ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌي ۾ گهڻا ترجمه ڏيندڙ شخصيت

هر ادب ۾ ليکڪ جي ذاتي طبيعت جا لاڙا سندس مزاج ۽ نظرين جو عڪس ضرور موجود هوندو آهي، مرزا صاحب جي نثر ۾ فڪري لاڙن کي جانچڻ لاءِ سندس شخصيت کي ڏسنداسين.
ڪتاب ”ديوان قليچ“ ۾ اجمل بيگ مرزا ڪتاب جو مقدمو لکندي چوي ٿو: مرزا صاحب جي زندگي جي طرز ۽ بود و باش انتهائي سادي ۽ بي تڪلف هئي، طبيعت ۾ انڪساري سان گڏ خلوص ۽ صداقت، نيڪي سان گڏ شرافت ۽ ظرافت موجود هئي، پاڻ پراڻي تهذيب ۽ اخلاق جو صحيح نمونو هو، عاجزي ۽ انڪساري به منجهس بدرجه اتم موجود هئي، پاڻ هڪ حقيقت شناس انسان هو، غرور ۽ تڪبر کان پري ڀڄندڙ هو، طبيعت ۾ صبر قناعت بي طمعي ۽ توڪل جون خاصيتون، قدرت جي طرف کان وديعت ٿيل هئس.
مرزا صاحب بنيادي طرح پنهنجي ذات ۽ رويي ۾ صوفي هو، هو پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
”تصوف وارو مذهب صلح ڪل جو سڀ کان بهتر آهي جو نج اسلام آهي ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا، جنهن موجب سڀ انسان فرق کان سواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.“
اهڙن خيالن جو اظهار سندس ڪيل شاعري ۾ واضع طور موجود آهي، مرزا صاحب جا لکيل طبع زاد ناول هڪ ”دلارام“ ٻيو زينت هئا، اهي ناول جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا.
مرزا صاحب جو دلا رام ناول لاءِ چوڻ هو ته هن ناول ۾ اڳوڻي زماني جي قصن وانگر جن ڀوت يا پري ديو يا جادو جو نالو به ڪونهي، هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن جي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا.
هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي، اهڙي ئي قسم جو فلسفو شيڪسپيئر جي رومانوي ناٽڪ ۾ موجود آهي، جنهن کي مرزا صاحب حسنا دلدار جي نالي سان ترجمو ڪيو، هن ناول ۾ سيرت نگاري جو فڪر هن طرح سمايل آهي ته سچي عاشق جي دل ۾ جي لالچ نه آهي ته هو سوني ۽ يوپي صندوق ڇڏي شيهي جي صندوق پسند ڪري ٿو، جنهن جي ئي اجوري ۾ کيس دل گهري محبوبا ٿي ملي.
مرزا صاحب ترجمي وقت هميشه ناولن ۾ سنڌي ماحول ۽ سنڌ جي فڪر جون ڳالهيون شامل ڪندو هو جهڙوڪ هن ناول مان مرزا صاحب يهودي ۽ عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي، هندو مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب وڌو آهي، اهڙي طرح شيڪسپيئر جا ناول شاهه ايليا ۽ فيروز دل افروز 1905ع ۾ ترجمو ڪيا جن ۾ پڻ تقدير، سيرت نگاري جو فلسفو موجود آهي، جهڙوڪ شاهه ايليا ۾ هڪ ڪردار بادشاهه روبيل کان چوي ٿو:
تو کي صبر ڪري سڀ سور سهڻ گهرجن اسين هن جهان ۾ روئيندي پيدا ٿيا آهيون سا تو کي خبر آهي، اڃا پهرين هن دنيا جي هوا لڳي ٿي ته اسين روئون ۽ رڙون ٿا.“
مجموعي طور مرزا قليچ بيگ جي نثر ۾ اصلاح پسندي سيرت نگاري، اخلاق ۽ تقدير جو فڪر موجود آهي، ساڳئي وقت مرزا صاحب جي شخصيت همه گير آهي، پاڻ جديد ۽ قديم جي سرحد تي بيهي ادب جي ٻنهي رجحانن جو ميلاپ اسان اڳيان آندائين، جيتوڻيڪ مرزا صاحب انگريزي ادب سنڌ ۾ متعارف ڪرايو جيڪو جديد سماجي مسئلن ۽ اصلاح پسندي تي مبني هو پر تنهن هوندي به سندس طبع زاد لکڻين ۾۽ مجموعي رويي مان اسان کي صوفيت جا لاڙا ملن ٿا.