سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

'ويب سائيٽس' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سنگت کي سلام۔۔۔۔

    سڀ کان پهرين ته توهان کي ٻڌائيندو هلان ته انڊيا ۾ ڪيترا ئي ادارا سنڌي ٻولي‌ جي واڌ ويجهه لا ڪم ڪري رهيا آهن، هر هڪ ادارو پنهنجي پنهنجي پاران وسان ڪين پيو گهٽائي ته جيئن انڊيا ۾ آهستي آهستي گُم ٿيندڙ سنڌي ٻولي کي بچائي سگهجي۔۔۔ خيئر ٻولي ختم ته ناهين ٿيڻي پر پو‌به اها ماڻهن جي گهرن ۾‌ گُم ٿيندي پيئي وڃي۔۔۔ ممبئي ۾ هڪ به سنڌي اسڪول ناهين رهيو۔۔۔ سنڌونگر جنهن کي سنڌين جو ڳڙهه ڪري چيوويندو آهي۔۔۔ اُتي به اسڪول شاگردن جي نه هجڻ سبب بند ٿي رهيا آهي۔۔۔ اهڙين کي حالتن ۾ پنهنجي ٻولي کي بچائڻ لا محنت ڪندڙ هڪ ادارو سنڌي سنگت آهي توهان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌي سنگت جي هڪ ويبسائيٽ‌جنهن تي هنن مفت ۾ ڊائنلوڊ ڪرڻ جي لا سنڌي ٽيليفلمس رکيون آهي اميد ته سنگت کي اها ويبسائيٽ پسند ايندي
    ۽ ها انهن جو پروگرام ”سنڌي سُرهاڻ“ جنهن ۾ توهان جي هن حقير دوست ڪمپيرنگ ڪئي آهي اهو ڏسڻ نه وساريندا۔۔۔۔


    ويبسائيٽ ڏسڻ جي لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    واھ يار رنجيت تمام زبردست ۽ ڪم واري سائيٽ اوهان ونڊ ڪئي آهي۔۔۔۔۔پر اسڪول سڌو نگر ۾ ڇوٿا بند ٿين۔؟
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    تمام بهترين سائيٽ آهي ادا رنجيت را۽

    پر يار اها ته ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌايئي ته سنڌونگر ۾ سنڌي پڙهائڻ وارا اسڪول بند ٿئي ويا آهن

    ڏاڍو ڏک ٿيو ...........


    سدائين گڏ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    ادا رنجيت مهرباني بهترين سنڌي سائيٽ ونڊ ڪرڻ جي

    دوست جي اها هَيقت آهي ته پوء هندستان جي سنڌين لاء اها شرم جهڙي ڳاله آهي۔ اسڪول ۾ ٻار ڇو نه ٿا اچن ؟ سبب ڪهڙا آهن ؟؟ مسئلا ڪهڙا آهن ؟؟ انهن مسئلن جو ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو ؟؟؟

    انهن سڀني سوالن جا جواب ته اتان جا سنڌي ڏئي سگهن ٿا۔ يا ٿي سگهي ٿو اوهان کي به خبر هجي پر يار سنڌي تعليم کانسواء ٻولي کي بچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو ٿي پوي۔

    توهان جا قرب جو سوني ويگاس جو سبق ونڊڻ کانپوء صفا کُلي پيا آهيو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    ادا رنجيت جڏهن اوهان سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه جي ڳالهه ڪيو ٿا ان مان اوهان جي ڇا مراد آهي؟
    ٿوري وضاحت ڪندا؟
    ان لفظ (واڌ ويجهه) جي۔۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    انڊيا ۾ سنڌي ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ سنڌي سنگت جو ڪردار واقعي به بهترين آهي۔۔ انهن جي طرفان مختلف پروجيڪٽ واقعي به ساراهه جوڳا آهن۔۔۔
    ادا رنجيت توهان جي ڪمپيئرنگ ڀلي لڳي۔۔ ان ڪري سنڌي سرهاڻ پروگرام جي پهرين قسط دوستن کي فورم تي ئي ڏيکارڻ جو پروگرام رکيم۔۔۔ توهان به ڏسو۔۔

    [flv]http://www.sindhisangat.tv/downloads/episodes/flv/101_ComedySongs.flv[/flv]​
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    ادا مولائي فقير۔۔۔۔ اهڙي بهترين ونڊ جي مهرباني۔۔۔۔۔
    دوستو مون کي جيستائين لڳي ٿو ته سنڌي اسڪول ان ڪري بند پيا ٿين جو هندستان ۾ وسندڙ سنڌي هاڻ پنهنجي ٻارن کي ماڊرن تعليم ڏيارڻ ٿا چاهين، نامور ادارن ۾ پڙهائڻ ٿا چاهين، جڏهن ته عام سنڌي اسڪولن ۾ (هتي واري سنڌي گورنمنٽ اسڪولن جي حالت وانگر) ڪي سهولتون ناهن، ان ڪري آهستي آهستي سنڌي اسڪولن جو رجحان ختم پيو ٿئي۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    هندستان جي سنڌو نگر ۾ سنڌي ٻولي سان ٿيندڙ ويڌن جي ڳالهه ته پنهنجي جا تي، پر مولائي رنجيت جو سنڌ سرهاڻ ۾ ڪيل ڪم پنهنجي جا تي مزيدار آهي، سندس اداڪاري ۾ نکار اچي رهيو آهي ۽ همٿ وڌي رهي آهي ۔۔۔

    سنڌي سنگت وارا سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه (واڌاري ۽ ترقي) لا ڪم ڪري پاڻ ملهائن پيا، کين سلام هجي ۽ اسان پاران مبارڪون، هند جا سنڌي جيڪڏهن مذهبي مت ڀيد کي پاسيرو رکي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي پاڻ سان کڻي پنهنجي ٻولي جي سکيا لا ڪي قدم کڻي سگهنٿا ۔۔۔ بيشڪ اهي ايڪسٽرا ڪلاسس هجن يا وري، زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ سنڌي جو ڪارج، ان معاملي ۾ سنڌ ۽ هند جا سنڌي گڏجي سڏجي ڪم ڪري سگهنٿا ۔۔۔ باقي ته هن وقت به هند جي سنڌين وٽ سٺا ۽ ڏاها اديب پڻ موجود آهن، جيڪي وقت به وقت سنڌي ٻولي لا پاڻ پتوڙن ٿا ۔۔۔ کين سلام هجي

    يار رنجيت لک ٿورا جو سٺا ونڊ ڪندا رهوٿا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    ادا مان ڪو ڏاهو يا عالم ته آهيان ڪونه جو سنڌي لفظ واڌ ويجهه جي معنى ٻڌائي سگهان :d (مذاق ۾)
    باقي ادا ٻولي تيستائين ترقي ڪونه ڪندي جيستائين نئين پيڙهي ان کي استمعال نه ڪري، هند ۾ هر ادارو پنهنجي پنهنجي نموني ڪوششون ڪري رهيو آهي۔۔۔ ڪن ادارن پاران ته ديوناگري ( هندي) ۾ ڪتاب پڻ‌ ڇپايا وڃن ته جيئن جيڪي ٻار عربي سنڌي نه ٿا پڙهي سگهن اهي گهٽ‌ ۾‌گهٽ هندي ۾ ته سنڌي پڙهندا ۽ ٿوڙو گهڻو ڳالهائڻ جي قابل ته هوندا۔۔۔۔ ممبئي ۾ جيڪي به ڪاليجون آهن انهن ۾ ٽاپ ڪلاس جون ٽي ڪاليجون
    1) جئه هند ڪاليج
    2) ڪشنچند چيلارام ڪاليج (ڪي سي ڪاليج)
    3) ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج۔۔۔

    انهن ٽنهي ڪاليجن ۾ سنڌي مائنٽري ڪوٽا ۾ ائڊميشن ملندي آهي جنهن ۾‌ شاگردن کي سنڌي جو سبجيڪٽ کڻڻ‌ کي تي ترجيح ڏني ويندي آهي۔۔۔ (انجنيئرنگ ڪاليج کي ڇڏي)
    پر پو به ٻار ان کي سليڪٽ ڪونه ڪندا آهن۔۔۔ سبب۔۔۔ هنن جي والدينن هنن کي سنڌي سيکاري ئي ڪونهي بيڪار ۾ هو اهو سبجيڪٽ کڻي پنهنجون ٻئي سبجيڪٽ ۾ مارڪون ڇو گهٽائين۔۔۔۔۔۔

    ادا اسان جئه هند ڪاليج ۾ هڪ سروري ڪئي جنهن ۾ ڪاليج ۾‌ نئين داخلا ۾ ايندڙ 80 سنڌي ٻارن کان اسين سوال پڇياسين ته توهان سنڌي ۾‌ ڇو نه ٿا ڳالهايو۔۔۔ انهن مان 40 سيڪڙو ٻارن جو ايئن چوڻ هو ته سندن ما گجراتي آهي ته پي سنڌي۔۔۔ ڪنهن جو پي‌ مرهٽو آهي ته ما سنڌياڻي،۔۔۔۔۔ سو ٻار سکن به ڪهڙي ٻولي سکن۔۔۔ هندستان ۾ اول ئي ٽن ٻولين وارو فارمولو هلي پيو۔۔ مطلب هڪ انگريزي ٻيو هندي ۽ ٽيون هر اسٽيٽ جي پنهنجي ٻولي۔۔۔۔

    جيئن توهان ممبئي ۾ رهو ٿا ته توهان کي مرهٽي ٻولي اچڻ ضروري آهي ڇو جو مهاراشٽرا ۾‌ 100 سيڪڙو ڪم ڪار مرهٽي ٻولي‌ ۾ هلندو آهي۔۔۔ سو ٻار وڃين ته وڃين ڪيڏانهن۔۔۔ والدين به مجبور آهي اول ئي پڙهائي جو ايترو زور ٻيو وري ٻولين سکڻ جو ايترو زور۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خيئر۔۔۔

    تنهن هوندي به ڪجهه ادارا جهڙوڪ۔۔۔ اين سي پي ايس ايل (نيشنل ڪائونسل آف پروموشن آف سنڌي لينگيوايج) پنهنجي نموني هر شهر ۾ الڳ الڳ پروگرام ڪري نون سنڌي ڪلاڪارن کي اتساهي پيئي۔۔۔

    مهرباني۔۔۔۔۔





     
     
  10. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    مهرباني سائين توهان مُنهنجي هن ونڊ کي ڊائريڪٽ هتي ڳنڍي ڇڏيو۔۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    ادا رنجيت توهان اهيا تمام گهڻي ڏک ۽ تڪليف واري ڳالهه ٻڌائي آهي، جنهن ڳالهه جو ذڪر پڻ هن مضمون ۾ پڻ ڪيل آهي ( هندستان ۾ سنڌي ثقافت آخري پساهن ۾ ) جڏهن ته اتان جا سنڌي تمام سکيا ستابه ماڻهون آهن پوء اهي سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاء ڪوشش ڇو نه ٿا ڪن، بقول ڪنهن شاعر جي ته ائين نه ٿئي ته ( هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔ ) ادا اسان جي هندستان جي سنڌين کي سنڌي اسڪولن هلائڻ ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ۽ پنهنجي اولاد کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين سان گڏ پنهنجي اباڻي مٺڙي ٻولي سنڌي ٻولي پڻ پڙهائڻ گهرجي، ۔۔۔۔۔۔۔ الله تعاله انسانن کي مختلف گروهن ۾ ۽ مختلف ذاتن ۾ پيدا ڪيو تاڪه توهان هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو.. اسلام اسان کي اهيا تعليم ڏني آهي مگر هت ذات پات رنگ نسل ، ۽ زبان کي وري تعصب جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي. اچو ته پهرين اهيو سمجهون ته ٻولي ڇا آهي ۽ ڇو لاء ضروري آهي .ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ علائقو رهڻي ڪهڻي رسم رواج ۽ ثقافت هوندو آهي .مگر دنيا جي وڏن ڏاهن ۽ عالمن ڪنهن به قوم جي سگهه ۽ سڃاڻپ وري زبان ۽ ٻولي کي اهم نقطو يا اهم جز قرار ڏنو آهي .
    ٻولي ان لاء ضروري آهي جو ٻولي اهو واحد ذريعو آهي جنهن سان انسان هڪٻئي جي ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو ۽ هڪٻئي سان رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي خيالن جو احساسن جو اظهار به ڪري سگهي ٿو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پرائمري تعليم انهي علائقي جي مادري زبان ۾ ڏني ويندي آهي. اهو ان لاء ته جئين کيس پنهنجي مادري زبان پڙهڻ لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچڻ کپي. سنڌ جي عّظيم صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر حضرت شاه عبدللطيف ڀٽائي جي دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي مگر ڀٽائي صاحب فارسي کي اهميت نه ڏيندي پنهنجي شاعري پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ ڪئي ۽ فارسي لاء ته هيئن چيائين (( جي تو فارسي سکيو گولو تو غلام،، اڃو تان آب گهري، بکيو تان طعام،، اهو عام سندو عام خاص مان ڪين ٿئي.))سنڌي زبان کي مالا مال ڪري ڇڏيو، جيڪو شاه صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي وڏو ٿورو ۽ وڏو وڙ آهي.
    منهنجا دوستو مان سڀني سنڌي ماڻهن کي اهيا درخواست ڪندس ته منهنجا ڀائرو خدا را پنهنجي ٻارن کي ڀلي انگريزي پڙهايو (اها به ضروري آهي ) مگر پنهنجي ٻارن کي سنڌي ضرور پڙهايو ۽ پاڻ پڙهو ۽ سنڌ، ۽ سنڌي ٻولي کي بچايو ۽ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪريو . ۽ پنهنجي ٻولي ۽ وطن (ساڻيهه) کي نه وساريو ڇاڪاڻ ته هڪ سڄڻ ۽ ٻيو ساڻيهه ڪو بيوقوف ئي وساري ٿو سگهي عقلمند ۽ سمجهدار ڪڏهن به ائين نه ڪندو بقول شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبللطيف ڀٽائي رح سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري. سو ان ڪري شاه صاحب جو چوڻ وٺو ۽ اڻاسي بڻجڻ کان بچو ڪٿي ائين نه پڙهيو وڃي ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
    ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ٻيو اهيو احوال ڏيو ته ڇا هندستان ۾ به سنڌي ٽوپي ۽ ثقافت وارو ڏينهن اهڙي زور شور سان ملهايو وڃي ٿو يا ان تي به افسوس ڪجي۔

    [​IMG]
     
  12. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    ممتاز صاحب رڍن اڳيان رباب واري ڪهاڻي آهي۔۔۔۔ چند جهونن کان سوا ڪنهن کي به ان ڏهاڙي جي خبر به ڪونهي۔۔۔ نوجوان پيڙهي ته ڇڏي ڏيو ته بهتر ٿيندو۔۔۔۔۔۔
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي سنگت۔ ٽي وي۔۔۔۔

    [​IMG]

    ادا توهان جي ڏک ۾ هي ناچيز به توهان سان گڏ آهي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو