ٿڪاوٽ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي حڪيم نذير احمد شيخ ٿڪاوٽ هڪ اهڙي ڪيفيت ۽ تصور آهي، جنهن کي وضاحت سان بيان نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٿڪاوٽ جي حوالي سان هر ڪنهن جو پنهنجو خيال ۽ اندازو آهي، ڪنهن ماڻهو کي ڪهڙي شئي يا ڪم مان ٿڪاوٽ ٿيندي آهي هر ماڻهو جي مزاج مختلف آهي، جيئن اڪثر ماڻهن کي رات جو تيستائين ننڊ نه ايندي آهي، جيستائين هڪ ڪوپ چانهه جو نه پيئن، عام طور تي ائين آهي جن ماڻهن کي رات جو دير تائين جاڳڻو هوندو آهي ته اُن صورت ۾ چاءِ پيئندا آهن. جيئن شاگرد امتحانن جي راتين ۾ دير تائين پڙهڻ جي صورت ۾ چانهه جو ڪوپ پي جاڳندا آهن يا ڊرائيور اڪثر رات جو گهڻي چانهه ان ڪري پيئندا آهن ته گاڏي هلائي سگهن. ليڪن هي حقيقت ته طئي آهي ته جنهن ماڻهو جي رات ننڊ پوري نٿي ٿئي، اُن کي ڏينهن جو ٿڪاوٽ لازمي ٿئي ٿي ۽ ڪو به ڪم ڪار هو صحيح طريقي سان ڪرڻ جي قابل نٿو رهي، مايوسي پريشاني، فڪرات، حادثات ۽ ذهني ڪمزوري جو پڻ جسماني ٿڪاوٽ سان ويجهو تعلق آهي، ڪن ماڻهن جي طبيعت ۾ ننڍي هوندي کان ئي ٿڪاوٽ سستي ۽ ڍلائي شامل هوندي آهي هر ڪم اڌوور ۽ بي دليو ڪندا آهن، احساس ذميداري محسوس نه ڪندا آهن هر ڪم کي پنهنجي مٿان وزن ۽ بوج سمجهندا آهن، جڏهن کان اوچتو ذميداري مٿي تي اچانڪ اچي وڃي ته گهڻي تڪليف محسوس ڪندا آهن طبي لحاظ کان جسماني ٿڪاوٽ جا مکيه هي به سبب ٿي سگهن ٿا رت جي گهٽتائي ڪمزوري،بک جو نه لڳڻ، ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ ۾ دل نه لڳڻ، عورتن ۾ ماهواري جي خرابي گهڻو حيض اچڻ سبب ڪمزوري، جسم ۾ فولاد جي گهٽائي ٿيڻ جنهن جي خاص نشاني اکين جي هيٺان ڪارا حلقا ٿيڻ، اکيون ۽ ننهن اڇا ٿيڻ، ننڊ جي گهٽتائي ٿيڻ ڪن عورتن کي حمل دوران پڻ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي، ان لاءِ هن کي FOLICASID فولڪ ائسڊ جي گولي رات جو کير سان کائڻ گهرجي، مووجده دور ۾ معاشري ۾ رات جو دير تائين ٽي وي ڏسڻ لاءِ جاڳڻ جو رواج آهي، نتيجي طور صبح جو سوير اٿي اسڪول يا ڪاليج يا ڪنهن ڊيوٽي تي وڃڻو آهي ته ننڊ پوري نه ٿيڻ سبب لازمي طور تي ٿڪاوٽ ڏينهن جو محسوس ٿيندي خاص ڪري ٻارن کي صبح جي وقت پڙهائي ۾ پورو سبق ذهن ۾ نه ويهندو آهي، جن گهرن يا خاندانن ۾ ٻارن جي آرام ۽ ننڊ لاءِ ڪو طريقو ۽ فائدو قانون ۽ روايت مقرر نه آهي ۽ دير تائين جاڳڻ فيشن ۾ شامل آهي، انهن گهرن ۾ ٿڪاوٽ ۽ سستي گهڻي مقدار ۾ ملندي، ٿڪاوٽ جو اثر جسم جي هر حصي ۽ عضوي ۾ سور ۽ بي فرحتي Uneasy محسوس ٿيندو آهي، ڪجهه ماڻهو آرام ڪري ۽ ننڊ پوري ڪري ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ بجاءِ وقتي سور ختم ڪرڻ واريون گوليون کائي گذارو ڪندا آهن، جيڪو هر لحاظ کان غلط طريقو آهي، ٿڪاوٽ هوندي گاڏي هلائڻ ۽ سفر ڪرڻ خطري کان خالي نه هوندو آهي، ڊرائيونگ هميشه تڏهن ڪجي جڏهن ماڻهو ذهني ۽ جسماني طور توازو توانو ۽ فريش هجي ڪجهه بيمارين ۽ دوائن کائڻ جي منفي اثران سبب پڻ جسماني ذهنيءَ ٿڪاوٽ ٿيندي آهي، پنهنجي جسماني طاقت ۽ عمر کي مدنظر رکي پوءِ ڪم ڪار يا ڊيوٽي ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڻ تي جبر ۽ زور ڪري جان کي تڪليف ڏيئي هرروڀرو به ڪم پورو ڪرڻو آهي ائين ڪرڻ سان جسماني قوت مدافعت ڪمزور ۽ سست ٿييندي، ڪنهن به ڪم ۽ ڊيوٽي ڪرڻ دوران ڪجهه دير لاءِ جسم خاص طرح اکين کي آرام Rest ڏيڻ ضروري آهي، ممڪن ٿي سگهي ته منجهند جي ماني کائڻ بعد ڪجهه دير لاءِ قبلولا (آرام ڪرڻ) ضروري آهي، ان سان جسماني صحت برقرار رهڻ سان گڏ سنت جي ادائگي جو ثواب الڳ ملندو ۽ جسماني طاقت بحال ۽ برقرار رهندي، ڪجهه Infection جي جسم ۾ هئڻ سبب پڻ ٿڪاوٽ ٿيندي آهي، گهڻي بيماري ڪاٽڻ ۽ هڪ جاءِ تي بستري تي پوڻ سبب پڻ جسماني ٿڪاوٽ ٿئي ٿي، پريشاني ۽ ڊپريشن جي مريضن تي ٿڪاوٽ ۽ سستي جلد پنهنجو اثر ڄمائي ٿي. سياري جي موسم ۾ به ڪن ماڻهن کي ذهني ۽ اعصابي ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي ۽ معمول وارو ڪم ڪار تيزي سان نه ڪري سگهندا آهن. ذيابطيس (شگر) جي بيماري سبب پڻ جسم ٽٽل ۽ ٿڪل رهندو آهي، شگر ڪنٽرول ۾ هوندي آهي ته طبيعت بحال رهندي آهي، ٿڪاوٽ جنهن کي انگريزي ۾ Fatigue چئبو آهي، ان جي بذات خود ختم ڪرڻ جو ڪو علاج مقرر نه آهي، ڏسو صفحو.6 البته ان سبب ٿيل علامتن جو صحيح علاج ڪجي ته ٿڪاوٽ ختم ٿي سگهي ٿي، علاج ڪرائڻ کان پهريائين ذهني طرح تيار رهڻو آهي ته زندگي کي خوش و خرم ۽ پريشانين کان پري Fatigue Free ٿي گذرڻو آهي، مناسب متوازن غذا کاڌو خوراڪ کائڻي آهي جيتري آساني سان هضم ڪري سگهجي، اوتري کائجي، پنڌ ۽ ورزش ضرور ڪجي، مڪمل ۽ پوري گهري ننڊ ڪجي. ڪافي سببن جي ڪري ڪڏهن جسم ۾ حياتين ۽ معديات Minerals & Vitamin جي گهٽائي ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ ۽ جسم ۾ ٽوٽ محسوس ٿيندي آهي، غذا کاڌ خوراڪ جيڪا سٺي ۽ صحيح هجي ان مان جيڪا طاقت توانائي انسان کي حاصل ٿئي ٿي، اها ڪنهن دوا مان حاصل ٿيڻ ممڪن نه آهي، ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ سان انسان جي جسم ۾ طاقت توانائي ۽ حرڪت اچي ٿي ۽ ٿڪاوٽ دور ڪرڻ جو قدرتي علاج پڻ آهي، نماز باقائدگي سان پڙهندڙ انسان کي بي نمازي ماڻهو جي مقابلي ۾ ٿڪاوٽ نه ٿيندي آهي، ثابت ٿيو ته نماز پڙهڻ بذات خود هڪ قدرتي ورزش آهي، ڪنهن به سبب جسم ۾ مسلسل ٽوٽ ٿڪاوٽ رهندي هجي ته پنهنجي معالج سان ضرور مشورو ڪجي، ڪڏهن جسم ۾ ڪن بيمارين سبب ٿڪاوٽ ٿيندي آهي جنهن کي في الحال ليکبو نه آهي، وڏي عمر ۾ ته لازمي جسماني ذهني ٿڪاوٽ ٿئي ٿي، تنهن لاءِ قدرتي جڙي ٻوٽين ذريعي طبيعت ۽ عمر مطابق علاج ممڪن آهي، ڪوشش ڪري پنهنجي زندگي جي روزمرهه جو شيڊيول اهڙي طريقي سان برقرار رکجي، جنهن ۾ متوازن غذا سان گڏ پنڌ ورزش ۽ آرام وغيره جي لاءِ وقت مقرر هجن، جيترو طبيعت خوش پر سڪون ۽ فڪرات کان خالي ۽ پريشانين کان پري هوندي صحت ۽ تندرستي بحال رهندي، موجوده معاشرو ۽ دور اهڙو آهي جو حالتن سان ٺاهه ڪري هلڻو آهي، ذهني طرح هر صورتحال لاءِ تيار رهڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه آهي، جيئن انگريزي ۾ چوڻ آهي ته Hope for the best, prepare forther worst اميد ته هميشه سٺي ۽ مثبت رکو، ليڪن حالتن جي بگڙجڻ لاءِ به تيار رهو، ٿڪاوٽ ۽ سستي لاءِ گوري کائي گذارو ڪرڻ بجاءِ ان جي اصل سبب کي معلوم ڪري اُن جو ازالو ڪرڻ عقلمندي آهي، ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگهجي ٿو، بشڪريه عبرت