هڪ ڀيرو ڪاڪي آچار جي پٽ پپنو کي ماءُ چيو ته پُٽ! هي رپيو اٿئي، ٻاهر فقير صدا پيو هڻي، ان کي ڏئي اچ۔۔ پپنو ٻاهر ويو ۽ کلندو کلندو موٽي آيو ۽ رپيو اچي ماڻس جي هٿ ۾ ڏنائين۔۔ ماءُ پڇيس: ڇا ٿيو پُٽ؟ فقير کي رپيو ڇو ڪونه ڏنئي؟؟ ۽ کلين ڇو پيو؟؟ پپنو: امان! ٻاهر ڪو فقير صدا نه پيو هڻي پر اهو بابا ڪلام پيو ٿو ڳائي،
جواب: ٻاهر ڪير آهي؟؟؟ يار مست! اها ڀلا جڳ بيتي آهي يا آپ بيتي ۔۔۔؟ خئير فقيرن جي ڳالهه تي ياد آيو ته اڄڪلهه جا فقير به ڏاڍا جدت پسند ٿي پيا آهن، سين يا صدا هڻن ئي ڪون، تازو آءُ جڏهن سچل ڳوٺ ۾ موجود هيس ته صبح جو سوير اوچتو گهنٽي وڳي، ننڊ مان اکيون مهٽيندو در تي ويس ته ڏسان هٽو گھٽو فقير بيٺو آهي، خئير ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي پر ڇا ڪجي ۔۔۔ فقير کي ڇڙٻ ڏيڻ سان ڪجهه ٿئي نه ٿئي پاڻ وارو ضمير ڏاڍو پريشان ٿيو پوي ۔۔۔ ان فقير کي اڃان فارغ ڪري ڪو اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته وري گهنٽي وڳي ته فقيرن جو خاندان بيٺل نظر آيو ۽ چيائون ته ٻوڏ متاثرين آهن، ۔۔۔ خئير وقفي وقفي سان اهو ڪم جاري رهيو ۔۔۔ مون پنهنجي محترمه کان پڇيو ته هي ڇا آهي ۔۔؟ چيائين ته اهو ته روز جو معمول آهي ۽ خاص جمعي تي ته فقيرن جي قطار هوندي آهي، هاڻ تون آيو آهين ته تون پاڻ ئي منهن ڏي آءُ ته ٻه مهينا موڪل تي آهيان ۔۔۔ بهرحال فقير ته فقير، گهر واريءَ موڪل جو چئي وڻ ئي وڄائي ڇڏيا ۔۔۔ سو ادا مست! فقير اصلي هجن ته ضمير به مطمئن ٿئي اڄڪلهه ته فقير به نقلي ۽ ڀوائتا پئدا ٿي پيا آهن ۔۔۔ خيرات نه ڏي ته دڙڪا به ڏين ٿا ۔۔۔ خئير الله تعالا کان دعا آهي ته سنڌ ۾ ڪو فقير نه هجي ۽ هر سنڌي پنهنجي وس وارو هجي ۔۔۔ ستر ڪج ستار، آءُ اگهاڙي آهيان ۔۔۔
جواب: ٻاهر ڪير آهي؟؟؟ سائين هي جڳ بيتي آهي، آپ بيتي لاءِ اڃان مون واري سفير پپنو کي وڏو ٿيڻو پوندو۔۔۔ سائين توهان سان جيڪا حالت ٿي آهي اها هر جاءِ تي حالت آهي۔۔۔ ٻوڏ متاثرن جي نالي تي پينو فقير ڪاهجي پيا آهن
جواب: ٻاهر ڪير آهي؟؟؟ فقيرن جي قصي تي هڪ ڳالهه ياد آئي ته ممبئي ۾ به فقيرن جا جام قسم آهن پر جيڪي فقير (کدڙا) آهن انهن جو انداز ئي ڪجهه نرالو آهي۔۔۔ مان معمول مطابق روز رات جو 40۔9 واري ٽرين پڪڙيندو آهي جيڪا لوڪل نه پر ايڪسپريس هوندي آهي،،،، ان ٽرين جو نالو آهي هاوڙاهه ميل۔۔۔ جيڪا اُتر پرديش ڏانهن ويندي آهي ان ۾ اهي فقير پنڻجي لا چڙهندا آهن هو ته يو پي اسٽيٽ جا ڀئيا ڏاڍا ڀوائتا آهن پر ممبئي ۾ اچڻ کان پو انهن جي بولتي بند ٿي ويندي آهي۔۔۔ اهي فقير به چماٽ هڻي به ڏهين روپين جو نوٽ وٺندا اٿن۔۔ وري جي نه ڏين ته پو اصلي جيڪا حالت ڪندا اٿن اها ڪڏهن توهانکي وڊيو جي صورت ۾ ڏيکاريندس۔۔۔۔ ڳالهه کٽائڻي ته بابا اهي فقير ڪونهن رهيا ٻين کي ته ڇڏيو اسان وارو ڦلپوٽو فقير به گهٽڪونهي۔۔۔۔۔
جواب: ٻاهر ڪير آهي؟؟؟ توحيد ڪمرشل ڪراچي ۾ هڪ ٽريول ايجنسي ۾ سيلز آفيسر جو ڪم ڪندي ڪنهن زماني ۾ ايئر ٽڪٽنگ ڪندو هوس۔ اتان جا ڪڌڙا به عجيب هئا۔ روز صبح جو اچي چون: جانو 10 روپي دي نااااااااااااان!! هاهاها رنجيت جي ڳالهه مان ياد آئي ڳالهه مونکي به۔۔۔
جواب: ٻاهر ڪير آهي؟؟؟ ابووووو۔۔۔۔۔ ڪٿان جي ڳالهه ڪٿي وڃي نڪتي۔۔۔ اهي آهن مولائي فقير جا ڪمال۔۔۔ ڪرمنڊل واري بابا جو خير۔۔۔۔
جواب: ٻاهر ڪير آهي؟؟؟ هائو سائين۔۔۔ جڏهن کان ٽرين ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيو اٿس ته دانهون ڪرڻ لڳو ته يار وٽو جلد ڀرجي وڃي ٿو پر ٽرين نه ٿي کٽي۔۔ هاڻي يڪو ئي ڪرمنڊل کڻي پيو گهمي۔۔۔ جيئي ڪرمنڊل وارو بابا۔۔ سڀ چئو، ڪرمنڊل واري بابا جو خير۔۔۔