زخم جيڪي ڀرجن نه ٿا وصي قريشي انسان جي جسم ۾ گهري کان گهرا زخم وقت سر علاج سان گڏ ڀرجي ويندا آهن ۽ انسان ٻيهر پنهنجي معمول مطابق جيئڻ لڳندو آهي. پر ڪي زخم اهڙا به زخم هوندا آهن جنهن جو جيڪڏهن سبب معلوم نه ڪيو وڃي ته اهو ناسور بڻجي ويندا آهن زخم شگر جي مرض سبب ختم نه ٿيندا آهن جنهن جو سبب آهي ته انساني رت، انسولين ۽ لوازمات توازن برقرار نه رهڻ آهي هُنئن ته ذيابيطس يا شگر جي مرض جا اصل سبب ڪيترائي آهن پر چيو ويندو آهي هي هڪ Autoimmune يعني خودبخود ٿيڻ واري بيماري آهي پوءِ به بيماري آهي پوءِ به هن بيماري ٿيڻ سان پينڪرياز يعني لبلبي جو متاثر ٿيڻ، ڪجهه خاندانن ۾ هن مرض جو موروثي هجڻ ڪجهه تخليقي سبب ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪن ذاتي سببن جي ڪري به هي بيماري ٿي ويندي آهي پر عام طور تي موٽاپو يا ٿولهه 45 سالن کان پوءِ واري زندگي يعني پوڙاهپ حمل دوران ٻار جو سائيز کان وڏو ٿيڻ جي ڪري به هن بيماري جو شڪار ٿي سگهجي ٿو. پريشاني وڌڻ، گهڻي ويهڪ، پنڌ نه ڪرڻ سگريٽ نوشي ۽ شراب وڌيڪ ڪرڻ پڻ هن بيماري جو ڪارڻ آهن. عام طور تي شگر ٽن قسمن جي ٿيندي آهي. پهرين قسم کي ذيابطيس شڪري ٽائيپ 1 جڏهن ته ٻئي قسم کي شڪري ٽائيپ نمبر 2 ۽ ٽيئن قسم کي Gestational Diabetes چوندا آهن. ٽائيپ ون ڊائبٽيز اڪثر ڪري 20 سالن تائين جي عمر جي نوجوانن ۽ ٻارن ۾ به ٿيندي آهي. انهي قسم جي شگر جو ڪارڻ اڄ ڏينهن تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پر اهو به خانداني موروثي، توڙي پريشاني واري حالت ۾ رهڻ سان به ٿي ويندي آهي. ڊائيٽ ٽو ڊائبٽيز عام جيڪا عورتن توڙي مردن ۾ ٿيندي آهي. انهي سان پينڪرياز رت ۾ شگر جي سطح برقرار نه رکي سگهندو آهي. جيري تي به اثر پوندو آهي. اها بيماري ورزش نه ڪرڻ، گهڻو ويهڪ ۽ پريشاني سان به ٿيندي آهي. Gestational Diabetes ۾ رت ۾ گلوڪوز جي سطح وڌي ويندي آهي ۽ اهو مرض اڪثر عورتن ۾ حمل دوران ٿئي ٿو. جن عورتن کي انهي قسم جي شگر جو مرض لڳي وڃي ٿو. انهن کي ٽائيپ ٽو ڊائبٽيز ٿيڻ ۽ دل جا مرض ٿيڻ جو به خدشو هوندو آهي. ٽائيپ ٽو ڊائبٽيز 45 سالن کان مٿي عمر، مائيٽن مان والدين ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب دل جون بيماريون به پيدا ڪندي آهي جڏهن ته شگر ۾ ڪوليسٽرول جي سطح به وڌي ويندي آهي. شگر جي مرض ٿيڻ سان علامتون به ظاهر ٿينديون آهن جن ۾ بک گهڻي ٿيڻ، وزن گهٽجي وڃڻ، اڃ لڳڻ، سستي محسوس ٿيڻ، پيشاب جو بار بار اچڻ شامل آهي. ٽائيپ ون ڊائبٽيز ۾ الٽيون به اينديون آهن. شگر جي مريضن کي بار بار رت جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي. ماڻهن کي آگاهي مهم آڻي، روزانو ورزش ڪرڻ، کاڌي پيتي جو ٽائيم ٽيبل رکڻ، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول تي ڪنٽرول رکڻ ۽ لاڳيتو پابندي سان دوا وٺڻ سان انهي مرض تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. انهي لاءِ اسان کي اهي احتياطي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، جيڪي ڊاڪٽرن طرفان ڏنل آهن. جن ۾ ڇا کائڻ، ڪيئن ورزش ڪرڻ، ڪهڙي وقت جي دوا وٺڻ شامل آهي. شگر جي مريض کي ڪريلن جي ڀاڄي کائڻ کپي، جڏهن ته مٿين شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. روزانو اڌ ڪلاڪ کان ڪلاڪ تائين پنڌ ڪرڻ کپي. شگر جي بيماري جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت دنيا ۾ 28 ڪروڙ 50 لک ماڻهو هن بيماري جو شڪار آهن. جيڪڏهن هي مرض اهڙي نموني پکڙجندو رهيو ته سال 2030ع تائين شگر جي مريضن جو تعداد وڌي 43 ڪروڙ 80 لک تائين ٿي ويندو پاڪستان ۾ هن مرض جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو آهي. هن وقت تائين پاڪستان ۾ 20 سالن کان وڏي عمر جا 71 لک ماڻهو هن مرض جو شڪار آهن جيڪڏهن مرض تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته 2030ع تائين 1 ڪروڙ 38 لک ماڻهو هن مرض جو شڪار ٿي ويندا پاڪستان جي مرض جي حوالي سان هن وقت دنيا جو ستون نمبر ملڪ آهي. اهو چوٿين نمبر تي اچي ويندو جيڪو معاشي بحران جي شڪار عوام جي لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هوندو. هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ هن سال 36 هزار مرد ۽ 53 هزار عورتون شگر جي مرض جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويندا آهن. جنهن ۾ شگر جي 500 قسمن جي مريضن جو معائنو ڪيو ويو انهي دوران معلوم ٿيو ته 43 سيڪڙو مريضن جون اکيون هن مرض جي ڪري متاثر جڏهن ته 20 سيڪڙو مريضن جا گڙدا ۽ 40 سيڪڙو مريضن جا ٻيا عضوا متاثر ٿيا آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ شگر جي بيماري جي واڌ جو وڏو سبب صحت جي بنيادي ادارن ۽ ڊاڪٽرن جي ناڪافي سهولت آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ جي ايس ٽي جو 0.7 سيڪڙو صحت جي سهولتن تي خرچ ٿيندو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪل 91 هزار 823 بنيادي ڊاڪٽر موجد آهن. هن طريقي سان هڪ لک پاڪستانين جي علاج لاءِ صرف 57 ڊاڪٽر موجود آهن. ملڪ ۾ 10 ڪروڙ ڳوٺاڻي آبادي لاءِ صرف 4 هزار 632 بنيادي صحت جا مرڪز آهن. بنيادي صحت جي صرف هڪ مرڪز تي 21 هزار ماڻهن جي علاج جي ذميواري عائد ٿئي ٿي. هي صورتحال يقينن ڪنهن صحتمند معاشري لاءِ خطرناڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو وڃي جيئن عوام شگرتوڙي ٻين بيمارين جو علاج ۽ ان بابت آگاهي حاصل ڪري سگهي. بشڪريه عبرت