سنڌ کي درپيش چئلينجز نصير ميمڻ ٽائيم ميگزين جي تازي پرچي ۾ سال 2010ع اندر دنيا ۾ متعارف ٿيل 50 بهترين ايجادن تي هڪ نهايت معلوماتي آرٽيڪل ڇپيو آهي. مون کي خبر آهي ته مهينو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ گذريل سال بابت آرٽيڪل ڇپجندا ته انهن جا انگ اکر ايجادن ۽ ڪاميابين تي نه، پر ڪاروڪاريءَ ۾ قتل ٿيل عورتن، جرڳن، اغوا ٿيلن ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن تي مشتمل هوندا ۽ اسان پنهنجي تيزيءَ سان خالي ٿيندڙ هڙ ۾ باقي بچيل اميدن کي سميٽي وري موهن جي دڙي يا ڀٽ شاهه وٽان نئين سج جو آڌر ڀاءُ ڪندي، سنڌ لاءِ ايندڙ سال جي سڀاڳي ٿيڻ جون دعائون گهرنداسين، جيترو موت جي حد تائين مايوس ٿيڻ خطرناڪ آهي، اوترو ئي خود فريبيءَ جي حد تائين پراميد ٿيڻ به هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. انهن ٻنهي انتهائن جي وچ ۾ حقيقت پسنديءَ جو هڪ ڪشادو جهان سمايل آهي، جنهن کي پرکڻ جي ضرورت آهي. مثال طور جتي سنڌ جو ماضي عظيم هجڻ هڪ حقيقت ٿي سگهي ٿي، اتي سنڌ جو حال غير عظيم ۽ مستقبل اڻ چٽو هجڻ به ٺڪرائي نه سگهڻ جهڙي حقيقت آهي. گهڻ طرفن ٻاهرين خطرن ۽ انهن کان به وڌيڪ ڀوائتن اندروني ڪمزورين کي ايمانداريءَ سان سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جون حڪمت عمليون جوڙڻ اڄوڪي سنڌ جي اولين ضرورتن ۾ شامل آهي. غلامي ۽ بربادي رڳو نندڻ سان ٽري وڃن ها ته ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڪا قوم غلام ۽ برباد ٿئي ئي نه ها. انهن ڳالهين جو مقصد سنڌي سماج اندر موجود چئن چڱاين کان انڪار ڪرڻ ناهي، پر رڳو انهن تي ڀاڙي ويهڻ سان نجات نه ملي سگهندي. ايڪيهين صديءَ ۾ عظمتن جا معيار مختلف آهن ۽ پنج هزار سال اڳ وارين عظمتن کي وڌيڪ ڪيش ڪرائڻ هاڻي ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ايندڙ سالن ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ شهيد ذوالفقار ۽ بينظير جي قربانين کي ڪيش ڪرائڻ مشڪل هوندو. مختصر لفظن ۾ ته ماضيءَ جي عظمت هڪ حد کان پوءِ مستقبل جي محفوظ هجڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهي. اڄ جي سنڌ کي اڄوڪي دنيا جي عظمتن جي وصف کي سمجهي پنهنجي حيثيت جو تعين ڪرڻو پوندو ۽ ان نفسياتي مونجهاري مان نڪرڻو پوندو ته جيئن ته منهنجو پڙ ڏاڏو تر جو مڻيادار مڙس هئو، تنهن ڪري منهنجي آڱوٺي ڇاپ وجود کي به اوترو ئي مان ملڻ گهرجي. اهو اڄ جي دنيا ۾ ممڪن ناهي. اڄ جي دنيا ۾ قومن جي عظمت لاءِ بنيادي پيمانو ڄاڻ ۽ انساني پورهيو (جسماني توڙي ذهني) آهن، جنهن قوم وٽ اهي ٻه شيون ناهن، ان جو مستقبل اڄ جي دنيا ۾ غلاميءَ کان وڌيڪ خراب آهي ۽ جنهن قوم وٽ اهي ٻه شيون آهن، اها باقي گهرجن جو پورائو پاڻ ئي ڪري وٺندي. ڄاڻ لفظ جي وصف کي هتي وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي، ان ۾ جديد سائنسي تعليم، معاشرتي ساڃاهه، جديد ٽيڪنالاجي ۽ هنر شامل آهن. ساڳي طرح انساني پورهئي ۾ رڳو تغاري مٿي تي کڻڻ يا هر هلائڻ شامل ناهي، بلڪه ان ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي درست استعمال جو هنر، تخليقي صلاحيتون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي منڊين ۾ پهچ ۽ لڳاتار کوجنا ۽ جستجو سڀ شامل آهن. اهي ٻه بنيادي عنصر گڏجي مارڪيٽ اڪاناميءَ جي چئلينجز جو جواب ڳولهي سگهن ٿا. چوڻ لاءِ ته اهي ٻه عنصر آهن، پر انهن تائين پهچ واري ڏاڪڻ جا ڪيئي ڏاڪا آهن. سنڌ جهڙن سياسي، نفسياتي ۽ معاشي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيل سماجن لاءِ ان ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهڻ ۾ ڪيئي رنڊڪون آهن، جن کي اڪرڻ وقت جي اڻٽر ضرورت آهي. انهن رنڊڪن ۾ ٻاهران مڙهيل سياسي مصيبتون به شامل آهن ته سماج جا اندروني رويا ۽ خرابيون به رڪاوٽ آهن. هن مضمون ۾ ڪجهه اهڙين اندروني رنڊڪن تي مختصر بحث ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته انهن اندروني رنڊڪن جو ڪجهه ڇيد ڪريون، جيڪي خارجي عنصرن کي وڌيڪ سگهارو بنائن ٿيون. وڏيرڪي ذهنيت: مون هتي ڄاڻي واڻي وڏيرا شاهي بجاءِ وڏيرڪي ذهنيت تي زور ڏنو آهي. سنڌ جي مڊل ڪلاس لاءِ آسان نسخو آهي ته سنڌ جي سمورين بيمارين ۽ خرابين لاءِ وڏيرا شاهيءَ کي الزام ڏئي پاڻ کي ان کان آجو ڪري ڇڏي. بدقسسمتيءَ سان وڏيرڪو رويو وچڙندڙ وائرس جيان اسان سڀني کي لڳي چڪو آهي ۽ پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ اسان سڀ ڪيترائي ڀيرا ان رويي جو ڀرپور مظاهرو ڪريون ٿا. مثال طور بنا ڪم جي پگهار کڻڻ شارٽ ڪٽ وسيلي ڪيريئر ٺاهڻ، پنهنجي وت ۽ وسيلن کان وڌيڪ ٺٺ ٺانگر سان رهڻ لاءِ حرام خوري ڪرڻ، پنهنجي قطار ۾ بيٺلن ٻين سمورن کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ، تنقيد برداشت نه ڪرڻ، هر ٻئي ماڻهوءَ مان اوڻايون ڳولهڻ، حسب توفيق هر ڪنهن جي گلا ڪرڻ، ماڻهن جي ذات جون چڱايون ڳڻڻ بدران انهن مان کوٽي کوٽي خرابيون جانچڻ، ڪم نه ڪرڻ کي فخر جوڳو ڪارنامو سمجهڻ، پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي عيب تصور ڪرڻ ۽ پنهنجي هر زيردست کي نوڪر ۽ غلام تصور ڪري اهو ورتاءُ ڪرڻ اسان مان اڪثريت جو مشغلو آهي. اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ رويا اسان جي ذات جو حصو بنجي ويا آهن ۽ اڪثر ڪري اسان انهن کي خراب به تصور نٿا ڪريون. ان وڏيرڪي رويي جو شڪار وڏيرن کان وڌيڪ اڄوڪو مڊل ڪلاس بنيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو وچولي طبقي جي ڪامورن ۽ سياسي ورڪرن ۾ ڪرپشن سموريون انتهائون اڪري وئي آهي. خاص طور تي حڪمران پارٽيءَ اندر سنڌ جي مڊل ڪلاس جي همراهن جو الٽرا سائونڊ ڪرڻ سان پتو پوندو ته حڪومت ۾ ڏيڍ ٻه سال گذارڻ سان سندن حرڪتون وڏيرن کان به وڌ ٿيو وڃن. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي نمائنده سياسي جماعت اهڙن وڏيرن ۽ نيم وڏيرن جي قبضي هيٺ اچي چڪي آهي، جنهن ڪري سنڌ اندر سماجي بهتريءَ بجاءِ اڻ کٽ ابتريءَ جو ماحول آهي. جڏهن سماج لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکندڙ مڊل ڪلاس ان رويي جو شڪار ٿي وڃي ته اهي زوال جون نشانيون آهن، پر چڱي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر هڪ محدود انگ ۾ اهو محب وطن ۽ ايماندار وچولو طبقو به موجود آهي، جيڪو شارٽ ڪٽ جي نه، پر پراسيس جي پيداوار آهي. اهو محدود طبقو پنهنجي وس آهر سنڌي سماج ۾ هاڪاري تبديليءَ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ۽ فطرت جي اصولن پٽاندڙ اهو وڏي حد تائين سماجي توازن قائم رکڻ ۾ اثرائتو به ثابت ٿي رهيو آهي، پر مجموعي طور سنڌ جي وچولي طبقي جي سياسي ۽ سماجي لاتعلقي ۽ پنهنجي ذات پروريءَ سبب سنڌي سماج جي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي. ميرٽ کان واجهو سماج: سنڌي سماج جي اوسر ۾ هڪ ٻيو رنڊڪ بنجندڙ فيڪٽر سنڌي سماج ۾ ميرٽ جي اڻ هوند آهي. هتي ميرٽ جو مقصد رڳو تعليمي ادارن ۾ داخلا يا نوڪري لاءِ ميرٽ ناهي، پر مجموعي طور اسان پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ فيصلا معروضي حقيقتن آڌار يا اجتماعي ڀلي واري ميرٽ بجاءِ پنهنجي ذات جي فائدي ۽ اطمينان آڌار ڪريون ٿا. نوڪرين ۽ بدلين ۾ ميرٽ جو بي ڪفن جنازو ته هاڻي ڌپ ڪري رهيو آهي، پر ان کان به وڌيڪ هاڃيڪار ڳالهه زندگيءَ جي سمورن معاملن ۾ ميرٽ بجاءِ عارضي مفادن کي اوليت ڏيڻ آهي. ان رويي سبب اسان جا سماج اندر رشتا ناتا، محبتون، نفرتون ۽ اوليتون سڀ هوا ۾ لٽڪيل آهن. ميرٽ جي آڌار تي رشتا ناتا نه جوڙڻ سبب اسان سماج اندر ڪرپٽ ترين ماڻهن کي قابل نفرت بجاءِ قابل عزت بنائي ڇڏيو آهي. نتيجو اهو آهي جو جيڪو جيڏو وڏو چور، بي ايمان ۽ سماج جو ويري آهي، اهو اوترو ئي وڏو معتبر آهي. اهڙا ماڻهو ذاتي ڪچهرين کان وٺي عوامي محفلن تائين هر هنڌ مڇن کي تاءُ ڏئي، سوسائٽي جا چڱا مڙس ٿيو گهمن ۽ حق حلال جي محنت ڪري سماج جي اڏاوت ۾ ايمانداريءَ سان حصو ادا ڪندڙ ماڻهو پلئه ۾ سچ کنيو آڇڻ کان لڄ مرندي ماٺ آهن. استاد تنظيمن کان وٺي سياسي تنظيمن تائين ۽ ادبي ادارن کان وٺي يونيورسٽين تائين هر هنڌ ٻه نمبري ۽ لٻاڙي ماڻهن جو قبضو آهي. اسان سڀ انهن سماج دشمن ماڻهن کي مختلف وصفن هيٺ مان ڏيون ٿا. ڪڏهن ذاتي دوستين ۽ واسطن جي آڙ ۾ ته ڪڏهن سماجي مصلحتن سبب انهن ماڻهن کي هر هنڌ اوليت ملي ٿي. ان جي ابتڙ ايمانداريءَ سان اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد کان وٺي فرض شناس سرڪاري ملازم تائين سمورا اهل ۽ ايماندار ماڻهو سماجي اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهن. ان رويي جي نتيجي ۾ سنڌ اندر نئين نسل جا رول ماڊل اولين بنيل آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سوسائٽيءَ اندر چور بازاري، داداگيري، قبضا گيري ۽ ڏاڍ مڙسيءَ کي مان آهي ۽ هر ماڻهو انهن جي جتيءَ ۾ پير رکڻ لاءِ آتو آهي. ان ناڪاري چٽا ڀيٽيءَ ۾ سماج اندر فردن توڙي ادارن بابت فيصلا ابتي ميرٽ تي ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا ذري گهٽ هر شعبي ۾ نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهن سان سٿيا پيا آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهل ۽ محنتي ماڻهو ڪنڊن ۾ عزت بچائڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل آهن. نتيجي طور سنڌ جا ادارا سنڌي سماج کي ڪا هاڪاري اوسر ڏيارڻ بجاءِ ان جون پاڙون کوٽڻ ۾ رڌل آهن ۽ انهن مان جنم وٺندڙ انساني وسيلا توڙي ذهني ڪاوشون جڏائپ جو شڪار آهن، جيڪي سنڌ جي نئين نسل کي سواءِ کوکلي نعري بازي، هلڪڙائپ ۽ خوف جي ڪجهه به نه ڏئي سگهيا آهن. جيستائين سنڌي سماج حقيقي هڏ ڏوکين، ايماندار ۽ اهل ماڻهن جي صحيح معنيٰ ۾ مان نه ڏيندو ۽ سماج جون واڳون سندن حوالي نه ڪندو، تبديلي نه اچي سگهندي. جيڪو سماج ڄاڻ، اهليت، ايمانداري ۽ پورهئي بجاءِ جهالت، شارٽ ڪٽ، ظاهري ڏيکاءَ ۽ دٻدٻي کي عزت ڏيندو، ان کي ٻاهرين دشمن جي ڪا به ضرورت نه پوندي. مارڪيٽ ۾ عدم موجودگي: ورهاڱي کان پوءِ سنڌ اندر ڪاروباري مڊل ڪلاس جو جيڪو خال پيدا ٿيو، اهو اڄ تائين ڀرجي نه سگهيو آهي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڀٽي صاحب جي ڪوششن سان جنهن مڊل ڪلاس جنم ورتو، اهو سرڪاري نوڪريءَ تي اسريو هو. سرڪاري نوڪري جيئن ته پڪي پگهار جي بنياد تي هوندي آهي، ۽ ان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هاڻي اهليت ۽ چٽاڀيٽيءَ بجاءِ ٻين هنرن جي ضرورت پوي ٿي، تنهن ڪري اهڙو مڊل ڪلاس مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ کان ٻاهر رهڻ سبب سماجي ڍانچي جي اڏاوت ۾ نهايت معمولي ڪردار مس ادا ڪري سگهندو. سنڌ جو نوڪري پيشا مڊل ڪلاس چوويهه ڪلاڪ پروموشن، پوسٽنگ ۽ بدليءَ جي چڪر ۾ پورو هوندو آهي ۽ انهن خفن کان واندڪائيءَ جي وقت ۾ هن جو مشغلو مٿين ڪمائي هوندو آهي. ان جي ابتڙ مارڪيٽ جي بنياد تي اسرندڙ وچولي طبقي جو سماج ڏانهن رويو ئي مختلف هوندو آهي. ڪاروباري چٽاڀيٽيءَ سبب ان طبقي جو ماڻهن ڏانهن رويو حاڪماڻو نه، پر هٿ ٻڌڻ وارو هوندو ۽ سندس ذهن وڌيڪ تخليقي انداز ۾ سوچيندو رهندو آهي. سنڌ ۾ اهڙو وچولو طبقو نه هجڻ جي برابر آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جي وڏن ۽ وچولن شهرن ۾ وڏن ڪاروبارن يا ڏيساور جي واپار ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندا آهن. ان ئي ڪارڻ سنڌ ۾ سياست تي وڏيرڪو طبقو ڇانيل آهي. ڪاروباري يا صنعتي وچولو طبقو سنڌ ۾ نه هجڻ سبب سنڌ جي سياسي ڍانچي جو مزاج به مختلف آهي. قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن، فردن ۽ تنظيمن کي سنڌي سماج اندران زباني واهه واهه ته جام ملي ويندي آهي، پر ان جي عملي سرپرستي نه ٿيڻ سبب انهن ادارن جي اوسر به ڪميءَ جي رفتار واري آهي. مثال طور سنڌ اندر باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياسي شعور جي دعويداريءَ جي باوجود ڪن هڪ ٻن کي ڇڏي، باقي سنڌي ڪتاب ڇپائيندڙ ادارن لاءِ ڪنهن ڪتاب جون هزار ڪاپيون وڪرو ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. سنڌ اندر سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جو حال خراب هجڻ جي باوجود ڪراچيءَ کي ڇڏي، باقي سنڌ ۾ ڍنگ جا خانگي تعليمي ادارا به نٿا ملن. سنڌ اندر ڊگري ڏيندڙ 25 خانگي يونيورسٽين مان 23 ڪراچيءَ ۾ آهن. هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سکر آءِ بي اي کانسواءِ ڪو به ڳڻڻ جهڙو وڏو تعليمي ادارو نظر نٿو اچي، جتان مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ مقابلو ڪري سگهڻ جهڙو هيومن ريسورس وڏي انگ ۾ پيدا ٿي سگهي. هاڻي جيئن ته سرڪاري شعبي ۾ نوڪرين جا وهندڙ واهڙ سڪي رهيا آهن ۽ جاب مارڪيٽ تي خانگي شعبو ڇانيل آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين مان ڊگريون وٺي نڪرندڙ نوجوان مارڪيٽ ۾ وائڙائپ جو شڪار آهن. جيتوڻيڪ خانگي شعبي اندر به سياسي اوليتون اثرانداز ٿين ٿيون، پر پوءِ به وڏي حد تائين ميرٽ لاءِ دروازا کليل رهن ٿا. بدقسمتيءَ سان مارڪيٽ جي جديد گهرجن تي پورو لهڻ لاءِ تعليمي ادارن کي جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، اهو نٿو ٿئي. سنڌ جي ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهري علائقن ۽ ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۾ خانگي شعبي اندر وڌيڪ معياري تعليمي ادارا موجود آهن، جتان ڊگريون حاصل ڪندڙ اميدوار نوڪرين ۾ اسان جي ادارن مان نڪرندڙ کيپ کي گهڻو پٺتي ڇڏي وڃن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جنهن طبقي وٽ پيسو آهي، ان وٽ اها ساڃاهه ناهي ته ان پئسي کي قوم جي اجتماعي ڀلي لاءِ ادارا ٺاهڻ ۾ سيڙائڻ گهرجي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو پئسي وارو وچولو طبقو گهڻي ڀاڱي پيٽرول پمپ کولڻ، شهرن ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ وغيره جهڙن غير پيداواري منافعي وارن موقعن ۾ سيڙپڪاري ته ڪندو رهندو آهي، پر معياري تعليمي ۽ علمي ادارا کولڻ ۾ ان جي ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي. ڪاروباري وچولي طبقي جي کوٽ سبب مارڪيٽ اندر سنڌين جو حصو پتي نه هجڻ برابر آهي ۽ ان ڪري اسان جي اثرائتي موجودگيءَ جو وڏو خال آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ٻين سمورن صوبن ۽ قوميتن جا ماڻهو مارڪيٽ ۾ نظر اچن ٿا. اڄوڪي دور ۾ مارڪيٽ مان گم هجڻ جو ٻيو مطلب آهي دنيا مان گم هجڻ. ٻولي ۽ ڪلچر کان وٺي سياسي فيصلن تائين هر هنڌ مارڪيٽ ۾ موجودگي اثرانداز ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سالن کان اسان سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لاڳو ڪرڻ لاءِ سرڪاري حڪمناما جاري ڪرڻ جا مطالبا ڪندا رهون ٿا ۽ سرڪاري حڪمناما جاري ٿيڻ جي باوجود انهن تي عمل ممڪن نٿو ٿئي. جيستائين سنڌي ٻولي مارڪيٽ جي گهر نه بنجندي، تيستائين سرڪاري حڪمنامن سان ڪجهه نه ورندو. ساڳي طرح ڪراچيءَ اندر شهري معاملن تي ٿيندڙ سرڪاري جرڳن ۾ ٻين قومن جا عيوضي ته ڪوٺيا ويندا آهن، پر سنڌين جي نمائندگيءَ لاءِ ڪنهن کي به نه سڏايو ويندو آهي. ان جو به ساڳيو ڪارڻ آهي، جو ڪراچيءَ ۾ ڳاڻيٽي جي اعتبار کان چڱو موچارو حصو هجڻ جي باوجود سنڌي جيئن ته ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ ناهن، تنهن ڪري کين عملي طور ڳاڻيٽي ۾ نٿو آندو وڃي. پنهنجي سموري سيڪيولر ۽ ترقي پسنداڻي، امن پسندي ۽ صوفي مزاج جي باوجود بين الاقوامي طاقتون سنڌين سان هڪ ڌر جي حيثيت ۾ نه ٿيون ڳالهائين، تنهن ڪري تمام گهڻو ضروري آهي ته وڻج واپار ۽ منڊيءَ ۾ سنڌي ماڻهو پير رکن. ان سان نه رڳو سنڌي قوم اندر هڪ بنيادي سماجي تبديلي ايندي، پر سنڌي هن ملڪ جي معاملن ۾ اثرائتا شيئر هولڊر به ڳڻجي سگهبا. سنڌين جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ تنظيم جي اڻ هوند: سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هڪ غلط فهمي ڊگهي عرصي کان موجود آهي ته پيپلز پارٽي سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم آهي. جيڪڏهن نمائندگيءَ جي معنيٰ رڳو ووٽ وٺڻ آهي ته پوءِ اها ڳالهه وڏي حد تائين صحيح آهي، پر جيڪڏهن نمائندگيءَ جو مقصد ڪنهن قوم جي سياسي ۽ سماجي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان جي احساسن ۽ جذبن جي عملي ترجماني ۽ حق ادائي ڪرڻ آهي ته پوءِ اها ڳالهه صحيح ناهي ته پيپلز پارٽي سنڌين جي نمائنده تنظيم آهي. در حقيقت سنڌ اندر پارلياماني سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ جون مدِ مقابل ڌريون ان کان وڌيڪ خراب رهيون آهن، تنهن ڪري سنڌ واسي مجبور ٿي ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندا رهيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي جي شهادت کانپوءِ سنڌين جو پيپلز پارٽيءَ سان جيڪو جذباتي لڳاءُ ۽ رشتو هو، اهو به هاڻي پوين پساهن ۾ آهي. هاڻي پيپلز پارٽي سنڌين جي چوائس نه، پر مجبوري بنيل آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ اندر قومپرست ۽ کاٻي ڌر واريون تنظيمون اڃا تائين ڪو بهتر متبادل فراهم نه ڪري سگهيون آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي مدِ مقابل ڌريون هميشه سنڌ کي وڌيڪ هاڃو رسائينديون رهيون آهن. تنهن ڪري سنڌ واسي هميشه پيپلز پارٽيءَ کي پارلياماني سياست ۾ اوليت ڏيندا رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي ان ٻڌي ۽ مجبوريءَ جو غلط فائدو وٺندي، سنڌ اندر ڪا ڊگهي مدي واري بنيادي تبديلي آڻڻ بدران اقتدار کي عارضي ۽ معمولي مفادن لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي. بينظير ڀٽو جي حياتيءَ ۾ وري به ڪجهه نه ڪجهه سنڌ جي مفادن لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي نظر ايندي هئي، هاڻي ته سنڌ ۽ سنڌي ان جي اوليت به نه رهيا آهن. اڪثر چونڊيل عيوضي خود غرضي ۽ مفاد پرستيءَ جي سمورين حدن کي اڪرندي هن حڪومت کي پراڻا ليکا لاهڻ ۽ آئيندي جو ايڊوانس ڪڍڻ جو آخري موقعو سمجهي سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏئي بيٺا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ گورننس انتهائي خراب حالت ۾ آهي. نوڪريون، مقرريون، پروموشن، بدليون، ٺيڪا ۽ امدادون سڀ ڪمائيءَ جو ذريعو بنجي چڪا آهن. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ۽ ٻهراڙين ۾ اغوا، قتل جون وارداتون پنهنجي انتها تي آهن. عوام سکڻين هڪلن ۽ داٻن ۽ آسرن وارا بيان ٻڌي ساڻو ٿي پيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن چونڊيل نمائندن کي ڇڏي باقي هڪ وڏي اڪثريت لاءِ سنڌ ڪمائي ۽ اقتدار جي ڏاڪڻ بنيل آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ واسي ڪنهن حقيقي نمائندا تنظيم جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪري رهي آهي، جيڪا سنڌين کي هن نفسياتي بحران مان ڪڍي انهن جي بي پناهه توانائين کي ڪا منظم قيادت فراهم ڪري. سنڌ واسين بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جنهن ڪاوڙ ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيوهو، ان سڄي توانائيءَ کي اڍائي سالن اندر پيپلز پارٽيءَ اهڙي طرح ٻاڦ بنائي اڏائي ڇڏيو، جو شايد اهڙو ڪم آمرن جي اذيتن ۽ سازشن کان به نه ٿي سگهيو هوندو. سنڌ ۾ هن وقت هڪ وطن دوست، عوام دوست، لبرل ۽ ترقي پسند قيادت ۽ تنظيم جي ضرورت آهي. جيڪا سنڌي سماج کي ڌونڌاڙي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿيڻ جا دڳ ڏسي سگهي. سنڌ کي هڪ اهڙي تنظيم جي گهرج آهي، جيڪا سنڌ واسين جي ويساهه کي نئون جياپو ڏئي سگهي. سنڌ کي هن وقت اهڙي گهڻ رخي تنظيم جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ کي مرندڙ سماجي ڍانچي جي ڌٻڻ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ۽ ان کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سياست جي مکيه ڌارا ۾ سندس جائز حصو ڏياري سگهي. سنڌي ميڊيا، ليکڪ، غير سرڪاري ادارا ۽ فرد پنهنجي حصي جي ڪوشش ڪندا رهن، پر سياسي تنظيم جو متبادل ٻي ڪا به شيءِ نه ٿي سگهندي. صاف ظاهر آهي ته جدت پسندي، لبرل سوچ ۽ وطن دوستيءَ جي ميلاپ تي ٻڌل اهڙي قيادت ۽ تنظيم وچولي طبقي مان ئي پيدا ٿي سگهندي. ٺيڪ آهي سنڌ تاريخ جي هڪ سنگين چئلينج کي منهن ڏيئي رهي آهي، پر اڃا سڀ ڪجهه هٿن مان ناهي ويو. هڪ ڀيرو سنڌ کي وطن دوست قيادت ۽ تنظيم ملي وئي ته سنڌ پوري طاقت سان وري ڪر موڙي اٿندي ۽ ڏهاڪن جا حساب سالن ۾ چڪائي وٺندي. پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي روش کان پوءِ ان ڳالهه جا چٽا امڪان آهن ته سنڌ مٿان ان جي ”سول پروپرائيٽرشپ“ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي ۽ سنڌ اندر متبادل قيادت ۽ تنظيم لاءِ رستا وڌيڪ هموار ٿيندا. سنڌ جي عوام دوست مڊل ڪلاس تي اهو تاريخ جو قرض آهي ته اهو سنڌ ۾ اهڙي قيادت فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جيستائين اهڙي تنظيم وجود ۾ اچي، تيستائين مختلف محاذن تي پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندي، سنڌ جي حقن جي پاسداريءَ لاءِ پنهنجي حصي جي جدوجهد جاري رکي. nmemon2004@yahoo.com روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: سنڌ کي درپيش چئلينجز (اهم معلوماتي مضمون) سائين محترم وساڻ صاحب، نصير ميمڻ صاحب جو هي لکيل ليک قومي جاڳرتا ۽ انهن جي ڏکن جو داستان آهي، نصير ميمڻ صاحب پنهنجي اندر جي سچائيءَ سان هي مضمون لکي اسان سڀني جي دلين جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔ بيشڪ سنڌ هن وقت اڪيچار مسئلن ۾ گهريل آهي، پر ان حالت جا اسين پاڻ ذميوار آهيون انڪري اسانکي پاڻ بدلائڻو آهي، پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي نفسيات ۾ واڌو لاڙا آڻي پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جي وڃايل ساک کي صحي دڳ لڳائڻو پوندو ۔۔۔ اچو ته پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي سماج مان ۽ پنهنجي قوم مان براين جو خاتمو ڪري سنڌ جي آجپي واري جهد ۾ پاڻ ملهايون ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت