ڏٺو وڃي ته آسان استعمال هجڻ ڪري فيس بوڪ سوشل نيٽ ورڪ تي هر نيٽ يوزر پنهنجو کاتو کولي رکيو آهي۔۔۔ دوستن سان رابطي لاءِ فيس بوڪ هڪ بهترين نيٽ ورڪ آهي۔۔۔ هڪ اندازي مطابق هن وقت فيس بوڪ تي صرف سنڌي رڪنن جو تعداد 8000 کان 10000 آهي۔۔۔ جيڪي پنهنجي پروفائيل کي مينيج ڪرڻ لاءِ ايم بي سنڌي پروگرام پڻ استعمال ڪندا رهندا آهن۔۔۔
پر اڪثر اهڙي ڪمپيوٽر تي ويهڻ ڪري جنهن ۾ سنڌي پروگرام انسٽال ٿيل نه هجي هو پنهنجي لکڻين ۾ رومن سنڌي استعمال ڪندا آهن۔۔۔ اهڙن دوستن لاءِ خاص طور ۽ سنڌ سلامت جي مڙني رڪنن لاءِ سنڌ سلامت هڪ وڌيڪ وک کڻندي ”سنڌي ڪي بورڊ“ نالي هڪ ايپليڪيشن لانچ ڪئي آهي۔۔ جتي پهچي توهان بغير ڪنهن سافٽويئر جي سنڌي لکي سگهو ٿا۔۔۔ هن ڪي بورڊ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن تي ٽائيپنگ دوران پريس ٿيندڙ اکر هيٺ موجود ڪي بورڊ لي آئوٽ تي ڳاڙهي پٽي طور چمڪي پوندا آهن ۔۔۔ جنهن سان لکندڙ کي ان اکر پريس ڪرڻ سان لکندڙ اکر پڻ ياد ٿيندا رهندا۔۔۔
هن ڪي بورڊ ٺاهڻ ۾ ادا عامر ضياء چارڻ جون محنتون قابلِ تعريف آهن۔۔۔ جن ڪافي وقت کان هن تي ڪم ڪيو هو بس ان سان ايندڙ ايررس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويو۔۔۔ پر مون کي يقين آهي ته هي ايپليڪيشن نه صرف فيس بوڪ استعمال ڪندڙن ۾ پر سنڌ سلامت جي رڪنن ۾ مقبول ويندي۔۔۔
سنڌ سلامت سنڌي ڪي بورڊ فيس بوڪ ايپليڪيشن جون ٻه اسڪرين شاٽس حاضر آهن۔۔۔
سنڌ سلامت سنڌي ڪي بورڊ ايپليڪيشن کولڻ صفحي تي سنڌ سلامت مونوگرام جي هيٺان موجود Go to Application تي ڪلڪ ڪندا۔۔
ياد رهي ته فيس بوڪ تي اڳ ئي سنڌ سلامت گروپ ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پيج موجود آهن۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت سنڌي ڪي بورڊ جي لنڪ تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو۔۔۔
اميد ته دوست نه صرف پاڻ هن ايپليڪيشن مان فائدو وٺندا پر پنهنجي حلقه احباب کي پڻ ٻڌائيندا۔۔۔ ۽ پسند اچڻ جي صورت ۾ Like بٽڻ ضرور پريس ڪندا۔۔۔