کنڀي کي محفوظ ڪرڻ جا طريقا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    کنڀي کي محفوظ ڪرڻ جا طريقا​


    حبيب الله راهو
    مشروم(کنڀي) نرم ۽ گهڻي پاڻي جي موجودگي سبب گهڻي وقت تائين پائيدار نه ٿي رهي سگهي. هن کي وڌيڪ عرصي تائين محفوظ ۽ استعمال رڪڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. سڀ کان پهرين صاف سٿري ۽ صحت مند مشروم جي چونڊ ڪريو. اهڙي کنڀي جنهن جي سطح تي داغ وغيره يا ٻيا نشان هجن ته ان کي ڪڏهن به محفوظ ڪرڻ لاءِ نه چونڊيو وڃي.
    جيڪڏهن هڪ يا ٻه هفتا محفوظ ڪرڻو هجي ته صحت مند ۽ صاف کنڀي کي اخبار يا ڪاغذ وغيره ۾ ويڙهي ڪري فرج ۾ رکي ڇڏيو.
    سج جي روشني ۾ خشڪ ڪرڻ: Sun Drying
    مشروڪ (کنڀي) کي سج جي روشني ۾ خشڪ ڪري محفوظ ڪري سگهجي ٿو ان جي لاءِ مخصوص قسم جا استعمال ٿيندا آهن. جن ۾ سوراخ نڪتل هوندا آهن. جنهن مان هوا جي گذر لاءِ خاص بندو بست هوندو آهي. جڏهن کنڀي کي خشڪ ڪيو وڃي ته گرمي حرارت 60 ڊگري سينٽي گريڊ کان هرگز وڌڻ نه گهرجي انهي کان علاوه کنڀي کي اس ۾ ٽنگي به خشڪ ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي سان مڪمل طور تي هوا به لڳندي رهندي آهي ۽ مشروم سڪي به ويندا. اهڙي طرح اخبار يا ڪاغذ وغيره جي سطح تي کنڀي کي رکي ڪري به سج جي روشني ۾ سڪائي سگهجي ٿو. جڏهن سٺي نموني خشڪ ٿي وڃن ته انهن کي هوا کان محفوط پلاسٽڪ جي ٿيهلين ۾ وجهي ڪري فريزر ڪري ڇڏيو.(هڪ هفتي جي لاءِ) فريزر ڪرڻ سان جراثيم مري ويندا ان کان پوءِ صاف ۽ خشڪ جڳهه تي اسٽور ڪري ڇڏيو. استعمال ڪرڻ کان پهرين کنڀي کي وچولي گرم پاڻي ۾ 15 منٽن تائين پسايو ايئن ڪرڻ سان تازا ٿي ويندا. جهڙا شروع ۾ تازا هوندا آهن.
    کنڀي کي سج جي روشني وسيلي سڪائڻ ۾ ڪجهه فائدا به آهن ته وري ڪجهه نقصان به آهن. هي طريقو سولر ڊيهائيڊريشن کان گهڻو سستو آهي. جنهن ۾ ڪو خاص خرچ نه ٿو اچي پر کنڀي ايتري محفوظ نه هوندي آهي جيتري سولر ڊي هائيڊريشن ۾ هوندي آهي. جيئن مٽي جا ذرڙا، جيت، پکي۽ هوا وغيره آرام سان سج جي روشني ۾ سڪايل کنڀي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
    انهي کان علاوه اوچتو مينهن جو پوڻ ممڪن آهي. سج جي روشني جو اهم فائدو هي آهي ته خرچ وغيره نه ٿو اچي، بلمقابل سولر ڊيهائيڊريشن جي ٻيو ته سولر ڊي هائيڊريشن ۾ رکيل شيءَ محفوظ رهي ٿي. انهي کان علاوه رکيل شيءَ جي ڪوالٽي پڻ برقرار رهي ٿي. هن طريقي جو نقصان هي آهي ته مهانگو وڌيڪ آهي.
    کنڀي کي ڪٽي ڪري مناسب ٽڪرا ڪريو، (جڏهن ته بٽن کنڀي کي ڪٽڻ جي ضرورت نه آهي. اها ننڍي سائز جي هوندي آهي). هنن کي مکڻ يا زيتون جي تيل ۾ هلڪو گرم ڪرڻ کانپوءِ ٿڌو ڪريو ۽ سيل ٿيل پلاسٽڪ جي بيگن ۾ وجهي فريزر ڪري ڇڏيو.
    ڪيننگ مشروم:
    کنڀي کي ڪٽي مناسب ٽڪڙا ڪريو. (بٽن مشروم کي ايئن رهڻ ڏيو) انهن ٽڪرن کي 10 منٽن تائين ٽهڪندڙ پاڻي جي ٻاڦ ڏيو. ان کان پوءِ گرم پاڻي سان ڌوتل، صاف ۽ خشڪ برتن (Tins) ۾ اڌ ڀريو ۽ اڌ چمچو کائڻ وارو لوڻ وجهي ڇڏيو. بقايا حصو کنڀي جوس جو انهي برتن ۾ ڀري ڇڏيو ياد رهي ته جوس جي سطح ڍڪڻ کان اڌ کان هڪ انچ هيٺ رهي. ڍڪڻ کي پريشر سان سيل بند ڪري ڇڏيو.
    کنڀي پڪلنگ
    ٽهڪندڙ پاڻي ۾ کنڀي کي 4 کان 5 منٽن تايئن رکو ۽ جلدي ۾ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، اهڙي طرح جراثيم مري ويندا ۽ خشڪ ٿيل کنڀي تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو ۽ سانڌاڻي وارا مصالحه وجيه ڇڏيو ۽ هڪ مهيني کان پوءِ استعمال ڪريو.
    مشروم ايڪسٽريٽ صاف ۽ تازي کنڀي کي سٺي نموني ڌوئي ۽ ٿانو ۾ رکي ڪري هلڪي باهه تي پچايو، انهي دوران ڪابه شي پاڻي يا آئل نه وجهو. لوڻ کي سٺي نموني ٻرڪي 20 کان 25 منٽن تائين ڍڪڻ بند ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ مشروم جو ٽوٽل جوس ٻئي ٿانو ۾ وجهي ڇڏيو ۽ بقايا مشروم ۾ 2 ڪوپ پاڻي وجهي ڪري سٺي نموني پچايو جڏهن اڌ ڪوپ پاڻي رهجي وڃي ۽مشروم هڪجهڙو پچي وڃي ته هن کي نڪتل جوس ۾ وجهي ڇڏيو ۽ هلڪي باهه تي وڌيڪ بچايو جڏهن ته جوس ڳاڙهو ٿي وڃي ته شيشي جي بوتلن ۾ سيل بند ڪري ڇڏيو ۽ فريج ۾ رکي ڇڏيو. هي جوس سالن، سوپ، گوشت ۽ ٻين پولٽري ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
    مشروم پائوڊر
    مشروم پائوڊر جي صورت ۾ به محفوظ ڪري سگهجي ٿو. 5 پائونڊ کنڀي کي مناسب ٽڪڙن ۾ ڪٽي ڪري ضرورت جي حساب سان بصر ڪٽي وجهو، هڪ اونس جائفل (mace powder) ۽ ضرورت مطابق مرچ مصالحه وجهي ڇڏيو ۽ هلڪي باهه تي پچايو، جڏهن خشڪ ٿي وڃن ته انهن کي بيڪنگ ٽري ۾ رکي ڪري 200 سينٽي گريڊ تي پچايو جڏهن مڪمل خشڪ ٿي وڃن ته انهن جا پيس ڪري پائوڊر ٺاهيو ۽ سيل بوتل ۾ پيڪ ڪري ڇڏيو.
    مشروم ڪيچپ
    صاف تازا بيماري، جيتن ۽ داغ وغيره کان پاڪ مشروم چونڊ ڪريو، 3 پونڊ کنڀي ڌوئڻ کان پوءِ سٺي نموني لوڻ لڳايو ۽ ٻن ڏينهن جي لاءِ رکي ڇڏيو.. ان کان پوءِ 2/3 ڪوپ سرڪو وجهي ڇڏيو 2 ڪوپ پسايل، بصر هڪ چانهه جو چمچو ڪاريون مرچ، ½ چمچو جيتري کنڊ وجهي ڪري 2 ڪلاڪن تائين هلڪي باهه تي پچايو جڏهن پچي وڃن ته صاف ململ جي ڪپڙي سان ڇاڻي فلٽر ۾ وجهي وٺو ۽ شيشي جي بوتلن ۾ ڀري ڪري سيل پيڪ ڪري ڇڏيو.
    بشڪريه عبرت
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: کنڀي کي محفوظ ڪرڻ جا طريقا

    خاص ڪري مينهن جي موسم ۾ مينهن کانپوء وارياسي زمين تي ٿيڻ واري هي ڀاڄي وڏي شوق سان کاڌي ويندي آهي۔ هي عام جام ڪونه ٿئي ۔ اوهان سٺي ڄاڻ ڏني آهي جيئن هن کي وڌيڪ ڏينهن محفوظ رکي سگهجي۔

    مهرباني
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: کنڀي کي محفوظ ڪرڻ جا طريقا

    ادا بهترين شيئرنگ آهي ........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو