ڇا طالبان پرڏيهين جا پيدا ڪيل دهشتگرد نه آهن؟!

'سنڌي ادب' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    گل نواز پيرزادو
    [​IMG]
    توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جيڪي مسجدن ۽ درگاهن ۾ طالبان ڌماڪا ڪري رهيا آهن اهي طالبان ڪير آهن مسلمان طالبان آهن يا وري ڪي اسلام دشمن ملڪن جا پيدا ڪيل دهشت گرد آهن، جيڪي چاهين ٿا ته اسلام کي بدنام ڪجي ۽ ايٽمي طاقت بڻيل واحد اسلامي ملڪ پاڪستان خلاف سازش ڪجي، اچو ته ان ڳالهه تي ٿوري نظر ڦيرايون.
    طالبان هميشه درگاهن ۽ مسجدن تي حملا ڪري عام ماڻهن کي ماريندا رهيا آهن ڇا اهي مسلمان ٿي سگهن ٿا؟ ڇا ڪو مسلمان درگاهن، مسجدن، دڳ ويندڙ ماڻهن ۽ بسن کي بمن سان اڏائي يا ڪنهن جلوسن ۾ آپگهات ڪري عام مسلمان ماڻهن کي ماري سگهي ٿو. ڇا اهو جهاد آهي جنهن بابت وڏي واڪي چوندا آهن ته اسين جهاد ڪري رهيا آهيون؟
    ڪنهن عام ماڻهوءَ کي مارڻ کي جهاد نه چئبو آهي اسلام ۾ ته اهو هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي ۽ اهو حرام آهي جو هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي ماري، رهي ڳالهه ڪنهن عبادت ڪندڙن کي بم سان اڏائڻ جي ته ان کي به جهاد نه پر ظلم ۽ دهشت گردي جي انتها چئبو آهي حقيقت ۾ ايئن ته هڪ وحشي ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو، باقي هڪ مسلمان ٻئي مسلمان کي ماري ان کي جهاد جو نالو ڏيئي ته اهو ٺهي ئي نه ٿو، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ هڪ ماڻهو جي بي گناهه قتل کي سڄي انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن عام انسان جي قتل کي جهاد جو نالو ڏئي ٿو ته ان ماڻهوءَ کي جهاد جي خبر ته ڇا پر اهو مسلمان ٿي ئي نه ٿو سگهي، ايئن ته ڪافر به نه ڪندو جو ڪوئي مسلمان عبادت ڪندو هجي ته ان کي اچي ماري يا بم سان اڏائي، ڪافر به ايترو ته لحاظ ڪندا آهن .
    اصل ۾ جهاد ان کي چئبو آهي جيڪو اسلام کي نقصان پهچائي ته ان سان وڙهڻ کي جهاد چئبو آهي، ان کي جهاد نه چئبو آهي ته ڪو نماز پڙهي رهيو آهي ان کي وڃي بم سان اڏائجي ۽ چئجي ته جهاد ڪري رهيا آهيون يا عام ماڻهن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وڃي يا ڪنهن بزرگن جي درگاهن کي بم سان اڏائي چئجي ته جهاد ڪري رهيا آهيون.
    توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته آخر طالبان ايئن ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪري رهيا آهن؟ توهان ڪڏهن ايئن ٻڌو آهي ته طالبان ڪنهن شراب جي اڏي تي حملو ڪيو هجي، جنهن کي اسلام ۾ حرام قرار ڏنو ويو آهي يا وري جوا جي ٺڪاڻن کي ڪڏهن ڪنهن طالبان آپگهات ڪري اڏايو هجي، ڪنهن ڊانس ڪلب کي طالبان بم سان اڏايو هجي يا ڪنهن به اهڙي بد فعليءَ جي جاءِ کي طالبان تباهه ڪيو هجي جتي بد فعلي ئي بد فعلي پکڙيل هجي، ايئن ڪڏهن ڪنهن ٽي وي چئنل تي ٻڌو آهي يا ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو آهي؟ نه ڪڏهن به اسان ۽ اوهان ايئن نه ٽي وي چئنل تي ٻڌو هوندو ۽ نه ئي ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوندو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن ڏٺو هوندو، ڇو جو ايئن ڪڏهن ٿيو ئي ناهي!. ٿيندو ته هميشه ان جي الٽو ئي آهي اسان اخبارن ۾ توڙي ٽي وي چئنلن تي اهو ٻڌندا ۽ پڙهندا آهيون ته طالبان فلاڻي مسجد کي بم سان اڏائي ڇڏيو، ڪنهن درگاهه کي بم سان تباهه ڪيو ويو، ڪنهن بس ۾ بم رکي بس کي تباهه ڪيو ويو يا ڪنهن جلوس ۾ آپگهات حملو ڪيو ويو سدائين ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي.مطلب ته هميشه عبادت گاهن کي ئي طالبان نشانو بڻائيندا رهيا آهن، ڇا اها مسلماني آهي ته دڳ ويندڙن کي بمن سان اڏايو وڃي ۽ مسجدن ۾ بم ڌماڪا ڪيا وڃن ته جيئن مسجدن ۾ خوف کان ماڻهو اچڻ ئي ڇڏي ڏين ۽ عبادت ڪرڻ ئي ڇڏي ڏين؟. انهن سڀني ڳالهين مان ته اهو صاف ظاهر آهي ته اهي طالبان مسلمان نه ٿا ٿي سگهن يا ته اها ڪا اينٽي اسلامڪ تنظيم آهي يا وري آمريڪي يورپي يا اسرائيلي ٽريننگ ڏنل دهشت گرد آهن جيڪي اسلام کي بدنام ڪرڻ ۽ اسلام کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اسلام دشمن ملڪن ۾ تيار ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ اهي اسلامي ملڪن ۾ موڪليا ويندا آهن ته جيئن اهڙيون وارداتون ڪري اسلام کي بدنام ۽ اسلامي ملڪن ۾ خوف ۽ هراس پکيڙي سگهجي، جڏهن ته تاثر اهڙو ڏنو وڃي ته اهو دهشت گرد طالبان آهن ۽ هو جهاد ڪري رهيا آهن حقيقت ۾ گرفتار ڪيل طالبان اڳواڻن کان ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي بي رحم ۽ عام انسانيت جا قاتل ڪهڙن اسلام دشمن ملڪن جا تيار ڪري موڪليل آهن. وفاقي وزير رحمان ملڪ کوڙ ڀيرا چئي ويو آهي ته طالبان ڪرائي جا قاتل آهن، ان ڪري عوام لاءِ اهي حقيقتون به نروار ٿيڻ گهرجن ته انهن قاتلن کي ڪير ڪرايو ڏيندو آهي ۽ اهي ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي پاڪستان ۾ عام ماڻهوءَ کي مارائي خوف، هراس ۽ ڏهڪاءُ پکيڙڻ سان گڏوگڏ اسلام جهڙي مقدس مذهب کي بدنام ڪرڻ جي سازشن ۾ ملوث آهن.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو