• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪئنيڊائي جاڙيون ڀينرون، ٻه مٿا پر دماغ هڪ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڪئنيڊائي جاڙيون ڀينرون، ٻه مٿا پر دماغ هڪ​

2uif01x.jpg
ٽورنٽو (عوامي آواز نيوز) ڪئنيڊا ۾ چئن سالن جون ٻه اهڙيون جاڙيون ڀينرون موجود آهن، جن جا ڌڙ جدا آهن پر دماغ صرف هڪ آهي ۽ اهي ٻئي هڪ ئي اهڙي دماغ تي زندگي گذاري رهيون آهن، انهن ٻنهي جاڙين ڀينرن جي هڪ دماغ ذريعي هڪ ٻئي جي خيالن کي ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ جي صلاحت ميڊيڪل جي دنيا جي ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڪرشماتي طور تي ٽاٽيانا ۽ ڪرسٽا هڪ ٻئي جي اکين مان به ڏسڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ان جو مظاهرو اهي اڪثر رانديڪن سان کيڏڻ دوران ڪن ٿيون، جنهن عمل تي عام ماڻهو توڙي سائنس دان حيران آهن.
 
جواب: ڪئنيڊائي جاڙيون ڀينرون، ٻه مٿا پر دماغ هڪ

سائين اها خبر تمام حيران ڪندڙ آهي ۽ الله جي قدرت جي ڪرشمن منجهان هڪ ڪرشمو آهي، هڪ ٻئي جي اکين مان ڏسڻ منجهان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هڪ ئي دماغ هجڻ‌جي ڪري اهو سرشتو به هڪ ٻئي سان مليل اٿن، يعني سندن اکيون به هڪ آهن۔۔۔
 
Back
Top