پي پي اڳواڻ فيصل رضا عابدي پول کولي ڇڏيا۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ٽي وي تي ويهي ڊگها پروگرام ڏسڻ لاءِ مصروفيت بلڪل به اجازت نه ڏيندي آهي پر ڪالهه اي آر وائي نيوز جي اردو پروگرام سوال يي هي کي ڏٺم ته سڀ ڪم ڇڏي پروگرام مڪمل طور ڏسي ئي ختم ڪيم۔۔
    نواز شريف جي حڪومت دوران موجوده پاڪستاني صدر آصف زرداري تي ان دور جي نيب چئرمين ڪيترائي ڪيس هلايا۔۔۔ پيپلز پارٽي وارا هميشه انهن ڪيسن کي سياسي انتقام جو نالو ڏيندا رهيا آهن ۔۔۔ جڏهن ته ملڪ عبدالقيوم جي عدالت انهن ڪيسن ۾ آصف زرداري کي قصور وار قرار ڏيندي سزا پڻ ٻڌائي چڪي هئي۔۔۔
    پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل رضا عابدي ان پروگرام ۾ اهوچيو ته جيڪڏهن هن سيف الرحمان کي ڪوڙو ثابت نه ڪيو ته مان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن ثابت ڪيم ته سيف الرحمان پاڻ کي گولي هڻي۔۔۔ جنهن کان پوءِ ثبوت طور هڪ آڊيو سي ڊي پيش ڪئي ۔۔۔ سي ڊي ۾ سيف الرحمان کي سابق جسٽس ملڪ عبدالقيوم سان گفتگو ۾ وڌ کان وڌ سزا ڏيڻ لاءِ زور ڀريندي ٻڌايو ويو۔۔۔ ان آڊيو ٽيپ ۾ سيف الرحمان اهڙي خواهش نواز شريف جي طرفان ٻڌائي وئي ۔۔۔ جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ سزا کي فل ڊوز ڪري ٻڌرايو ويو۔۔۔
    سنڌ سلامت جي انهن رڪنن لاءِ جيڪي سياست ۾ دلچسپي رکندا هجن۔۔ ۽ هڪ سنڌي شخصيت جي خلاف ٿيندڙ ڪوڙي عدالتي ڪاروائي ۽ ججن جو حڪومت جي اشارن تي هلڻ کي ٻڌڻ چاهيندا هجن ان پروگرام جون ڪجهه وڊيوز هتي لڳائي رهيو آهيان۔۔۔
    هنن وڊيوز مان جتي پاڪستاني سياستدانن جي ڪاري ڪرتوتن جي خبر پئي ٿي اتي پاڪستاني عدالت ۾ بدعنواني جي جهلڪ صاف جهلڪي ٿي۔۔۔ تڏهن ئي چون ٿا ته پاڪستان ۾ پوليس ٻئي نمبر تي ڪرپٽ آهي پهرين نمبر لاءِ ته عدالت ۽ سياستدانن جو مقابلو آهي۔۔۔
    دوستن جي سهولت لا ءِ ٻڌائيندو هلان ته ان آڊيو سي ڊي جي ريڪارڊنگ پهرين وڊيو جي آخر کان ٻي وڊيو جي مڪمل هجڻ تائين موجود آهي۔۔۔ (مهرباني فرمائي وڊيوز جي اڙدو هجڻ کي نظر انداز ڪيو وڃي)

    http://www.youtube.com/watch?v=gKKWTATA--g

    http://www.youtube.com/watch?v=OQ5nf1gfxhU

    http://www.youtube.com/watch?v=TBMwl44fB2Q

    http://www.youtube.com/watch?v=gNVoNJJMddg
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پي پي اڳواڻ فيصل رضا عابدي پول کولي ڇڏيا۔۔۔۔

    سائين،،، زبردست ونڊ آهي، فيصل رضا عابدي جا پروگرام ته مان شوق سان ڏسندو آهيان، پاڻ حق ۽ سچ جي جيڪا ٻولي ٻولي ٿو ان جو جواب ڏيڻ اڳئين لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو۔۔۔ زبردست ونڊ آهي
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پي پي اڳواڻ فيصل رضا عابدي پول کولي ڇڏيا۔۔۔۔

    جادوگر يار فيصل رضا عابدي ته صفا ڪهاڙو سيد آهي، هُن پنهنجي پارٽيجو ڪيس اي آر وائي تي وڙهيو ۽ باقائده اهو ڪيس دينا داستِي کٽيو، وڏي ڳالهه ته سيد زادي عابدي اهو به چيو ته سچائي ۽ حق چوڻ جي پاداش ۾ ٿي سگهي ٿو ته عاشور کان پو هو نه به هُجي۔ يار الله سائين کيس وڏي حياتي ڏي، سيد زادي جو آواز ۽‌ سندس ڳالهين ۾ غضب جو حوصلو ۽ ڀروسو آهي۔ ان مان هڪڙي ڳالهه ته ثابت ٿي ته پيپلز پارٽي جي سڀني سرواڻن جي خلاف باقائده سازشن جو ڄار وڇايو ويو، باقائده عدالتن جي چڱن مڙسن وقت جي منهن زور حُڪمرانن کان ڊڪٽيشنون ورتيون ! الاڙي، ايڏا هاڃا ڀري هن ڀنڀور ۾ !
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پي پي اڳواڻ فيصل رضا عابدي پول کولي ڇڏيا۔۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    اهو واضح آهي ته پيپلز پارٽي ۽ خاص ڪري سنڌي اڳواڻن خلاف ڪيل ڳٺ جوڙ جون خبرون هميشه اينديون آهن پر اردو ميڊيا ۽ عدالتن جون اکيون هميشه وانگر بند آهن۔

    شهيد ڀٽي جي ڪيس لاء جج نسيم حسن شاه جا رمارڪس هجن يا آپريشن مڊ نائيٽ جئڪال هجي يا آجي آء ٺهرائي آئي ايس آء پاران پي پي خلاف پئسا ورهائڻ جي ڳاله هجي ان تي سڀ خاموش۔ باقي ديدار شاه جي چيئرمين نيب تي سڀ چريا ٿي پيا آهن جو هو سنڌي آهي۔

    بس يار هن نام نهاد عدليه ، ميڊيا ۽ انٽيلجنس ادارن سان الله پڄي باقي اسان جي بات ڪانهي۔

    فيصل رضا عابدي ڪيس کي بهتر نموني پيش ڪري اصليت سامهون آندي آهي۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پي پي اڳواڻ فيصل رضا عابدي پول کولي ڇڏيا۔۔۔۔

    ها ادا هاڻي پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٻڌائين ٿا ...............
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو