السلام عليڪم دوستو! وڊيو ايڊيٽر ته اوهان ڪيترا ئي استعمال ڪيا هوندا پر هاڻي يوٽيوب جي طرفان به وڊيو ايڊيٽر متعارف ڪرايو ويو آهي۔ اهو وڊيو ايڊيٽر ڪو سافٽ ويئر نه بلڪه يوٽيوب جي پنهنجي ويب سائيٽ تي آن لائن رکيل آهي، جنهن جي مدد سان يوٽيوب جو يوزر پنهنجي اپلوڊ ڪيل وڊيوز تي ٻيو ڪو آڊيو رکي سگهي ٿو، ان ۾ مختلف ٽرانزيشن افيڪٽ ڏئي سگهي ٿو، وڊيو کي روٽيٽ ڪري سگهي ٿو ۽ وڊيو کي ڪٽ يا پيسٽ ڪري سگهي ٿو۔ ان سان گڏ مختلف وڊيوز کي توهان هڪ ئي وڊيو جي حيثيت سان (جوائن ڪري) گڏائي سگهو ٿا، هن ۾ آڊيو فقط يوٽيوب جي ڏنل لسٽ تان ئي سرچ ڪري رکي سگهجي ٿي۔ يعني پنهنجي آڊيو رکڻجو ڪو به آپشن نه آهي۔ ويب سائيٽ جو لنڪ http://www.youtube.com/editor
جواب: آنلائن يوٽيوب وڊيو ايڊيٽر واھ ادا مست ان ڏينهن يوٽوب تي لاگ ان ٿيس ته اهو وڊيو ايڊٽر ڏٺم۔۔۔۔بهترين ونڊ ادا