آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران قومي ايڪتا ريلي ڪڍي وئي۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ قومي ايڪتا واري ڏينهن کي ويلڪم ڪرڻ لا آواز ٽي وي جي همقدم ٿِي آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران هڪ قومي ايڪتا ميٽنگ حاجي محمد صديق سمون ضلعي صدر آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران ڪوٺائي وئي۔ جنهن ۾ سموري ضلع ٽنڊو محمد خان جي سمان برادري وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿِي، انهي ميٽنگ ۾ اهو عهد ڪيو ويو ته سموري سنڌ جي لکين سمان برادري قومي ايڪتا جي ڏهاڙي 4 ۽ 5 ڊسمبر کي عيد وانگر ملهائيندي۔ بعد ۾ آواز ۽ سنڌ ٽي وي جي هم قدم هم آواز ٿي هڪڙي قومي سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ حاجي محمد صديق سمون ڳالهائيندي چيو ته سمان برادري، پنهنجي سنڌ جي ثقافتن جي حفاظت ڪرڻ ڀلي ريت ڄاڻي ٿِي، اسان سنڌي سڀئي ڌرتي ڌڻي آهيون، اهو ڌرتي ڌڻين جو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي سنڌ جي اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪي جي حفاظت پنهجي دل ۽ جان سان ڪريون، آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جي ڊپٽي سيڪريٽري نثاراحمد ناز سمون چيو ته اهي بدنصيب هوندا آهن جيڪي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجي لوئِي ۽ لڄ جي حفاظت ڪري ڪونه سگهندا آهن، اسان جي سمان برادري، پنهنجي قومي ايڪتا جو ڏينهن تمام جوش ۽ خروش سان ملهائيندا ۽ پنهنجي سنڌي هُئڻ جو ثبوت ڏيندا۔ تعلقي بُلڙي شاهه ڪريم جي صدر قادر بخش سمون چيو ته اسان سنڌي سمورا هڪ آواز آهيون چاهي 4 ڊسمبر هُجي يا چاهي 5 ڊسمبر هُجي، وڏي شان ۽ مان سان قومي ايڪتا جو ڏينهن ملهائينداسين۔ تعلقي ٽنڊو محمد خان صدر جان محمد جاني ويسريو سمون چيو ته پوري سمان برادري آواز ٽي وي سميت سنڌ جي سموري سنڌي چينلز جي احسان مند آهي جو سنڌ کي سجائڻ جون اهي ڀرپور ڪوشش ڪن پيا، ۽ سنڌين کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي رنگن سان سرفراز ڪرائن پيا۔ عبدالغفور رامليو سمون چيو ته سنڌ جي تاريخي اجرڪ ۽ ٽوپي کي ڪير به مٽائي نٿو سگهي، اسان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارو قومي ايڪتا جو ڏهاڙو 4 ۽ پنج ڊسمبر تي وڏي پئماني تي سڀ سنڌي هڪ زنجير بنجي ملهائينداسين۔

    پيش آهن آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران ڪوٺايل قومي ايڪتا ميٽنگ جو ۽ ريلي جون تصويري جهلڪيون۔

    [​IMG]

    حاجي محمد صديق سمون ضلعي صدر آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ٽنڊو محمد خان ۽ قادر بخش سمون تعلقه صدر بُلڙي شاهه ڪريم ٽنڊو محمد خان ۽ هڪ سمون ڀا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران ڪوٺايل ميٽنگ ۽ قومي ايڪتا جي سلسلي ۾ نڪتل ريلي جو ڪجهه تصويري جهلڪيون۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران قومي ايڪتا ريلي ڪڍي وئي

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون پيش خدمت آهن

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان جا اڳواڻ ڳالهائي رهيا آهن

    [​IMG]

    اسان جي سنڌ سلامت جو ميمبر دوست ۽ آواز ٽي وي جو نوجوان ڪئميرا مين جبران علي ، آواز ٽي وي ضلع ٽنڊو محمد خان جو نمائندو امتياز منڱريو ۽ عبرت اخبار ضلع ٽنڊو محمد خان جو نمائندو ذوالفقار علي چانڊيو، سنڌ سلامت جي مسڪين نمائندي نثاراحمد ناز انهن دوستن جو تصويرون صرف سنڌ سلامت جي اڱڻ کي خوبصورت بنائڻ لا ڪڍيون۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان پاران قومي ايڪتا ريلي ڪڍي وئي

    ادا تمام بهترين ڪوشش آهي ............
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو