جواب: اسلام عليڪم محترم دوستو۔۔
ادا محمد ياسين شر صاحب
اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي اچڻ جي ڀليڪار چئون ٿا۔
اوهان جي ڳالهه سان به سهمت آهيون ته واقعي ايڪي ۾ طاقت آهي۔
اوهان جي لکڻي مان لڳي پيو ته اوهان هينئر ئي پنهنجي مٺڙي ٻولي سان ڪمپيوٽر جي پيجن کي سنوارڻ شروع ڪيو آهي، جنهن لاءِ اوهان کي واڌايون۔
اميد ڪيون ٿا ته اوهان پنهنجي نڪور لکڻين سان اسان کي به مستفيض ڪندا۔
سنگت سان پنهنجو تعارف ڪرائڻ سان گڏ اوطاق جو هر ڪمري جو ڦيرو به ڀريندا تاڪِ اسان کي اوهان پنهنجي خيالات کان آگاهي ڏئي سگهو۔
اهو به ٻڌائيندا ته اوهان هن اڱڻ تائين ڪيئن پهتا؟ يعني ڪنهن دوست جي رفرنس سان آيا يا وري نيٽ گردي ڪندي؟
اوهان کي دنيا جي پهرين وڏي پنهنجي مٺڙي ٻولي جي ويب سائيٽ ڪيئن لڳي؟ ضرور مطلع ڪندا۔
سدائين گڏ۔