دوستن کي گزارش آهي ته هي ڪهاڻي پڙهي ٻڌائن ته هي مضمون ڪهڙي حقيقت کي مد نظر ۾ رکي لکي وئي۔ http://safeserials.sitesled.com/DOWNLOADS/animalfarm.pdf
جواب: انيمل فارم ( سنڌي ۾) ادا منهنجي خيال ۾ روس جي ڪميونسٽ اڳواڻ ليلن جي دور جي عڪاسي ڪئي وئي آهي۔۔۔
جواب: انيمل فارم ( سنڌي ۾) جي ادا برابر صحيح پيا چئو۔ جارج آرويل 25جون1903 ء ۾ ڄائو ۽21 جنوري 1950 ۾ انتقال ڪيائين۔ هن ڪيترائي يادگار ڪتاب لکيا جن ۾ "نائينٽين اينٽي فور" ۽ "اينيمل فارم" خاص طور تي قابل ذڪر آهن۔ اينيمل فارم سابق سوويت يونين جي حڪومتي نظام تي ذوردار چماٽ آهي۔هن ناول ۾ اهڙي دنيا جو تصور پيش ڪيو ويو آهي جٿي هر طرف ظلم ۽خوف جو راڄ آهي۔غير معمولي طنز سان ڀرپور هن ناول ۾جارج آرويل اهڙو فارم پيش ڪيو آهي جنهن ۾ رهڻ وارا جانور انقلاب برپا ڪري هن تي قبضو ڄمائي ٿا ويهن ۽ پنهجي حڪمراني قايم ڪري ٿا وٺن پر پوء اها حڪمراني بدترين آمريت ۾ تبديل ٿي ٿي وڃي۔هي ناول 1945 ۾ شائع ٿيو پر هن کي مقبوليت 1950 جي آخري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي۔ بشڪريه اردو ڪتاب "متنازع ڪتب"