نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو، السلام عليڪم جيئي سنڌ
عيدالاضحى جي خوشين ۾ ساري دنيا جي سنڌين سان گڏ مشهور ميڊيا چئنل سنڌ ٽي وي به شريڪ هو، ان سلسي ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ هڪ خوبصورت رنگا رنگ ميوزڪ شو منعقد ڪيو ويو، سنڌ سلامت کي به انهي ميوزڪ عيد شو واري پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ملي هُئي، مان اڳم ۾ سڀني دوستن کي اها ڳالهه ونڊ ڪري چُڪو آهيان ته جنهن به فورم تان مونکي سنڌ سلامت کي مهڪائڻ لاءِ ڪنهن سُرهاڻ جو ڏس پتو ملندو آهي ته ضرور ضرور ضرور ضرور ماسات سڳوريءَ سان جهيڙا ڪري به وڃي اتي پهچندو آهيان، ڀلي کيسي ۾ ڪجهه هُجي يا نه هُجي اصل يا اُڌار تيرا آسرا ڪري پاڻ کڻائي به اُتي پهچندو آهيان، نتيجي طور اوجاڳا ڪري ڪري هاڻي حال بيحال ٿي پيا آهن پر جڏهن سنڌ سلامت جي خوبصورت واري خيال دل تي تري ايندو آهي ته حال جي پرواهه ڪرڻ بنا بيحال ٿي به پاڻ پتوڙي سنڌ سلامت تي نت نوان رنگ ضرور ونڊ ڪندو آهيان۔ ۽ لکين شاباسون ادا عبدالغفور سمون کي به ڏيندس جنهن کي انٽر نيٽ جي ڪابه سُڌ ڪونهي پر ان کي اها خبر آهي سنڌ سلامت وارو اڱڻ ساري دنيا جو وڏي ۾ وڏو سنڌي اڱڻ آهي جنهن جو مقصد صرف هر سنڌي فنڪار، هر سنڌي شخصيت هر سنڌ ماڻهو جي خدمت ڪرڻ آهي ان انتهائي اهم ترين خيال کي نظر ۾ رکي ادا عبدالغفور سمون اهڙين شاندار رنگا رنگ تقريبن کي ڪوريج ڪرڻ ۾ سدائين منهنجو ٻانهه ٻيلي رهيو آهي، سو هن ميوزڪل شو کي تصويري صورت ۾ سنڌ سلامت لاءِ ادا عبدالغفور سمون جو تقريبن سئو سيڪڙو ڪردار آهي، باقي جنجنهن تصويرن ۾ عبدالغفور سمون پاڻ آهي اهي چند تصويرون مون سنڌ سلامت جي خادم گولي ۽ غلام يعني هن نثار ناز جون نڪتل آهن دوستو سنڌ ٽي وي پاران هن ميوزيڪل عيد شو جون ڪافي ساريون اڃان به رنگا رنگ تصويرون هيون جيڪي منهنجي هڪڙي معمولي غلطي جي ڪري ايڊيٽنگ ڪرڻ مهل ڊيليٽ ٿي ويون۔ جن جو مونکي تمام گهڻو افسوس رهندو جو ڪافي سارن سنڌي فنڪارن جي پرفارمنس واريون تصويرون مونکان ڊيليٽ ٿي ويون ان هوندي به سنڌ ٽي وي جي ٿورن سان هي ڪجهه تصويرون توهان سان ونڊ پيو ڪريان اميد ته انهن تصويرن جو مشاهدو ڪري به توهان خوش ٿيندا۔ هڪ دفعو ٻيهر ادا عبدالغفور سمون جو ٿورو مڃيندس جنهن هنن خوبصورت تصويرن کي توهان تائين پهچڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي۔

پيش آهن سنڌ ٽي وي طرفان منعقد ڪيل عيد ميوزيڪل شو جون تصويري جهلڪيون، خالص سنڌ سلامت شو بز جي پنهنجي پيشڪش
هنن تصويرن ۾ مشهور سنڌي آرٽسٽ نسرين ناز، مُسڪان نذير، مشهور ڪيمپئير محترم بخشڻ مهراڻوي ۽ مشهور سنڌي آرٽسٽ رفيق عيساڻي نمايان آهن