وٽامن B12 جي انسان لاء ضرورت شبانا سمون وٽامن B12 انسانن لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڇو ته رت جا ڳاڙها جزا ٺاهيندو آهي. ڊي اين اي به ٺاهيندو آهي ۽ انسان جي Nervous system کي صحيح نموني ڪم ڪرڻ ۾ مدد آڻيندو آهي. وٽامن B12 اڪثر ڪري مڇي، خاص طور ڪليجي، shellfish گوشت، بيضي، ڊيري وارين شين، کير به وڌيڪ کائڻ گهرجن. پراڊڪٽس کير مان ٺهندڙ شين) ۽ ڀاڄين ۾ ملي ٿو جيڪي ماڻهو ڀاڄيون کائيندڙ آهن ۽ گوشت نه کائيندا آهن انهن کي B12 حاصل ڪرڻ لاءِ خوراڪ لاءِ ٻيا ذريعا پيدا ڪرڻا پوندا. B12 جي کوٽ سان معدي ۽ ننڍي آنڊي ۾ B12 جذب ڪرڻ جي صلاحيت ناهي رهندي. B12 جي کوٽ سان رت جي کوٽ ٿيندي آهي. جيڪو معدي ۾ انهن سيلز کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جيڪي B12 کي جذب ڪن ٿا. وٽامن B12 کي جي گهٽجڻ جو ضرور ڪو سبب هوندو انهي حوالي سان مريض کان سوال به ڪندا آهن ته توهان کي ڪهڙي قسم جي تڪيلف آهي ان حوالي سان مريض کي هر شي ڊاڪٽر کي ٻڌائڻ گهرجي. جيڪوکيس ٿئي ٿو ان بابت آگاهه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته مريض طرفان مڪمل تفصيل نه ڏيڻ جي صورت ۾ به ڊاڪٽر اصل مرض تائين پهچي سگهي ٿو ته نه پهچي سگهي پر انهي حوالي سان رت جون ٽيسٽون به ٿينديون آهن جن ۾ به سڄي صورتحال واضع ٿي ويندي آهي. وٽامن B12 جي کوٽ جي صورت ۾ رت جي کوٽ (رت جي ڳاڙهن جزن جو گهٽجڻ)، پريشاني، هوموسائيٽينHemocystenine جي سطح وڌڻ سان گڏ دل جون بيماريون به پيدا ٿي سگهن ٿيون. وٽامن B12 کي ڪيميڪل ڪوبالمين Cobalamin به سڏيو ويندو آهي. Nervous system B12 تنتي نظام کي صحيح نموني هلائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. رت کي به ٺاهيندي آهي. هر سيل جي Metabolism ۾ به مدد ڏيندو آهي. وٽامن B12 جي کوٽ جي صورت ۾ انساني جي ياداشت به متاثر ٿيندي آهي. انسان جي تنتي نظام Nervous system کي ڦيٽي شيٿ fatty sheath ويڙهيل هوندي آهي. جيڪا پروٽين جي هوندي آهي جنهن کي myelin چوندا آهن. انهي مائيلنس کي سرگرم رهڻ ۾ B12 مدد ڏيندو آهي. ڳورهارين عورتن لاءِ b12 جي وڌيڪ ضرورت ناهي هوندي پر کير پياريندڙ مائرن ۾ ججهي مقدار ۾ وٽامن B12 هئڻ ضروري آهي جسم ۾ B12 يعني رت جي ڳاڙهن جزن جي کوٽ جا مختلف ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.