• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي ميل باڊي تي موجود تصوير کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪيئن بڻائجي۔۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
منهنجي هڪ دوست ميل ڪري مون کي چيو ته هڪ دوست کيس اي ميل ۾ هڪ تصوير اهڙي طرح موڪلي آهي جو اها ميل باڊي ۾ موجود آهي۔۔۔ جيڪڏهن اها اٽيچمينٽ جي صورت ۾ هجي ها ته ڊائونلوڊ ڪرڻ سولي هئي پر اي ميل باڊي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ ڪرڻ ڏکي ٿي لڳي۔۔۔
مون کيس جواب ڏيڻ سان گڏو گڏ سوچيو ته سنگت کي به ٻڌائيجي۔۔۔
دوستو توهان جي اي ميل باڪس ۾ ڪافي اهڙيون تصويرون هونديون آهي جن کي Save As آپشن تي ڪلڪ ڪري ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو پر اڪثر آئوٽ لڪ ايڪسپريس ذريعي امبيڊ ٿيل ڪجهه ميلس ۾ تصوير ڊائونلوڊ ڪرڻ مشڪل ٿيندي آهي۔۔۔ جنهن کي ڊائونلوڊ ڪري محفوظ ڪرڻ جو طريقو ڪجهه هن ريت آهي۔۔۔
اي ميل موجود تصوير تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ آپشن ڪاپي سليڪٽ ڪريو۔۔

picture-in-email-293x300.png

پينٽ پروگرام کوليو۔۔۔ جتي edit مينو تي ڪلڪ ڪري Paste تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔

picture-in-email2-300x231.png

هاڻي Save As آپشن تي ڪلڪ ڪري تصوير کي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ بڻايو۔۔۔

picture-in-email3-277x300.png

هي ساڳيو عمل هن وڊيو جي ذريعي بهتر طريقي سان ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=5_UYRPC5H2E
 
جواب: اي ميل باڊي تي موجود تصوير کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪيئن بڻائجي۔۔۔؟

سائين تمام بهترين ڏس آهي ۽ ان سان گڏ بهترين طريقو آهي سمجهائڻ‌جو، الله اوهان جي علم ۾ اڃان به واڌارو ڪري، جو اوهان اسان جي ايتري رهنمائي ڪريو ٿا۔۔
 
جواب: اي ميل باڊي تي موجود تصوير کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪيئن بڻائجي۔۔۔؟

سائين بهترين سمجهاڻي لاءِ ٿورا۔
ان سان ڪاپي ۽ پرنٽ اسڪرين جو فرق به سمجهه ۾ اچي ويو۔
 
جواب: اي ميل باڊي تي موجود تصوير کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪيئن بڻائجي۔۔۔؟

مهرباني ادا

ڪم واري ٽپ سنگت سان شيئر ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

مهرباني ڪري هڪ روز اهڙي ٽپ شيئر ڪندا ڪريو

ته جيئن اسان جي علم ۾ واڌارو اچي

سدائين گڏ
 
Back
Top