄوڪي ڏينهن ڏيڏرن جي پوڙهي سردار هڪ مقابلي جو بندو بست رکيو هيو۔۔۔ کٽيندڙ کي سردار پاران سرداري پڳ انعام طور ڏيڻ جو اعلان ٿيل هيو۔۔۔ مقابلو اهو کٽي سگهيو ٿئي جيڪو کوهه ڀرسان لڳل هڪ وڏي ٽاور جي مٿين حصي تائين چڙهي وڃي ۔۔۔ ڪافي نوجوان ڏيڏرن مقابلي لاءِ ڪافي ڏينهن کان تياري شروع ڪري ڏني هئي۔۔۔ مقابلي جو وقت شروع ٿيڻ وارو هو۔۔۔ ان ڪري ٽاور جي آس پاس ڏيڏرن جو تمام گهڻو تعداد هيو جيڪي مقابلو ڏسڻ آيل هئا۔۔ اچانڪ سردار ڏيڏر جو آواز اڀريو۔۔۔ ”سڀني آيل مهمانن کي ڀليڪار ۔۔ هر سال وانگر هن سال به عيد جي ڏينهن ميڙاڪي جو بندو بست ڪيو ويو آهي۔۔۔ پر هن دفعي مشن مشڪل ترين رکيل آهي۔۔ هن دفعي مقابلي ۾ شامل نوجوان ڏيڏرن جي حوصلي ۽ همت جو امتحان آهي۔۔۔ جيئن ته مان هيئنر جهونو ٿي چڪو آهيان ان ڪري سرداري جون واڳون اهڙي نوجوان ڏيڏر کي ڏيندس جيڪو هي مقابلو کٽي پنهنجي حوصلي ۽ همت کي ثابت ڪندو۔۔ “ سردار ڏيڏر جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ هئي جو هن کي پڪ هئي ته هي مقابلو ڪير به کٽي نه سگهندو۔۔۔ ”سڀ نوجوان تيار آهيو۔۔۔۔ ته پوءِ مقابلو شروع ۔۔۔ الا توهر۔۔۔!“ مقابلو شروع ٿيندي ئي شور مچڻ شروع ٿي ويو ۔۔۔ ميڙاڪي ۾ موجود ڏيڏرن کي پڪ هئي ته هي سخت مشن آهي ڪو به ڏيڏر ايتري وڏي ٽاور تي چڙهي نه سگهندو۔۔۔ ميڙاڪي مان آواز ٿي آيا۔۔۔ ”تمام ڏکيو آهي ڪير به پهچي نه سگهندو۔۔۔۔“ هل ايترو مٿي۔۔۔! نه ڪو ڪير به پهچي نه سگهندو۔۔۔“ ”سردار سياڻو آهي۔۔۔ ڪنهن کي به سرداري نه ٿو ڏيڻ چاهي۔۔“ ”نه با ايترو مٿي ڪير پهچندو۔۔۔“ ”سائين ٽاور تمام وڏو آهي ۔۔۔ اتي ڪير ٿو پهچي۔۔۔“ آهستي مقابلي ۾ شامل ڏيڏرن جو حوصلو جواب ڏيڻ لڳو۔۔۔ ۽ هو ٽاور تي چڙهندي ڪرڻ لڳا۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ ٽي ڏيڏر وڃي بچيا جيڪي ڪوششن ۾ رڌل هئا۔۔۔ ميڙاڪي مان آواز اڃان وڌڻ لڳا۔۔۔ ”مشڪل آهي۔۔۔ اجهو ٿا اهي به ڪرن۔۔“ ”نه سائين هن ٽاور تي چڙهڻ ئي ڏکيو آهي۔۔۔“ ڪجهه ئي دير ۾ انهن ٽن مان ٻه ڏيڏر ڪري پيا۔۔۔ ڪيترن ئي ڏيڏرن ٻيهر ڪوشش ڪئي پر اڳتي وڌي نه سگهيا۔۔۔ پر هڪ ڏيڏر همت نه هاري مٿي چڙهندو رهيو۔۔ هڪ ڏاڪي کان ٻئي ڏاڪي تي ۽ وري ٽئي ڏاڪي تي۔۔۔ مٿي ويندي ويندي ٽاور جي ويڪر گهٽجندي ٿي وئي ۔۔ ان ڪري اهو ڏيڏر پنهنجي همت سنڀاليندو مٿي چڙهندو رهيو۔۔۔ آوازن ۾ وڌيڪ شدت ايندي وئي پر اهو ڏيڏر آخرڪار ٽاور جي چوٽي تي پهچي ويو۔۔۔ ۽ مقابلو کٽي ورتو۔۔۔ سڀ ڏيڏر حيران ۽ پريشان هئا ته آخر ان ڏيڏر ايڏو وڏو معرڪو ڪهڙي طرح طئي ڪيو۔۔۔ اهو ڏيڏر مقابلو کٽي هيٺ لهي آيو سمورا ڏيڏر کيس چوڌاري ڦري آيا ۽ مبارڪو ڏيڻ لڳا۔۔ گهڻا پڇڻ لڳا ته هو ايتري وڏي ٽاور جي چوٽي تي ڪيئن پهتو۔۔۔ ۽ جڏهن سردار پڇا ڪئي ته خبر پئي ته ڏيڏر ٻوڙو هيو۔۔۔ سبق؛ ڪڏهن به ٻين جي ڳالهين کي نه ٻڌو جيڪي توهان جي حوصلي کي ٽوڙينديون هجن۔۔۔ ڪڏهن به ٻين جي آوازن تي ڪن نه ڌريو۔۔ جو اهي توهان جي دلين ۾ موجود خواهشن ۽ خوابن کي ڀوريندا رهندا۔۔۔ ڪڏهن به ٻين جي رڙين تي ڌيان نه ڏيو جو اهي توهان جي عمل تي اثرانداز ٿينديون۔۔ هميشه ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهو۔۔۔هميشه اهو سوچيو ته توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان سان يقينن ڪاميابي توهان جي قدمن ۾ هوندي۔۔۔
جواب: توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ واھ سائين مان سبق پڙهيو.......واھ دل مان نڪري وئي....بهترين سائين
جواب: توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ هائو يار رشيد، پر اهو ڏيڏر ته ٻوڙو هو جو چڙهي ويو پر اسين ته يار ڪن کولي پيا هلون، ماڻهن اصل متيون ئي منجهائي ڇڏيون آهن، جي انهن جي نه ٻڌ ته به مشڪل جي ٻڌ ته پو ٽاور تي چڙهڻ مشڪل ٿيو پوي ۔۔۔ مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا ائين چون، متان پاند پسائين۔ باهه ۽ ڀت واري ڪهاڻي آهي ۔۔۔ خئير همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ ماڻهن جي چئي تي نه لڳڻ جي هڪ آکاڻي اسين پرائمري اسڪول ۾ پڙهي هئي “ پر متڙيو پوڙهو” جنهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي گڏهه وڃايو هو ۔۔۔ تمام سٺي ۽ سبق آموز اکاڻي ونڊ ڪرڻ تي ۔۔۔۔@};-
جواب: توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ ادا اصل مزو ئي تڏهن آهي جڏهن انسان دنيا جي لفظي حملن سان به مقابلو ڪندو اڳتي هلي پنهنجي منزل ماڻي.... بيشڪ اهي شيون حوصلو ٽوڙين ٿيون پر ارادو مضبوط هجي ته مشڪل آسان ٿي وڃي ٿي..
جواب: توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ تمام وڏي سمجهاڻي آهي ان ڪهاڻي پڙهڻ کان پو۽ ڪافي دوستن جا پست ٿيل حوصلا وري ٻيهر جوان ٿيندا اهڙي بهترين ونڊ ڪرڻ تي جس لهڻو سدائين گڏ