مست
سينيئر رڪن
دوستو!
موبائل فون جتي انسان ذات لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون پيدا ڪيون آهن، مفاصلا ۽ ويڇا گهٽايا آهن، اتي سندس ڪيترا ئي نقصان به آهن۔۔۔ غير ضروري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، هر وقت موبائل سان چنبڙيل هجڻ جي ڪري صحت جو متاثر ٿيڻ جا معاملا ته الڳ ڳالهه آهن پر نوجوان طبقي ۾ موبائل جي ڪري الائي جي ڪيتريون سماجي بيماريون ڦهيلجي رهيون آهن۔ فون تي رابطو ٿيڻ بعد ڀڄي شادي ڪرڻ، ڌوڪو کائڻيا ڌوڪو ڏيڻ، ان سلسلي ۾ مختلف ڏوهي پارٽين پاران نوجوان ڇوڪري ڇوڪرن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ۔۔۔ غرض ته هي هڪ اهڙو وقت اچي ويو آهي جو جيڪڏهن موبائل ايجاد ڪندڙ شخص پاڻ ان کي ڏسي ها ته خودڪشي ڪري ها۔۔ ته ڇا مون موبائل اهڙين ڳالهين لاءِ ايجاد ڪئي هئي۔۔
ڳالهه کٽائڻي ته انڊيا جي هڪ علائقي باليان ۾ پنچائيت جي فيصلي مطابق ڪنوارين ڇوڪرين جي موبائل استعمال ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، جڏهن ته ڪنوارا ڇوڪرا به فقط والدين جي سامهون ئي موبائل استعمال ڪري سگهن ٿا۔ پنچائيت اهو فيصلو ان صورتحال کي مدنظر رکندي ڪيو آهي جو ان علائقي مان هڪ سال جي اندر 23 کان مٿي ڇوڪريون گهري ڀڄي شادي ڪري چڪيون آهن ۽ انهن جو سبب به موبائل کي ئي ٓسمجهيو پيو وڃي۔
منهنجي خيال ۾ ته پنچائيت اهو تمام بهترين قدم کنيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان يا ڀلا رڳو سنڌ ۾ اهڙو ڪو فيصلو هجي ته واهه واهه ٿي وڃي۔۔
توهان ڇا ٿا سوچيو؟؟؟ پنهنجي راءِ ڏيو۔۔۔