مان ڪئين چوان توکي الوداع ( هي، حسن جو هندرو، اهو ڄامشورو، اهو ڄامشورو،

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مان ڪئين چوان توکي الوداع ( هي، حسن جو هندرو، اهو ڄامشورو،
    اهو ڄامشورو، ​

    [​IMG]
    اختر علي ڀٽو
    ”رفاقتن جا ڏينهڙا گذرندا وڃن ٿا، جدائي جي سرحد سان ملندا وڃن ٿا، وري يار پنهنجو ملڻ ڪو نه ٿيندو. وري زلف جانا ڇهڻ ڪون ٿيندو. سويري سويري هي مهتابي چهرو وري يار پنهنجو ڏسڻ ڪو نه ٿيندو. ايئن ڄامشوري ۾ راتين جو راتون وري ياري پنهنجو رهڻ ڪو نه ٿيندوئ وڃون ٿا حسين هي هوائون ڇڏي. شرابي عقابي نگاهون ڇڏي، ڇڏي ٿا وڃون هي، حسن جو هندرو، اهو ڄامشورو، اهو ڄامشورو، ڄامشورو شهر هڪ اهڙو شهر آهي.جنهن به ماڻهوءَ ان ۾ ٻه چار پل گذريا هوندا ته اهو ماڻهو ڄامشوڙي جو ديوانو ٿي پوندو آهي. دوستو جڏهن ڪير به منهنجي سامهون ڄامشوري شهر پٿريلي ڌرتيءَ تي پنهنجو نالو پاڻ ڪمايو آهي، پوءِ ڇو ته اسان ميڊيڪل يا نجنيئرنگ ۾ ڏسون پوليٽيڪس ۾ ڏسون ايڪانامي ۽ معاشيات ۾ ڏسون يا ادب ۾ ڏسون تهذيب ۾ ڏسون يا تمدن ۾ ڏسون، حسن ۾ ڏسون يا پيار جي جلون ۾ ڏسون پر ڄامشورو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. دوستو ڄامشورو هڪ اهڙي مقدس جڳهه جو نالو آهي. جتي هڪ ئي هنڌ سپرهاءِ وي جي ڪپ تي 3 يونيورسٽيون هجڻ جو اعزاز به ڄامشوري کي ئي آهي. هڪ طرف لياقت يونيورسٽي ته ٻي طرف مهراڻ يونيورسٽي . انهن ٻنهي جي وچ ۾ يعني دل ۾ وري اسنڌ يونيورسٽي آهي. سنڌ يونبيروسٽي جيئن ئي وچ ۾ دل وانگر اهي ته حقيقت ۾ به هڪ دل ئي آهي. سنڌ يونيورسٽي اها يونيورسٽي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي واهڻ واهڻ ۽ وستي وستيءَ مان حسن اچي هتي ڪٺي ٿيندو آهي ۽ اهي شاگرد ۽ شگردياڻيونهتي اچر ڪري پاڻ ۾ بنا ڪنهن نسل، مذهب، فرقي ۽ ذات پات غريبي ۽ اميري کي الڳ رکي ڪري پاڻ ۾ هڪ اهڙو بي مقصد مضبوط رشتو هڪ ٿوري عرصي ۾ قائم ڪري وٺندا آهن. جو انهيءَ رشتي جون يادون پوري زندگيءَ تائين ياد رهنديون آهن. اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاڻ بي حساب ۽ بيحجاب ٿي ڪري رهندا آهن. ڪي ڪي شاگرد پاڻ ئي ايئن محسوس ڪندا آهن، ته شايد خداپاڪ اسان جا جسم ته الڳ ٺاهيا آهن، پر دليون گڏ آهن. ڇاڪاڻ ره هو هڪ ٻئي جي ڪردارن، عادتن، رهڻي ڪهڻي کان چڱي ريت واقف ٿي ويندا آهن. دوست يونيورسٽي منهنجي خيال ۾ شاگرد جي ٻيون نمبر ماءُ آهي. يونيورسٽي شاگرد کي اٿڻ، ويهڻ سيکاري ٿي ۽ فرش کان عرش تائين پنهنجي محنت سان پهچائي سگهي ٿي. دوستو يونيورسٽي شاگرد جي سکڻ جي لاءِ آخري ۽ پهريون ڏاڪو آهي. دوستو هونءَ ته انسان جو هڪ هفتو به وڏو گذرندو آهي، پر يونيورسٽيءَ جا چار سال هڪ خواب وانگر گذري ويندا آهن. خبر تڏهن پوندي آهي. جڏهن ڪو ماڻهو رات جو خواب ڏسي ڪري پرهه مهل ننڊ مان اٿندو آهي ته صبح ٿيڻ جو احساس ٿيندو اٿس. دوستو يونيورسٽي جا چار سال به ايئن خواب وانگر گذري ويندا آهن. خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن انهيءَ شاگرد کي الوداعي پارٽي ۾ اسٽيج تي هڪ مهمان جي حيثيت سان گهرايو ويندو آهي، تڏهن ان شاگرد کي يونيورسٽي ۾ چار سال پورا ٿيڻ جو هڪ احساس پيدا ٿيندو آهي. ايتريقدر جو ان شاگرد جي دل و دماغ اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، ته ڇا اڄ منهنجو واقعي ئي هي الوداعي ڏهاڙي تائين جو پل پل جون يادون ان جي دهن تي هڪدم سمائجي وينديون آهن. پوءِ ڇو نه ڪلاس رومن يا هاسٽلن جون يادون ڪينٽين جي ڪٽنگ ۽ چٽ پٽا سموسن ۽ پيٽيسز جون يادون يا دوستن سان ڪيل مذاقون يادون، C.L جون يادون يا Picnic جون يادون دوستو اهي يادن جا پل ان شاگرد جي جيءَ کي جهورينديون آهن، پوءِ اهو شاگرد پنهنجي نيڻن جا روڪي نه سگهندو آهي ۽ روئيندو يونيورسٽي جي گذاريل پل پل جي پلن کي الوداع چوندو ويندو آهي. هميشه هميشه ڄامشوري جو ديوانو ٿي ويندو آهي. دوستو هي جيڪا موسم هلي رهي آهي. اها موسم يونيورسٽي لائيف جي حساب سان هڪ پن ڇڻ موسم آهي. سو اڄ اسان جا سينئر شاگرد ڀائر ۽ ڀينرون پنهنجي انمونل رهنمائي کان اڄ اسانکي محروم ڪيو پيا وڃن آخر ۾ آئون خداپاڪ جي در دعاگو آهيان ته هن يونيورستي جي پن ڇڻ موسم جي ميرن کي ڪنهن سٺي منزل تي پهچائي ۽ هي ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسن سدائين مسڪرائيندا رهن. جيون جي هن چوواٽي تي ڪي يار مليا هئا قرب منجهان، وقت اهڙو ڌوڪو ڏنو، ڪو ڪاڏي ويو ڪو ڪاڏي ويو، هڪ ٻَيڙي هئي هئي سان ٻڏندي وئي ۽ تلڪ به تنهن جا ترندا ويا، هڪ وکر هيو سو وڇڙي ويو، ڪو ڪاڏي ويو،ڪو ڪاڏي ويو.
    بشڪريه عبرت
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مان ڪئين چوان توکي الوداع ( هي، حسن جو هندرو، اهو ڄامشورو، اهو ڄامشورو،

    مونکي ڏک ٿيندو آهي۔۔۔

    مونکي ڏک ٿيندو آهي جڏهن يونيورسٽي ۾ ڪنهن نياڻي کي ڇڇورا تنگ ڪندا آهن۔۔۔۔

    منهنجي دل روئندي آهي جڏهن اسان جا نام نهاد ڪامريڊ سر عام هٿيارن سان ڪلاس خالي ڪرائيندا ۽ فائرنگ ڪندا آهن۔۔۔


    مونکي ڏک ٿيندو آهي جڏهن واندا واندا سفارشن تي داخلائون وٺي پروفيسرن جي خوشامند ڪري پاس ٿيندا آهن۔۔۔

    مونکي ڏک ٿيندو آهي۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مان ڪئين چوان توکي الوداع ( هي، حسن جو هندرو، اهو ڄامشورو، اهو ڄامشورو،

    بس سائين ڇا ٿو ڪري سگهجي .................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو