• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچ جي ڳولھا

احسان علي جانوري

سينيئر رڪن
Such_Ji_Gola.jpg
 
ادا تمام بهترين ڪاوش آهي پر ادا هي ڪهڙي شاعر جي آهي مهرباني مٺا اوهان جي شيئرنگ لا جواب آهي اسان کي اوهان جي مزيد اهڙي سهڻي شيئرنگ جو انتظار رهندو
 
شاه عبدالطيف ڀٽا ئي
کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
2
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
3
ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
4
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟
سَوارا سَنڊَ کَـڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟
5
ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نه ٻُڌِي؛
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛
وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
6
ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛
ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَـئِي نه ڪَنِ؛
ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَھڙِي.
7
تان وَنئُن ويـھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.
8
ڏُٿُ نه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛
اُھۡڃاڻِـيُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛
تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالھڙِي.
9
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ کي!
10
مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَھرين نه گھارِينِ؛
واحِدَ لَڳِ وِلۡـهُنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛
گُوندَرِ گُذارِينِ، جهُ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.
11
کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.
12
کَڻَنِ نه ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا؛
ڏوٿَيِرا ڪَنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ؛
کاهوڙِيُنِ اُهڃاڻَ، اَنگ نه سَڄِي اَڳِڙِي.
13
سُڪا مُنهَن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَھن؛
ڳُجھا ڳُجھيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌَ جُون.
14
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟
 
دوستو ھي سڀ شاعري عطيا دائود جي آھي.
عطيه دائود صاحبه ڪنهن وقت ۾ ڪراچي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري پڻ رهي چُڪي آهي، مونکي چڱيءَ طرح ياد ٿو اچي ته رمپا پلازه ۾ سنگت جي گڏجاڻي ۾ عطيه دائود جي سيڪريٽري شپ ۾ هڪ گڏجاڻي ءَ ۾ مون به شرڪت ڪئي هُئي پاڻ تمام سُٺي شاعره آهي۔ ادا احسان توهان جي مهرباني جو توهان اهڙي خوبصورت شاعري اسان سان شيئر ڪئي۔ مهرباني
 
شاه عبدالطيف ڀٽا ئي
کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
2
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.
3
ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
4
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟
سَوارا سَنڊَ کَـڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟
5
ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نه ٻُڌِي؛
پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛
وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.
6
ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛
ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَـئِي نه ڪَنِ؛
ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَھڙِي.
7
تان وَنئُن ويـھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.
8
ڏُٿُ نه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛
اُھۡڃاڻِـيُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛
تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالھڙِي.
9
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ کي!
10
مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَھرين نه گھارِينِ؛
واحِدَ لَڳِ وِلۡـهُنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛
گُوندَرِ گُذارِينِ، جهُ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.
11
کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.
12
کَڻَنِ نه ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا؛
ڏوٿَيِرا ڪَنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ؛
کاهوڙِيُنِ اُهڃاڻَ، اَنگ نه سَڄِي اَڳِڙِي.
13
سُڪا مُنهَن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَھن؛
ڳُجھا ڳُجھيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌَ جُون.
14
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟
محترم شبير جتوئي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا تمام پيار ا بيت اسان سان شيئر ڪيا آهن، لطيف سائين ته نسورو نُور آهي۔ ادا رشيد سمون کي گُذارش ٿي ڪجي ته سُهڻي لطيف جا هي بيت لطيف سائين جي شاعري واري شعبي ۾ شفٽ ڪري ته جيئن پراپر نموني سائين شبير جتوئي جي موڪليل هن لطيفي لات تي شبير جتوئي جا ٿورا مڃيا وڃن مهرباني ادا شبير جتوئي۔
 
Back
Top