نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ، جيئن ته ساري دنيا ۾ قومي ايڪتا جي حوالي سان 4 ڊسمبر 2010 ۽ 5 ڊسمبر 2010 تاريخي حيثيت ڪري ويا آهن، سنڌ جا سمورا سنڌي چينل ان سلسلي ۾ خوب کان خوب تر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارو ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پيارا سنڌي دوستو اسان جو هي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ به ساري دنيا جو وڏي ۾ وڏو انٽر نيٽ تي سنڌي اڱڻ آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ پاران مون به هڪڙي ايڊوانس ۾ هي غريباڻي تياري ڪئي آهي، ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان پهريون ڀيرو انهي تياري جي مهورت ڪري رهيو آهيان، دوستو اهو نظم جيڪو هتي شيئر پيو ڪريان اهو اڃان تائين ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به ادبي حلقي ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، مزي جهڙي ڳالهه ته اهو نظم ڪنهن به ادبي دوست کي به اڃان تائين ڪونه ٻُڌايو اٿم۔ انهي نظم کي خود پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ به ڪيو اٿم ۽ انهي نظم کي ڪمپيوٽر جي چتري ڪاري جو به رنگ ڏنو اٿم۔ مان پنهنجو هي نظم سنڌ سلامت تان پهريون ڀيرو ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري الله سائين جي مهربانين سان فخريا طور چوان ٿو ته سنڌ سلامت هاڻ باقائده قومي ايڪتا جي حوالي سان چاهي 4 ڊسمبر هُجي يا 5 ڊسمبر هُجي سنڌ جي سموري سنڌي چينلز سميت دنيا جي سڀني سنڌين جي همقدم آهي، اسان سنڌي خوشنصيب آهيون جو ٻين قومن جو ڪوبه قومي خوشي ڀريو ڏينهن صرف هڪڙو هوندو آهي ، اسان جو ته هي قومي ايڪتا ڀريو ڏينهن يڪن سارن ٻن ڏينهن ۾ تبديل ٿِي ويو آهي جيڪڏهن سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، آواز ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي 4 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن ڪري ملهائي ٿو ته وري ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ٽي وارا وري 5 ڊسمبر 2010 تي اهو ڏينهن ملهائين پيا۔ نتيجي طور اسان سنڌين کي ٻه ٻه ڏينهن خوشين ڀريا ملي ويا۔
خير سڀ کان پهرين منهنجي شاعري جي چترڪاري جنهنجو عنوان آهي عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهنڙو اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون۔ پيش آهي۔
ساڳوڻو نظم پنهنجي آواز ۾ تهميد سان پيش ڪيو اٿم اهو به آڊيو جي صورت ۾ پيش ٿو ڪريان
[MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/khlk.mp3[/MP3]
پيارا دوستو مون جهوني جي هي غريباڻي محنت ڪيئن لڳي توهان جا ڪامينٽس منهنجي لا مشعل راهه هوندا۔