
ٽي وي تي ويهي ڊگها پروگرام ڏسڻ لاءِ مصروفيت بلڪل به اجازت نه ڏيندي آهي پر ڪالهه اي آر وائي نيوز جي اردو پروگرام سوال يي هي کي ڏٺم ته سڀ ڪم ڇڏي پروگرام مڪمل طور ڏسي ئي ختم ڪيم۔۔
نواز شريف جي حڪومت دوران موجوده پاڪستاني صدر آصف زرداري تي ان دور جي نيب چئرمين ڪيترائي ڪيس هلايا۔۔۔ پيپلز پارٽي وارا هميشه انهن ڪيسن کي سياسي انتقام جو نالو ڏيندا رهيا آهن ۔۔۔ جڏهن ته ملڪ عبدالقيوم جي عدالت انهن ڪيسن ۾ آصف زرداري کي قصور وار قرار ڏيندي سزا پڻ ٻڌائي چڪي هئي۔۔۔
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل رضا عابدي ان پروگرام ۾ اهوچيو ته جيڪڏهن هن سيف الرحمان کي ڪوڙو ثابت نه ڪيو ته مان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن ثابت ڪيم ته سيف الرحمان پاڻ کي گولي هڻي۔۔۔ جنهن کان پوءِ ثبوت طور هڪ آڊيو سي ڊي پيش ڪئي ۔۔۔ سي ڊي ۾ سيف الرحمان کي سابق جسٽس ملڪ عبدالقيوم سان گفتگو ۾ وڌ کان وڌ سزا ڏيڻ لاءِ زور ڀريندي ٻڌايو ويو۔۔۔ ان آڊيو ٽيپ ۾ سيف الرحمان اهڙي خواهش نواز شريف جي طرفان ٻڌائي وئي ۔۔۔ جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ سزا کي فل ڊوز ڪري ٻڌرايو ويو۔۔۔
سنڌ سلامت جي انهن رڪنن لاءِ جيڪي سياست ۾ دلچسپي رکندا هجن۔۔ ۽ هڪ سنڌي شخصيت جي خلاف ٿيندڙ ڪوڙي عدالتي ڪاروائي ۽ ججن جو حڪومت جي اشارن تي هلڻ کي ٻڌڻ چاهيندا هجن ان پروگرام جون ڪجهه وڊيوز هتي لڳائي رهيو آهيان۔۔۔
هنن وڊيوز مان جتي پاڪستاني سياستدانن جي ڪاري ڪرتوتن جي خبر پئي ٿي اتي پاڪستاني عدالت ۾ بدعنواني جي جهلڪ صاف جهلڪي ٿي۔۔۔ تڏهن ئي چون ٿا ته پاڪستان ۾ پوليس ٻئي نمبر تي ڪرپٽ آهي پهرين نمبر لاءِ ته عدالت ۽ سياستدانن جو مقابلو آهي۔۔۔
دوستن جي سهولت لا ءِ ٻڌائيندو هلان ته ان آڊيو سي ڊي جي ريڪارڊنگ پهرين وڊيو جي آخر کان ٻي وڊيو جي مڪمل هجڻ تائين موجود آهي۔۔۔ (مهرباني فرمائي وڊيوز جي اڙدو هجڻ کي نظر انداز ڪيو وڃي)
http://www.youtube.com/watch?v=gKKWTATA--g
http://www.youtube.com/watch?v=OQ5nf1gfxhU
http://www.youtube.com/watch?v=TBMwl44fB2Q
http://www.youtube.com/watch?v=gNVoNJJMddg