جواب: بارش۔۔۔! محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔ محبت جي بارش جيڪڏهن هٿن تائين هوندي ته هٿ خالي ئي رهندا پر جڏهن اها محبت جي بارش دل تي پوڻ شروع ٿيندي آهي ته مئل دل به ائين جيئري ٿي پوندي آهي جيئن ٿر جي وارياسي ۾ مئل ٻوٽا جيئرا ٿي پوندا آهن ۔۔۔۔ محبت جي بارش جڏهن دل جي اڱڻ تي پوڻ شروع ٿيندي آهي ته ان دل مان اهڙي خوشبو نڪرندي آهي جهڙي سڪل زمين تي بارش پوڻ سان ٿيندي آهي ۔۔۔ انڪري محبت جو رشتو دل سان آهي من سان آهي هٿن سان ناهي ۔۔۔ ۽ هڪ دفعو من جيئرو ٿي پوي ته پوءِ مرندو ناهي، ترقي ڪندو آهي ۔۔۔