دوستو السلام عليڪم! عرض هي آهي: هڪ ته منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪجهه فائلون ۽ فولڊر آهن جن کي آءُ ڊليٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ڊليٽ ئي نه ٿا ٿين ڪافي ڪوشش ڪري ڏٺي آهي۔ ٻيو مسئلو هي ٿي پيو آهي ڪجهه وقت کان ته مون پنهنجي سسٽم ۾ اويرا اينٽي وائرس انٽرنيٽ تان ڊائونلوڊ ڪئي جنهن کي مون انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيٽپ هلي وري غائب ٿي ٿو وڃي، يعني جيتري دفعه به اينٽي وائرس جو سيٽپ هلايان ته هلي غائب ٿي وڃي ٿو۔ ان کان پوءِ مون اي وي جي وغيره به انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ساڳيو ئي مسئلو رهي ٿو۔ منهنجي سسٽم ۾ ٿيسس وغيره کان علاوه تمام اهم بوڪس ۽ ريسرچ ورڪ ٿيل آهي، جنهن جي ضايع ٿيڻ جو صدمو برداشت ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه آهي۔ دوستن کي عرض آهي ته مهرباني ڪري مڪمل ۽ بهترين حل ٻڌائين۔ لک لائق۔
جواب: سسٽم پرابلم ادا جيڪو سيٽ اپ اينٽي وائرس جو غائب ٿو ٿئي وڃي ان مان اها ڳالهه ته پڪي آهي ته توهان جي سسٽم ۾ وائرس گهر ڪري ورتو آهي هون ڏس ته ڪافي آهن پر ان ۾ توهان جي ڊيٽا به وڃي سگهي ٿئي سو توهان ڊيٽا بچائڻ ٿا چاهيو سو توهان سمارٽ وائرس ڪلر پورٽيبل استعام ڪري ڏسو بهرحال وڌيڪ توهان جي سسٽم جي لا۽ ته ادا رشيد ئي ڪري سگهي ٿو سدائين گڏ
جواب: سسٽم پرابلم ادا مهرباني ڪندا جي سمارٽ وائرس ڪلر پورٽيبل جو ڏس پتو به ملي وڃي۔ پلس ۾ ادا ع رشيد جن کي ۽ ٻين سنگت کي به گذارش آهي۔
جواب: سسٽم پرابلم http://www.brothersoft.com/downloads/smart-virus-remover.html http://download.cnet.com/Active-Virus-Killer/3000-2239_4-10873923.html http://www.apponic.com/free-downloads-55/smart-virus-remover-2.0.0.5/ ادا هي لنڪس ڏسو اميد آهي ته توهان جو مسئلو حل ٿيندو نه ته مست اڄا پوئتي رهيل آهي ها ها ها ...
جواب: سسٽم پرابلم ادا طاهر! يار مون واري ڪمپيوٽر سان به اهو ئي مسئلو آهي، چڱو ٿيو جو توهان اڳ ۾ پوسٽ ڪري ورتي نه ته مان ان باري ۾ پڇڻ وارو هئس۔۔۔ ڪالهه سڄو ڏينهن مغزماري ڪرڻباوجود ڪمپيوٽر صحيح نه ٿيو، هي ڪو وائرس نه آهي بلڪه ٽروجين يا اسپائي ويئر آهي جيڪي وائرس کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن، ڇو ته اهي پاڻ ته نقصان ڪن ئي ٿا پر وري وائرس لاءِ رستو تيار ڪن ٿا۔ توهان واري ڳالهه وانگر ته ڪو سافٽ ويئر انسٽال نه ٿو ٿئي۔ مان 3 ڀيرا نئين ونڊوز ڪئي پر وائرس ٻيهر لڳي پئي ويو، هاڻ مان سوچيان پيو ته فائلون ٻئي ڪمپيوٽر ۾ شفٽ ڪري پوءِ هن کي ڊسڪ مينجر ذريعي فارميٽڪريان۔ هاڻ فقير جيڪو ڏس ڏنو آهي، ان کي استعمال ڪري ڏسون ٿا، نه ته پوءِ فارميٽ ڪرڻ ۽ نئين پارٽيشن تيار ڪرڻ کان علاوه ڪو چارو نه آهي۔۔
جواب: سسٽم پرابلم ادا آءُ ڏاڍو پريشان هوس اڄ مجبور ٿي پنهنجون اهم فائلون انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪري پوءِ پارٽيشن ٻيهر ٺاهيم پوءِ ونڊو ڪري سڀ کان پهريان اويرا & اويسٽ اينٽي وائرس انسٽال ڪري ڇڏيم هاڻ وڃي ڪجهه وقت مليو آهي اوهان سان مخاطب ٿيڻ لاءِ.
جواب: سسٽم پرابلم مون اڳ ۾ ٻه ٽي ڀيرا ايئن ڪيو آهي، پر ان جو ڪو مستقل حل هجڻگهرجي ادا۔۔ نه ته هارڊ ڊسڪ کي ڪيترا ڀيرا فارميٽ ڪنداسين۔۔؟؟؟
جواب: سسٽم پرابلم ادا مون پارٽيشن ٻيهر ڪئي آهي، منهنجي خيال ۾ پارٽيشن ٻيهر ڪرڻ کان پوءِ فورن ڪو اينٽي وائرس لڳائڻ سان بهتر نتيجو ايندو ان شاءَ الله.
جواب: سسٽم پرابلم توهان ديٽا کي سي دي تي رائيڊ ڪري پوءِ نيو پارٽيشن بنايو. ۽ ڪو بهترين اينٽي وائرس انسٽال ڪريو.۽ پوري هارڊ ڊسڪ کي ڪلين ڪريو... مان پانڊا 2007 استعمال ڪندو آهيان..
جواب: سسٽم پرابلم ادا وسيم۔۔ ۔ اڄ ڪلهه جي سي ڊيز تي ڪو ڀروسو ناهي، هڪ ڀيرو هلڻکان بعد ٻيو ڀيرو هلڻکان جواب ڏين ٿيون۔۔۔
جواب: سسٽم پرابلم ادا هي مسئلو حل ٿي ويو آهي ان ڪري بند ڪريوس يا هڪو ئي سائين علي علي وانگر گم ڪري ڇڏيوس۔ مهرباني۔