سنڌ جو نصاب ۽ تعليمي ادارن ۾ ثقافتي سرگرميون واگهو مل ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي ثقافت صدين کان شاهڪار رهي آهي، موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پتو پوي ٿو ته سنڌوماٿري جي تهذيب ڪيڏي نه شاهوڪار ۽ ترقي يافته هئي جو ان وقت جي ماڻهن ۾ پوشاڪون، ڪپڙا ، زيور توڙي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رواجن جون اهي سموريون خوبيون ۽ ان جا اهڃاڻ ملن ٿا جيڪي اڄ جي ترقي يافته دنيا ۾ موجود آهن. اهڙي شاهڪار تهذيب جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌي ميڊيا توڙي سنڌ جي گهڻ گهرن سنڌ جي تهذيب جي پرچار ڪرڻ لاءِ ڊسمبر جي پهرئين هفتي کي ثقافت جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو ترقي يافته ۽ مهذب سماج جي نشاني آهي جيڪو پنهنجي اثاثي کي محفوظ رکڻ لاءِ ان جا خاص ڏينهن رکي ملهايا وڃن، جيڪي نه صرف ملهايا وڃن پر هڪ وڏو جشن ٿئي، وڏا جتماع ٿين، اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر ناهي اثاثي کي صرف ريلين ، ڦٽاڪن ۽ ڌماڪن تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قومن جي ترقي جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي، ثقافت توڙي تهذيب تڏهن محفوظ ۽ برقرار رهندي جڏهن تعليمي ترقي هوندي، اهڙي ڪاڄ لاءِ اسان وٽ تعليمي ادارا اهم آهن، ان جو نصاب توڙي ان ۾ پڙهائيندڙ ۽ پڙهندڙ اهم آهن، جيڪي تدريسي ۽ تحقيقي صورت ۾ سنڌي ثقافت کي نه رڳو محفوظ رکي سگهن ٿا پر ان جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ دنيا سطح تي اسان هڪ ترقي يافته ۽ سڌريل قوم جي حيثيت ۾ متعارف ڪرائي سگهنداسين. اسان وٽ ثقافت جي حوالي سان جشن جون تياريون عروج تي آهن، سنڌ جي هر شهري کي انهي جشن لاءِ ولولو جاڳيل آهي، جنهن لاءِ سنڌ جا تعليمي ادارا مکيه حيثيت رکن ٿا. پرائمري ، مڊل، سيڪنڊري، توڙي هائير سيڪنڊري، ڪاليج ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي انهي قومي ڪاڄ لاءِ حيرت انگيز سرگرميون شروع ڪرڻ ، شاگردن، استادن توڙي پڙهيل لکيل طبقي کي صرف ريلين ۽ جهمرين هڻڻ تائين محدود رهڻ نه گهرجي ، پر اسڪولن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ سيمينار ۽ ورڪشاپ ٿيڻ گهرجي، انهن کي مقالا لکي ثقافت جي اڳڀرائي لاءِ وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي، ثقافت ۽ تهذيب جي موضوع تي تقريري مقابلا ۽ (Co-Curriculum activities) غيرنصابي سرگرميون ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ سنڌاسيمبلي طرفان منظورڪيل ٺهراءُ جي روشني ۾ خاص ڏهاڙي تي ثقافت جي حوالي سان خاص تقريبون ڪوٺائي ،ا ن ۾ چٽاڀيٽي جا مقابلا ڪرايا وڃن. جنهن سان به صرف ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان ڄاڻ ملندي پر شاگردن جي (Intellectual approach) ذهني نشونما ٿيندي، شاگردن جي (Behavior) روين ۾ تبديلي ايندي ۽ اهي هڪ قوم ۽ سماج جا اهم شهري بڻجن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. اهڙي طرح شاگردن ۾ اتساهه پيدا ٿيندو، جيڪو اڳتي هلي ثقافت جو سبب بڻبو. اهڙي سرگرمين سان نه صرف تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ثقافتي حوالي سان ڄاڻ ملندي پر شاگردن جي گهڻ رخي تربيت ٿيندي. جنهن لاءِ حڪومت توڙي نصاب تيار ڪندڙ ادارن کي پڻ مثبت کڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهن تائين ملڪي توڙي صوبائي سطح تي پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين پڙهائي ويندڙ ڪورسن ۽ سليبس ۾ پاڪستان جي قوميتن ۽ انهن جي ورثي جي ڪٿي به مڪمل ڳالهه نه ٿيل آهي، صوبائي ادارن ۾ لاڳو ٿيل نصاب ۾ موهن جو دڙو ۽ ان جي تاريخ کانسواءِ ڪٿي به ثقافت ، تهذيب توڙي صوبائي سطح جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن توڙي انهن جي لاءِ ٻولي (languages) جي باري ۾ نصاب (Curriculum) ۾ ڪي به ڳالهيون ۽ ادب شامل نه ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال کي سامهون رکي حڪومت سنڌ کي نه صرف ريلين تائين ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ گهرجي پر سنڌ جي تعليمي ادارن لاءِ نصاب ۾ سنڌي ماڻهن جي ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ تمدن کي ان جي معيار موجب ترتيب ڏئي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. جيڪو سنڌي قوم جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافتي شين کي متعارف ڪرائڻ لاءِ انهن جون نمائشون تعليمي ادارن کانسواءِ سنڌ جي اهم ادارن ۾ ڪرايون وڃن ۽ ثقافتي شين کي هٿي ڏني وڃي جيئن هنري ماڻهن کي فائدو رسي سگهي بشڪريه عبرت.