20 سالن کانپوء ايشيائي راندين جي هاڪي مقابلن جي فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم ملائيشيا کي هارائي سون جو ٻلو کٽيو آهي ۔ پاڪستان جي ٽيم پوري راند ۾ ڇانيل رهي ۽ ميچ جي پهرين اڌ تائين پاڪستان سهيل عباس جي پينلٽي ڪارنر تي ڪيل گول سبب برتري حاصل ڪئي۔ راند ٻئي اڌ ۾ ريحان بٽ جي خوبصورت فيلڊ گول سبب پاڪستان جي برتري ٻيڻي ٿي وئي جيڪا مقرر وقت ختم ٿيڻ تائين قائم رهي ۽ پاڪستان سوڀارو ٿيو۔
جواب: 20 سالن کانپوء ايشيائي راندين جي هاڪي مقابلن جي فائنل ۾ پاڪستان جي فتح پاڪستان جي هاڪي ٽيم ۽ سموري قوم کي ان ڪاميابيءَ جي مبارڪ هجي۔
جواب: 20 سالن کانپوء ايشيائي راندين جي هاڪي مقابلن جي فائنل ۾ پاڪستان جي فتح پاڪستان جي پوري عوام کي ۽ هاڪي ٽيم کي ڪاميابي مبارڪ
جواب: 20 سالن کانپوء ايشيائي راندين جي هاڪي مقابلن جي فائنل ۾ پاڪستان جي فتح نه رڳو ايترو پر پاڪستاني ٽيم جيڪا اڳي ڪنهن به وڏي ٽورنامينٽ ۾ ڪواليفائينگ رائونڊ نه کيڏندي هئي۔۔۔ ۽ هاڻي هر وڏي ٽورنامينٽ لاءِ کيس ڪواليفائينڊ رائونڊس مان گذرڻو پوندو آهي۔۔۔ ايندڙ سال اولمپڪس ۾ شرڪت جي اهل پڻ ٿي وئي۔۔۔
جواب: 20 سالن کانپوء ايشيائي راندين جي هاڪي مقابلن جي فائنل ۾ پاڪستان جي فتح سائين پوري قوم کي مبارڪون ................................