سنڌ سلامت فورم جي تمام مهربانن ادو رشيد سمون ،سائين نثار ناز ، محترم نثار ابڙو ، ادو ابو زين ، پرين زاهد سومرو ، سهڻو فقير،اڙي گهوڙا ڙي منهنجي سر جو سائين وهاب قمبراڻي ،جناب مگسي ۽ مهنجو پرين پيارو اک جو تارو جهانداد سمون ،وحيد سمون عظيم،نئون فقير،ساره ،احسان علي جانوري ۽ سنڌ سلامت جي تمام ساٿين کي هڪ دفعو ٻيهر السلام عليڪم ياعلي مدد
ادا اسان ڇا ويا سي فورم جو نقشو ئي مٽجي ويو آهي دوستن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي مون ته ايترو سوچيو به نه هو الله تعالي اوهان سڀني کي خوش رکي ۽ شل سڀني جو ساٿ سلامت رهي ۽ اهڙي طرح سنڌ ڌرتي لاء پتوڙيندا رهو
اوهان دوستن جي ياد ته تمام گهڻي آئي مان چڪر به هڻي ويندو هئس ادي زاهد جا امتحان ڀريا سوال سائين نثار جا من موهندڙ جواب اسان جي نون دوستن جو اچڻ ۽ انهن جو پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازڻ ۽ دوستن جو پاڻ ۾ پيار ۽ محبت ڏسي ڪري سچ پڇو سڀ ٿڪ لهي ويا شال جڙيا هجو آباد هجو اسا جهونن:d:d جون دعاون ۽ نيڪ تمنائون اوهان سڀني لاء انشاء الله ڪچهريون پيون ٿينديون
ويندي ويندي مصرين جو جملو چوندو وڃان جنهن اسان کي ڏاڍو رت ڪيو هر ڳاله تي
گميل گميل گميل :d