نصاب ۾ غلطيون ۽ درستگي حزب الله آءِ سومرو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران جاري ڪيل نصابي ڪتابن ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ۽ نقص آهن جن جي جائزي لاءِ باقاعده ڪا ڪميٽي مقرر ڪئي وڃي پر اديباڻي ذميواري محسوس ڪندي مان انهن غلطين ۽ نقصن مان ڪجهه جي نشاندهي ڪريان ٿو ته جيئن اصلاح ٿي سگهي. (الف) ڪلهوڙا دؤر بابت غلطيون: ٻارهين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ ص 32 تي ڪلهوڙن جو دؤر 1657ع کان 1783ع تائين لکيو ويو آهي. وري نائين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ ص 69 تي ڪلهوڙن جو دؤر سن 1700ع کان 1783ع تائين لکيو ويو آهي. ٻئي طرف ڏهين درجي جي آسان سنڌي ڪتاب ۾ ص 49 تي لکيل آهي ته "1707ع کان سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت شروع ٿي." وري ڪلهوڙن جي دؤر جي پڄاڻي ۽ ٽالپرن جي دؤر جي شروعات جو سال ساڳئي صفحي 49 تي هن طرح لکيل آهي "ڪلهوڙن جي حڪومت بعد سن 1782ع کان ٽالپرن جو دؤر شروع ٿئي ٿو." ان طرح ڪلهوڙا دؤر جي شروعات جا سال 1657ع، 1700 ۽ 1707ع نصاب ۾ ٻڌايا ويا آهن جڏهن ته ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي جا سال نصاب ۾ 1782ع ۽ 1783ع ٻڌايا ويا آهن. اچو ته درست سال معلوم ڪريون: (1) ڪلهوڙا دؤر جي شروعات:- ڪلهوڙا دؤر ۾ لکيل تاريخ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي (1181هه) موجب نواب صادق علي خان 1149هه جي ٻئي سال ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وڪيل جي حوالي ڪري هليو ويو. ڏسو تحفته الڪرام سنڌي ترجمو ص 253 ۽ 254 ۽ 1149هه کان پوءِ ٻيو سال 1150هه ٿيندو، 1150هه جو عيسوي سال سنه 1737ع ٿيندو (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي 1987ع ص 288) يعني ڪلهوڙا دؤر جي شروعات 1150هه مطابق 1737ع کان ٿي ان ڪري ٻارهين درجي ۾ آيل ڪلهوڙا دؤر جي شروعات 1657ع آسان سنڌي ڪتاب (ڏهين درجي لا”) ۾ سنه 1707ع ۽ نائين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب ۾ 1700ع کي ختم ڪري درست سال 1737ع لکيو وڃي. (2) ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي:- ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ ٿيل هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن جي هار کانپوءِ ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي ٿي، جيڪا 1196هه ۾ ٿي ڏسو: فتح نامه از عظيم الدين ٺٽوي فارسي ايڊيشن ص 111 ۽ رياست خيرپور (1922) از مرزا قليچ بيگ ص 26 ۽ 1196هه جو عيسوي سال هو. 1782ع (تقويم تاريخي ص 299) يعني ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي 1196هه مطابق 1782ع ۾ ٿي ان ڪري ٻارهين درجي جي سنڌي ڪتاب ۽ نائين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ آيل سنه 1783ع کي ختم ڪري 1782ع لکيو وڃي. (ب) شاهه عبدالڪريم بابت ناقص ۽ غلط معلومات ٻارهين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ تاريخي حوالا غلط ۽ متضاد ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جا ليکڪ آهن علي نواز جتوئي، سنديلو عبدالڪريم ۽ اياز قادري. سنڌي ڪتاب جي ص 28 تي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ولادت 1537ع ۽ وفات 1622ع لکيو ويو آهي جڏهن ته ٻه صفحا پوءِ يعني ص 30 تي ان جي ولادت 1538ع ۽ وفات 1623ع لکيو ويو آهي. هڪ ڪتاب ۾ هڪ ئي مضمون ۾ ولادت جا ٻه متضاد سنه 1537ع ۽ 1538ع ۽ وفات جا به ٻه متضاد سنه 1622ع ۽ 1623ع ڏنا ويا آهن. شاگرد ۽ مقابلي جي امتحانن ۾ حصو وٺدڙ ڪهڙي معلومات تي هلن؟ ايڏو تضاد نصاب ڪميٽي ڇو نه ٿي دور ڪري جڏهن ته ڳريون ڳريون پگهارون ۽ سهولتون کنيون وڃن ٿيون. 1. ولادت:- مير علي شير قانع ٺٽوي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي وفات تحفته الڪرام (1767ع) سنڌي ترجمو ايڊيشن ص 431 تي سنه 944 هه لکيو آهي. 994هه ۾ عيسوي سن هو 1537ع (تقويم تاريخي ايڊيشن 1987ع ص 236) ان ڪري شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي وفات 944هه مطابق 1537ع لکي وڃي ۽ سنه 1538ع کي ختم ڪيو وڃي. 2. وفات: مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ص 433 تي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي وفات جو سنه 1030هه لکيو آهي. 1030هه ۾ عيسوي سنه 1620ع هو (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 285) ان ڪري شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي وفات جو سنه 1030هه مطابق 1620ع لکيو وڃي ۽ اڳ ۾ لکيل وفات جا ٻئي متضاد سنه 1622ع ۽ 1623ع ڪٽيا وڃن. (ج) ڀٽائي جي شادي جي لکيل غلط عمر ٻارهين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ شاعري واري حصي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت ص 137 تي لکيو ويو آهي ته “ويهن ورهين جي عمر ۾ شادي ڪيائين.” مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب "احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي" (1887ع) ۾ لکيو آهي ته مغل بيگ پاڻ به ڪين بچيو. اهو واقعو سال 1713ع ۾ ٿيو (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ترجمو ايڊيشن 1987ع ص 25) گڏوگڏ اهو لکيو اٿس "هاڻي مغلن جون زالون توڙي جيڪي ٻيا ماڻهو، سندن پـُـرئي مان بچيا هئا تن کي اچي دل ۾ خيال پيو ته ٻيلي اهو سيدن جو رنج هو جو اسان جي راڄ کي وڙهيو، سي ڏاڍا پشيمان ٿيا ۽ اچي سيدن جي پيش پيا ۽ معافي گهرڻ لڳا. آخر ٻئي طرف پاڻ ۾ پرتا ۽ هاڻي مغلن جي به خواهش ٿي ته هنن سان وڌيڪ ميلاپ ۽ عزازت رکن سو مغل بيگ جي نياڻيءَ جو سڱ شاهه صاحب کي کڻي ڏنائون (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي ص 25) مير عبدالحسين سانگي پنهنجي ڪتاب لطائف لطيفي (1888ع) ۾ مرزا مغل بيگ جي مارجڻ بعد لکيو آهي ته “انهيءَ واقعي کانپوءِ مغلن جي عورتن کي خيال آيو ته هي هولناڪ واقعو حضرت اولياءَ صاحب جي خدمت ۾ موڪليو ۽ هي نياپو ڏنو ته اسان جا سڀ وارث مارجي ويا آهن، هينئر اوهان اسان جا وارث ٿيو. ان ۾ اسان جي ٻنهي جهانن جي ڀلائي آهي. گهڻي غور و فڪر کانپوءِ اولياءَ صاحب مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان پنهنجو نڪاح ڪيو (لطائف لطيفي- سنڌي ترجمو ايڊيشن 1986ع ص 40) يعني شادي مرزا مغل بيگ جي مارجڻ کانپوءِ يڪدم ٿي ۽ اهو واقعو 1124هه ۾ ٿيو. ڏسو لطائف لطيفي -ص 41 ڏسو صفحو 6 ان مان شادي جا سنه هي ڏنا ويا آهن: 1 مرزا قليچ بيگ عيسوي سن 1713ع لکيو آهي. ڀٽائي جي ولادت جو عيسوي سال 1690ع آهي. 1690ع کان 1713ع تائين 23 سال ٿين ٿا. 2 مير عبدالحسين سانگي هجري سنه 1124هه ڏني آهي، ان ڪري 1102هه کان 1124هه تائين 22 سال ٿئي ٿي. جيئن ته اڳ هجري سنه رائج هو ان ڪري ڀٽائي جي شادي وقت عمر 22 سال هئي ۽ ڪتاب ۾ ڏنل عمر 20 ورهيه غلط آهي. (د) مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو قيدي بڻيو هو؟ نصاب ڪميٽيءَ جي هڪ اها خامي رهي آهي ته اڪثر طور سبق لکندڙ جا نالو نٿا ڏنا وڃن ته جيئن خبر پوي ته سٺو مواد آهي ته ڪنهن لکيو آهي ۽ غلط لکيو آهي ته ڪنهن لکيو آهي؟ اها به هڪ خامي آهي ته دليلن ثبوتن سان ڪا ڳالهه ثابت ڪجي ٿي ته اصلاح ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي نه ته ڪا يقين دهاني ڪرائي ٿي وڃي نه وري سمجهايو ٿو وڃي ته اوهان جو مؤٰقف درست نه آهي پر تنهن هوندي اصلاح ۽ درست معلومات ڏيڻ جي نيت سان تاريخ ۽ نصاب جي الجهيل نڪتن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ نائين درجي لاءِ رکيل سنڌي جي ڪتاب (ايڊيشن اپريل 2009ع) ۾ مرزا قليچ بيگ جي شاعري ڏنل آهي. ڪتاب جي ص 125 تي ان جي حياتيءَ جي ڄاڻ ڏنل آهي. ان ڄاڻ ۾ هي ڳالهه به لکيل آهي ته "سندس ڏاڏو هڪ عيسائي امير هو. ايران ۽ گرجستان جي جنگ ۾ قيد ٿيو، ساڻس گڏ سندس پٽ سڊني پڻ هو/ سنڌي لازمي نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ ص 125) مٿين غلط معلومات ڪنهن ڏني، سبق وٽ ليکڪ جي نشاندهي نه هجڻ ڪري اها غلطي سڀني لکندڙن جي سمجهي ويندي. معلومات غلط ڪيئن آهي؟ ان لاءِ مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا "سائو پن ۽ ڪارو پنو" پڙهڻ گهرجي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته: "سنه 1797ع ڌاري منهنجي ناني ۽ بابي جا والد مارجي ويا ۽ هو پاڻ ٻين ڪيترن وڏن ننڍن گرجين مڙسن زالن وانگي قيد ٿي ويا (سائو پن يا ڪارو پنو ايڊيشن 2004ع ص 1) ان مان ثابت ٿيو ته مرزا قليچ بيگ جي بابي جو والد يعني ڏاڏو جنگ ۾ مارجي ويو هو نه ڪي قيد ٿيو هو، جنهن ڪري نصابي ڪتاب جي ڏنل معلومات غلط آهي. مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو پنهنجي پٽ سان گڏ قيد ٿيو هجي ها ته ضرور مرزا قليچ بيگ کي ان جي نالي جي خبر هجي ها پر جيئن ته سندس والد اڪيلو ننڍپڻ ۾ قيد ٿيو هو ۽ ان ڪري پيءُ جو نالو کيس ياد نه رهيو هو، اهو ئي سبب آهي جو مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته "منهنجي ڏاڏي جي مون کي خبر ڪانهي ۽ نه منهنجي پيءُ کي انهيءَ جي نالي جي خبر هئي (سائو پن يا ڪارو پن ص 1) ان جو سبب مرزا قليچ بيگ پيءُ جي ننڍي عمر ڄاڻائي آهي جو لکيو اٿس ته "هو ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ گرفتار ٿيا (سائو پن يا ڪارو پنو ص 1) اهو سڀ ڪجهه مرزا قليچ جي آتم ڪٿا ڪتاب "سائو پن يا ڪارو پنو" جي پهرين صفحي تي لکيو پيو آهي، تنهن هوندي اسان جا ليکڪ يا ڏاها اها غلطي ڪن ۽ نصاب ڪميٽي توڙي نگران ۽ ايڊيٽر ان کي پاس ڪري ڇڏين ته ڪجهه عجب ٿو لڳي. (ن) سنڌي نائين درجي جون باقي درستگيون نائين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب بابت نصابي غلطين ۽ خامين جي اڳ به ڪجهه نشاندهي ڪئي آهي ۽ رهيل غلطين ۽ خامين جي نشاندهي ڪجي ٿي ته جئين اصلاح ٿي سگهي: 1. 3 محرم تي عمر بن سعد چئن هزارن سوارن سان پهچي ويو. (ص 10) ڇنڊڇاڻ:- اهو عمر بن سعد نه آهي اهو آهي “عمرو بن سعد” عربي قاعدي موجب “عمرو” ۾ “و” نه پڙهي ويندي پر اها نشاني آهي ته "ع" تي زبر ڏبي. 2. جنهن ۾ "لکها تماشائي" ويهي سگهن. ص 64) ڇنڊڇاڻ:- "لکها تماشائي" اردوءَ مان آيل ۽ غير مروج لفظ آهي اهو "لکين تماشائي" يا "لکين ڏسندڙ هجي ته صحيح ٿيندو. 3. کيرٿر جبل جون قطارون لاڙڪاڻي جي شهدادڪوٽ تعلقي جي مٿان اتر کان شروع ٿي (ص. 81) ڇنڊڇاڻ: ارباب غلام رحيم جي دؤر کان شهدادڪوٽ تعلقو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نه آهي پر اهو “قمبر شهدادڪوٽ" ضلعي ۾ آهي. 4. روهڙيءَ جي سامهون هڪ ٻيٽ آهي، جنهن کي خواجه خضر جو آستان ڪري چيو ويندو آهي. هن ٻيٽ تي هڪ سمجد سنه 1011ع ۾ بکر جي "نواب سعد" جوڙائي (ص 104) ڇنڊڇاڻ: اهو 1011 هجري آهي پر عيسوي لکيو ويو آهي ڇو ته نواب سعد خان بکر جو نواب 1009هه مطابق 1600 ۾ ٿيو. ڏسو لب تاريخ سنڌ از خداداد خان پٺاڻ، سنڌي ترجمو ايڊيشن 1994ع ص 85) 5 سچل سرمست 14 رمضان 1827ع تي درازن وصال ڪيائين (ص 116) ڇنڊڇاڻ:- سچل سرمست جي وفات جي تاريخ هجري حساب سان 14 رمضان ۽ سنه عيسوي 1827ع لکيو ويو آهي نه ته هن طرح لکيو وڃي. 14 رمضان 1242هه ۽ جيڪڏهن عيسوي سنه به لکڻو آهي ته پوءِ پهرين رمضان 1242هه تي هجري تاريخ، ماهه ۽ سنه هو 29 مارچ 1827ع ڏسو: تقويم تاريخي ص 311، ان طرح 14 رمضان 1242هه تي 11 اپريل 1827ع ٿيندو. 6. نائين درجي جو سنڌي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي، هڪ نثر ٻيو نظم. نثر ۾ ويهه سبق آهن جن مان ستن سبقن جي پڇاڙي ۾ انهن جي لکندرن جا نالا ڏنا ويا آهن باقي 13 سبقن جي لکندڙن جا نالا نه ڏنل آهن. نظم واري ڀاڱي ۾ 14 نظم ۽ انهن جي لکندڙن شاعرن جي سوانح عمري ڏنل آهي. اها سوانحي معلومات ڪنهن ڪنهن لکي، ڪنهن به هڪ ۾ ان جي نشاندهي نه ڪئي وئي. نثر توڙي نظم ۾ اهڙي نشاندهي ٿيڻ کپي ته جيئن تنقيد ۽ تجزيي ۾ مدد ملي سگهي ته اها غلط ۽ ناقص معلومات ڪنهن لکي يا اگر سٺي تحرير ۽ درست معلومات واري لکڻي آهي ته اها ڪنهن لکي آهي. (و) نوريءَ جي قبر جي غلط نشاندهي آسان سنڌي ڪتاب (ڏهين ڪلاس لا”) ۾ لکيو ويو آهي ته نوريءَ جي مرشد هوندڙي شاهه جي قبر، ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي آهي. هن بزرگ جي پيرانديءَ ۾ سنڌ جي راڻيءَ نوريءَ جي قبر آهي. ڪينجهر ڍنڍ تي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو هوندڙي شاهه ۽ نوريءَ جي قبر تي حاضري ضرور ڀريندا آهن (ص 46) هن وقت توڙي جو نوريءَ جي قبر ڪينجهر ۾ ٺاهي وئي آهي پر اها پوءِ جي ٺاهيل تصوراتي قبر آهي. تاريخي طور اها نوريءَ جي اصل قبر نه آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي (1181هه ۾) لکيو ته "نوري ذات جي گندري، ڪينجهر ڍنڍ جي مهاڻن جي ڇوڪري هئي، جنهن ڄام تماچيءَ جي صبر ۽ سڪون تي ڌاڙو هنيو. ڄام تماچيءَ جي ساڻس عشق ۽ بي قراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾ هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي ڄام هن جو سڱ سندس مائٽن کان وٺي کيس "پٽ راڻي" بڻائي، ڪينجهر جي ڪناري تي سندس لاءِ عاليشان ماڙي ٺهرائي. ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي پيرانديءَ وٽ هڪ حجري ۾ يادگار طور آهن (تحفته الڪرام سنڌي ترجمو ايڊيشن 1994ع ص 129) مير علي شير قانع ٺٽوي وڌيڪ "ڪنجهر" جي عنوان ۾ لکيو آهي ته "هتي ڄام تماچيءَ پنهنجي محبوبه نوريءَ لاءِ جا گندرا قوم مان هئي ۽ مٿي بيان ٿي آئي، هڪ عاليشان محلات ٺهرائي هئي. هاڻي خود ڄام وانگيان انهيءَ جو به نالو نشان ڪو نه آهي (تحفته الڪرام ص 255) مٿين بيانن موجب نوريءَ جي قبر مڪلي ۾ آهي ۽ مٿين بيانن مان ڍنڍ "ڪنجهر" معلوم ٿيو، اهاو "ڪينجهر" نه آهي. تاريخ مان پتو پوي ٿو ته ڀونگر سومرو ڌاري ذات مان جيڪا راڻي پرڻيو ان کي جدا محلات "روپا ماڙي" ٺهرائي ڏنائين. ڄام تماچيءَ نوري مهاڻيءَ سان پرڻيو ته ان کي "ڪنجهر" ڪناري محلات ٺهرائي ڏنائين. مير علي نواز ناز لاهور جي ڳائڻي اقبال بانو عرف "بالي" سان عشق جي شادي ڪئي ته ان کي جدا محلات "دلشاد منزل" ٺهرائي ڏنائين. ائين ٿو معلوم ٿئي ته انهن شادين کي حاڪمن جي مائٽن قبول نه ڪيو هو جنهن ڪري انهن نئين راڻين کي جدا محلاتون ٺهرائي ڏنيون. ڪينجهر سمن جو تفريح گاهه هو، اتي نوريءَ جي محلات جو ذڪر تاريخ ۾ به آهي پر سنڌ جي مؤرخ شاعر شاهه عبداللطيف به ڪيو آهي. اگر نوري ڄام تماچيءَ جون قبرون ڪينجهر ۾ هجن ها ته ڀٽائي ان ڳالهه کي ضرور کڻي ها ته بادشاهه جي قبر مهاڻن وٽ آهي ڇو ته ڀٽائي پوئتي رهجي ويل ماڻهن کي مٿي کنيو آهي پر ڀٽائي ان کي نوري ڄام تماچي جي تفريح گاهه قرار ڏيندي چيو آهي ته: هيٺ جر، مٿي مڃر ، پاسي ۾ وڻراهه اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي سا” لڳي اتر واءُ، ڪنجهر هندرو ٿئي. (شاهه جو رسالو آڏواڻي - سر ڪاموڏ داستان 2 بيت 2) ان ڪري ڪنجهر ۾ هڪ قبرستان هوندڙي جي آهي ۽ ٻي قبر آهي ته وڌ ۾ وڌ نوريءَ جي تصوراتي قبر آهي، نوريءَ ڄام تماچيءَ جون اصل قبرون مڪلي تي آهن، اهڙي نشاندهي نصاب ۾ ڪري غلط ڄاڻ ۾ درستگي ڪئي وڃي. (هه) سماجي اڀياس ضلعي خيرپور ۾ غلط ۽ ناقص معلومات ٽئين درجي جي سماجي اڀياس (ضلعي خيرپور) ۾ غلط معلومات ڏنل آهي هڪ اها معلومات جيڪا سڄي سنڌ جي سماجي اڀياس ۾ هڪ جهڙي ڏنل آهي ٻي اها معلومات جيڪا خيرپور ضلعي بابت ڏني وئي آهي. ڏنل معلومات جي غلطين ۽ خامين جي نشاندهي ڪجي ٿي ته جيئن اصلاح ٿي سگهي. 1 باب ٽيون آهي “خيرپور ضلعي جي تاريخ" ان جي شروعات هن طرح ڪئي وئي آهي ته ٽالپرن جي حڪومت ۾ خيرپور تي مير رستم خان حڪومت ڪندو هو (ص 17) خيرپور جي تاريخ لکڻ مهل خيرپور جي قيام، ان جي پهرين حڪمران مير سهراب خان ۽ ٻين حڪمرانن مير فيض محمد اول، مير امام بخش خان، مير علي نواز ناز، مير فيض محمد ٽالپر ٻيو ۽ مير علي مراد خان ٻيو جو سلسليوار ذڪر ڪرڻ گهرجي ها. بشڪريه عبرت
جواب: نصاب ۾ غلطيون ۽ درستگي سائين حزب الله سومري جي مهرباني جو پاڻ ڪافي حقيقتون ثبوتن سان سمجهايون آهن۔ مان سمجهان ٿو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اختيارن کي هي ليک پڙهڻ کانپوء ڪتابن م درستگيون ڪرڻ کپن۔ يا جيڪڏهن گهڻي تعداد ۾ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ٻيهر ڇپائيء تي به گهڻو خرچ ايندو ته تعليمي ادارن ۾ استادن کي واضح هدايتون ڏنيون وڃن ته اهي سبق پڙهائڻ وقت شاگردن کي درستگيون ڪرايون وڃن۔ مان سمجهان ٿو ته هن قسم جون غلطيون ٿيڻ جو مطلب آهي ته نگران صحيح طرح نصاب جو جائزو ڪونه پيا وٺن۔ ڀاء ممتاز ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
جواب: نصاب ۾ غلطيون ۽ درستگي وڏي باريڪين تي نظر ڪئي وئي آهي سرڪار کي هن صورت حال کي مد نظر رکي نصاب ۾ درستگي ڪرڻ گهرجي۔ائين نه ٿئي جو نئي نسل هن غلط حوالن سان پهنجي علم ۾ پختگي ڪري وٺن جو بعد ۾ ازالو مشڪل ٿي پوي