• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آرڊيسڪ فائل ڊائونلوڊر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ڪجهه وقت اڳ ۾ سائين رشيد سمون هڪ پوسٽ ۾‌ Mipony نالي هڪ ڊائون لوڊر سافٽ ويئر ونڊ ڪيو هو، جنهن جي مدد سان اوهان ڪنهن به فائل شيئرنگ سرور تان بنا تڪليف ۽ وقت جي برباديءَ‌جي، پنهنجي مطلوبه فائل کي ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔ اهڙي ئي ساڳي خوبين وارو هڪ ٻيو سافٽ ويئر آرڊيسڪ ڊائونلوڊ سافٽ ويئر پڻ آهي۔
هي سافٽ ويئر مختلف فائل شيئرنگ سرور سان ڊائونلوڊنگ ته ڪري ئي ٿو پر ان سان گڏ هن ۾ هڪ ٻيو اضافي ۽ بهترين فنڪشن جيڪو مان سمجهان ٿو ڪنهن ٻئي سافٽ‌ويئر ۾ نه آهي، اهو هي آهي ته هن ذريعي اوهان 4شيئرڊ جهڙي ويبسائيٽ تان ڪنهن به مخصوص فولڊر جي سموري فائلن کي ڊائونلوڊ‌ ڪري سگهو ٿا۔ اهڙي طرح انٽرنيٽ تي ڪنهن به پيج جي لنڪ ڪيل سمورن فائلن کي ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔آهي نه مزي واري ڳالهه۔۔
مثال طور هي 4شيئرڊ جو هڪ فولڊر آهي، جنهن ۾ مختلف سنڌي ڪلام ۽ وڊيوز آهن۔ اوهان کي جيڪڏهن فولڊر جا سمورا گانا ۽ وڊيوز (مطلب ته سموريون فائلون) ڊائونلوڊ‌ڪرڻا هجن ته فقط فولڊر جي ايڊريس ئي ڊائونلوڊر جي اندر پيسٽ ڪندو ته اوهان کي سمورين فائلن جا ڊائونلوڊ لنڪ ملي ويندا ۽ ساڳئي ئي سافٽ ويئر جي ذريعي اوهان بنا ڪنهن دير جي اهي فائلون ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔ هر پيج تي الڳ الڳ وڃي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي خفي کان اوهان بچي ويندو۔

سافٽ ويئر جو اسڪرين‌شاٽ
Pantalla%20principal.png


سافٽ‌ويئر جي سکيا لاءِ هڪ وڊيو۔
http://www.youtube.com/watch?v=pELtFYsHICQ

سافٽ ويئر جو ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ لنڪ
هوم پيج


نوٽ:

هن جي ڊفالٽ زبان اسپينش آهي جڏهن ته آپشنز جي سيٽنگ ذريعي اوهان هن جي زبان انگريزي ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا۔
هن کي انسٽال ڪرڻ سان گڏ اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ مائڪروسافٽ جو ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ هجڻ‌لازمي آهي۔
 
جواب: آرڊيسڪ فائل ڊائونلوڊر

تمام بهترين سافٽ ويئر ٿو لڳي ادا

مان ان کي ڊائونلوڊ تي لڳائي ڇڏيو آهي وڌيڪ ان کي استعام ڪري پو۽ وڌيڪ رائي ڏيندس


تيستيائين

سدائين گڏ
 
جواب: آرڊيسڪ فائل ڊائونلوڊر

تمام بهترين سافٽ ويئر ٿو لڳي ادا

مان ان کي ڊائونلوڊ تي لڳائي ڇڏيو آهي وڌيڪ ان کي استعام ڪري پو۽ وڌيڪ رائي ڏيندس


تيستيائين

سدائين گڏ

فقير سائين۔۔ سافٽ ويئر ته بهترين آهي وڌيڪ اوهان آزمائي ڏسو۔۔
 
جواب: آرڊيسڪ فائل ڊائونلوڊر

ادا اسد بهترين ونڊ آهي، نَوَن دوستن لاءِ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ به ڏئي ڇڏيو ها ته هوند بهتر ٿئي ها.
 
جواب: آرڊيسڪ فائل ڊائونلوڊر

ادا اسد بهترين ونڊ آهي، نَوَن دوستن لاءِ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ به ڏئي ڇڏيو ها ته هوند بهتر ٿئي ها.

ادا ۔۔ سائين رشيد واري ڏسيل موضوع ۾ ان جو لنڪ ڏنل آهي پر دوستن جي سهولت خاطر هتي به ڏئي ڇڏيان ٿو۔۔

ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ ڊائونلوڊ‌ لنڪ
 
Back
Top