تمام سهڻو ونڊ ۽ سون ۾ تورڻ جهڙيون ڳالهيون آهن ۔۔۔۔ پر
پهرين ڳالهه ته؛
الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا۔
ڪڏهن ڪڏهن ڏاهپ يا عقلمندي انسان کي ڏک به ڏيندي آهي ۽ اهي ڏک انسان کي انسان ٺاهي ڇڏيندا آهن۔
ٻي ڳالهه؛ واعدي نڀائڻ وارا مومن هوندا آهن پر ڪنهن ڀلي ڪم لاءِ ۽ جي ڪنهن بري ڪم لاءِ واعدو ٿيل هجي ته ٽوڙڻ ۾ ڀلائي آهي، ثواب آهي
ٽين ڳالهه؛ حلال ذريعن سان ڪمايل دولت سڪون ڏيندي آهي ۽ فلاحي ڪمن ڪرڻ جي لاءِ دولت جي حاصلات ثواب آهي، جنهن جاءِ تي دولت سان دشمن پئدا ٿيندا آهن، ساڳئي جاءِ تي دولت خرچ ڪرڻ سان کوڙ ساتريون دوستيون به نصيب ٿينديون آهن۔ انڪري دولت کي سٺن ڪمن ۾ خرچ ڪجي ته جيئن سٺا دوست حاصل ٿين۔
چوٿين ڳالهه؛ بيشڪ زبان سان دوست به ٿين ته دشمن به، زبان انسان کي عرش تان فرش تي ۽ فرش تان عرش تي پهچائي ٿي ۔۔۔
پنجين ڳالهه؛ هميشه سٺائي حاصل ڪريو، برائي ختم ڪريو۔ ”کس ڪم جهان پاڪ“ برائي جيتري گهٽ هوندي اوترو ئي سماج ۾ پاڪائي پئدا ٿيندي۔
ڇهين ڳالهه؛ گناه هميشه بي چين ڪندو آهي پر ان ماڻهونءَ کي بيچين ڪندو آهي جنهن جو ضمير جيئرو هوندو آهي، پر جيڪي ماڻهون پنهنجا ضمير ماري ڇڏيندا آهن انهن کي گناه بيچين نه پر خوشي ڏيندو آهي ۔۔۔ جيئن شيطان کي زال ۽ مڙس ۾ جهيڙي ڪرائڻ وقت خوشي ٿيندي آهي۔
مطلب ته سون جهڙيون ڳالهيون ۽ سون جهڙا عمل، نتيجو آسودگي ۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت