نثارابڙو
نائب منتظم
وڪيلن سان ڀريل هڪ لاري ڪنهن هاءِ وي تان گذرندي هڪ ٻنيءَ ۾ بيٺل وڻ سان ٽڪرائجي، حادثي جو شڪار ٿي وئي، ٻنيءَ ۾ بيٺل هاري ڊوڙندو حادثي واري جاءِ تي پهتو ۽ ان بس جي ڀرسان کڏو کوٽي سڀني وڪيلن کي پوري ڇڏيايئن ...
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ علائقي جو صوبيدار بس جي ڳولها ڪندي اچي پهتو ۽ ان ٻنيءَ جي ڪڙميءَ کان پڇا ڪيائين ته ” ڇا سڀ جا سڀ وڪيل مري ويا هئا جو تو کين پوري ڇڏيو آهي..؟“
ڪراڙي هاريءَ جواب ڏنو ته ” جي ها! پر انهن مان ڪجهه وڪيلن رڙيون ڪيون هون ته اهي جيئرا آهن، پر صوبيدار صاحب! اوهانکي ته خبر آهي ته وڪيل ڪئين ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، سو مون سوچيو ته پڪ پورجڻ جي ڀوَ ۾ ڪوڙ ٿا ڳالهين ٿا ۽ مون کين پوري ڇڏيو ...“