انسان جي جسم لاء وٽامن ڊي جي اهميت

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    انسان جي جسم لاء وٽامن ڊي جي اهميت ​

    [​IMG]
    ڊاڪٽر عائشه فيصل
    انساني جسم ۾ قدرتي طور ڪيترائي وٽامن موجود هوندا آهن. ڪجهه وٽامن اهڙا به آهن جيڪي قدرتي طور اسان جي جسم اندر موجود نه هوندا آهن. پوءِ اسان اهي خوراڪ يا ٻين وسيلن مان حاصل ڪندا آهيون جيڪي وٽامن اسان جي جسم ۾ قدرتي طور موجود هوندا آهن انهن کي نان اسينشل Non essaintial وٽامن چوندا آهن ۽ جن جي اسان کي ضرورت آهي انهن وٽانمز کي اسان اسينشل چوندا آهن. جيئن وٽامن ڊي اسان لاءِ تمام ضروري وٽامن آهن. ڪي وٽامن ننڍڙي ٻار کان وٺي پوڙهي ماڻهو تائين مقصد ته هر عمر لاءِ ضروري آهي. وٽامن ڊي ٻارن ۾ هڏين جي نشونما ڪري ٿو. ان کان علاوه جديد ريسرچ موجب وٽامن ڊي انساني هر حصي جي نشونما لاءِ ضروري آهي. هن جي وڌيڪ مقدار اسان کي ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچائي سگهي ٿي. وٽامن ڊي گهڻي ڀاڱي اسان کي سج جي روشني مان ملي ٿو. ان کان علاوه، بيضي جي زردي، مکڻ، گهي، يا اهو گهي يا تيل جنهن ۾ وٽامن ڊي ملايو ويو هجي.ان مان به ملي ٿو. هن مصروف زندگي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ان کي ايترو ٽائيم ڪٿي آهي جو هو ٻه کان ٽي ڪلاڪ اس ۾ ويهي، يا خوراڪ جي رستي ڇا اسان ان کي هڪ ليٽر کير، اس ۽ ڏهه بيضا کارائي سگهون ٿا بلڪل نه ؟ ان لاءِ ضروري آهي ته جنهن ماڻهو ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي هجي ان کي ڊاڪٽر جي صلاح سان اضافي طور وٽامن ڊي جو استعمال ڪرڻ گهرجي. جيڪو گورين، سئين، شربت، يا پڙين جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ موجود آهي. هر عمر جي ٻار، وڏو، عورت يا مرد وٽامن ڊي باقائدگي سان استعمال ڪندو رهي. عورتن ۾ وٽامن ڊي جي ڪمي پوري ٿيڻ سان هڏين ۽ سنڌن ۾ سور ۾ واقعي گهٽتائي ٿي وڃي ٿي عورت Memo pause واري وقت ۾ معمولي مطابق زندگي گذاري سگهي ٿي ۽ هڏين ۽ سنڌن جي بيمارين کا به بچي سگهي ٿي. وٽامن ڊي جي ڪمي جو شڪاراڪثر ڪري اهي عورتون جيڪي شهرن اندر اونداهين گهٽين ۾ بند گهرن ۾ رهن ٿيون. اهي ٻار جن کي بار بار انفيڪشن يا دستن جي بيماري ٿئي ٿي، گهٽ وزن وارا ٻار به وٽامن ڊي جي ڪمي جو شڪار رهن ٿا.
    وٽامن ڊي توهان جي هڏن ۽ ڏندن کي محفوظ بڻائي ٿو وٽامن ڊي توهان جي جسم کي ڪيترين ئي قسمن جي ڪينسرن کان محفوظ بڻائي ٿو. جن ۾ ڇاتي جي ڪينسر، پروسٽيٽ ڪينسر، ٻچي داني جي ڪينسر، پنڪرياٽڪ جي ڪينسر ۽ معدي جي ڪينسر شامل آهن. ماهرن موجب صبح جو 11 وڳي کان منجهند 3 وڳي جي وچ ۾ 15 کان 20 منٽ سج جي روشني (اس) ۾ بيهڻ سان زندگي کي گهربل وٽامن ڊي توهان کي ملي ويندو. وٽامن ڊي هونئن ته کير، گوشت ۾ ملي ٿو پر وڏي گوشت (جيري)، پنير، بيضي جي زردي مان وڌيڪ ملي ٿو. فنلينڊ جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران 1978ع ۽ 1980ع ۾۽ ان کان پوءِ 3 هزار ماڻهن تي ڪيل تحقيق موجب وٽامن ڊي جي کوٽ سان Parkinson’s Disease هٿ ڏڪڻ فالج جي بيماري به پيدا ٿيندي آهي. اها بيماري brain ۽ Nervous نظام کي متاثر ڪري ٿي. وٽامن ڊي nerve cells کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ٿو. نئين تحقيق موجب وٽامن ڊي انساني قوت مداخلت Immune System کي هلائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. هاروورڊ ميڊيڪل اسڪول جي تحقيق موجب وٽامن ڊي جي کوٽ سان ٻارن جي ٻانهن ۽ ٽنگن جون هڏيون مڙي وينديون آهن اها تحقيق هڪ هزار 24 ٻارڙن تي ڪئي وئي هئي. وٽامن ڊي انسان کي ٿڌ، زڪام کان به بچائي ٿو. وٽامن ڊي بابت ڄاڻ رکڻ هر ماءُ لاءِ ضروري آهي. ان حوالي سان آمريڪي ڊاڪٽر ڪيٿ ڪونلون ۽ڊاڪٽر پاميلا هرش طرفان انٽرنيٽ تي ڪرايل سروي ۾ 9 هزار مائرن ٻڌايو ته هو وٽامن ڊي جي فائدي ۽ نقصان بابت ڄاڻين ٿيون ۽عوام کي وٽامن ڊي بابت ڄاڻ هئڻ انتهائي ضروري آهي ڇو ته صحت مند ٻار ئي مستقبل ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
    بشڪريه عبرت
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انسان جي جسم لاء وٽامن ڊي جي اهميت

    زبردست ونڊ آهي ادا .............
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: انسان جي جسم لاء وٽامن ڊي جي اهميت

    خاص ڪر سياري ۾ هن ويٽامن جي ضرورت گهڻي پئي ٿي۔ تمام بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو