عاجز سمون
سينيئر رڪن
ترڪيءَ سان 5 سالن جو ٺاهه ڪري ڀاڙي جو بجلي گهر آندو ويو آهي، جنهن جو پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. بجلي گهر مان ٻن يا ٽن هفتن کان پوءِ 232 ميگا واٽ بجلي ملڻ شروع ٿي ويندي. تقريب ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير شڪايتي انداز ۾ چيو آهي ته آخرڪار ٿر جي ڪوئلي مان مستقل بنيادن تي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ وفاق سهڪار ڇو نه ٿو ڪري، جڏهن ته سنڌ حڪومت اينگرو ڪمپني سان معاهدو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻن يا ٽن سالن کان پوءِ اڍائي هزار ميگا واٽ بجلي مهيا ٿيڻ شروع ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ بحران ختم ٿي ويندو. هوڏانهن بجلي گهر جي افتتاح کان پوءِ پهرين عيد کان اڳ ئي بجلي اگهن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن سبب پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير تقريب ۾ خطاب ڪندي واضح ڪيو ته ڀاڙي جي بجلي گهر باوجود اگهن ۾ اضافو نه ٿيندو. ڀاڙي جي بجلي گهر سان بحران تي شايد وقتي طور ڪنهن حد تائين ضابطو اچي وڃي پر اهو مستقل حل وري به نه آهي، جڏهن ته ملڪي خزاني تي 9 ارب رپيا ساليانو ٻوجهه وڌو ويو آهي.
سنڌ حڪومت جو موقف بلڪل چٽو ۽ واضح آهي ته جيڪڏهن وفاق سهڪار ڪري ها ۽ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي 9 ارب رپيا خرچ ڪري ها ته اڄ شايد ڀاڙي جو بجلي گهر وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. معاهدي تحت 5 سالن ۾ ترڪيءَ کي 45 ارب رپيا ڀاڙي جا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته باقي خرچ الڳ هوندا. حڪومت جون حڪمت عمليون ۽ پاليسيون محسوس ڪرائين ٿيون ته شايد بحرانن تي وقتي طور ضابطو آڻي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ چاهي ٿي ان ڪري ملڪ کي مستقل طور بحرانن مان آجپو ڏيارڻ ۽ خوشحال ڪرڻ جي ڪنهن حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ڪئي وڃي. جڏهن وفاقي حڪومت جو صوبن جي پيداوار ۾ وڏو حصو آهي ته پوءِ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ آخر هو ڀائيوار ٿيڻ پسند ڇو نه ٿي ڪري؟
ٻي صورت ۾ جيڪڏهن صوبا پنهنجي مدد پاڻ تحت پيداواري منصوبا مڪمل ڪندا ته انهن جي اپت مان حصو وٺڻ جو وفاق وٽ ڪهڙو اخلاقي جواز هجي ٿو. جمهوري حڪومت کي 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر اڃا تائين ڪو وڏو ترقياتي منصوبو شروع نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سان روزگار جا ذريعا پيدا ٿي سگهن ها يا معاشي سرگرميون شروع ٿين ها. ٿر جي ڪوئلي ۽ ڪيٽي بندر جهڙيون رٿائون هڪ وڏي عرصي کان ڌيان جون طلب گار آهن پر انهن رٿائن تي جنهن تيزيءَ سان ڪم شروع ٿيڻ گهرجي ها اهو نه ٿي سگهيو آهي. ٿر جي ڪوئلي واري رٿا ته پوري ملڪ لاءِ ايتري ضروري ۽ اهم آهي جو ان تي ڏينهن رات هڪ ڪري هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو وڃي ها، ان جي ابتڙ ذوالفقار آباد رٿا جو اعلان ڪيو ويو، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته اڳ جون رٿائون مڪمل ڪري پوءِ نين رٿائن کي هٿ ۾ کنيو وڃي پر حڪومت جي ماهرن جي سوچ عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان مٿانهين آهي. ان سلسلي ۾ جمهوري حڪومت کي هڪ دم پنهنجي پاليسين ۽ اوليتن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪري ٿر جي ڪوئلي مان فائدو وٺڻ گهرجي، رٿا تي ڪم تيز ٿيڻ سان هڪ ته ماڻهن کي روزگار ملندو ٻيو ته جلد بجلي پيدا ٿي سگهندي، جنهن سان بحران جو مستقل خاتمو اچڻ سان گڏ بجلي گهر جا ڀاڙي وارا 9 ارب رپيا ساليانو بچي پوندا. اهڙي طرح ڪيٽي بندر ۽ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ وارين رٿائن تي به جلد ۽ تيز رفتاريءَ سان عملي ڪم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
عوامي آواز جي ٿورن سان