هندستان ۾ سنڌي ثقافت آخري پساهن ۾ محمد وجيهه الدين سيتا ننداهو نوجوان ڏاهو آهي جيڪو هندستان ۾ انگريزن جي ڊگهي حڪومت کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهي، مهاتما گانڌي جي سيتا ڳڙهه واري اپيل تي هن نوجوان هڪڙي ڏينهن سرڪاري آفيس تان انگريز سرڪار جو جهنڊو لاهي هندستان جو جهنڊو هڻي ڇڏيو. هن نوجوان انقلابيءَ تي گورن جي فوج لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، هڪ زوردار لٺ هن جي مٿي ۾ لڳي ۽ هي ڪوما ۾ هليو ويو. هندستان آخرڪار آزادي ماڻي، ان وقت فيض احمد فيض جي شاعري ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي، جيڪا انهن لاءِ اونداهيءَ ۾ مشعل راهه ثابت ٿي. برصغير کي ٻه اڌ ڪري هندستان ۽ پاڪستان جا نالا ڏيئي هڪ وڏي لائين ٻنهي ملڪن جي وچ تي ڪڍي وئي، جنهن سبب کين ماڻهو دربدر ٿيا، جنهن ڪري سيتا نند جي ڪٽنب کي به لڏڻو پيو، جڏهن ته سيتانند اڃا ڪوما ۾ ئي هو، هن جو ڪٽنب ممبئي هليو آيو، جتي هن جي زال ۽ هن جي پٽ وڏي محنت ڪري پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 40 سالن کان پوءِ سيتا نند کي هوش آيو، تيستائين وڏو وقت گذري چڪو هو ۽ هن جو ڪٽنب هن جي پياري ملڪ سنڌو ديش کي ڇڏي هندستان هليو آيو هو. سنڌ هاڻي پاڪستان جو حصو آهي، سيتا نند جو ڪو به پاڙيسري سيتانند جي مادري ٻولي سنڌي ڳالهائيندڙ نه هو. هن جا ڪجهه سنڌي ڳالهائيندڙ دوست اڄ به پنهنجو ڳانڍاپو سنڌو درياهه ۽ عظيم سنڌو ماٿري تهذيب سان جوڙيندا آهن، اهو متن ته هو ان سنڌي فلم جو جنهنجو نالو آهي ”هٿ نه لڳاءِ“ جيڪا هڪ مهينو اڳ رليز ٿي آهي ان فلم جي سڄي ڪهاڻيءَ جو مول متن اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجو جاگرافيائي ملڪ وڃائي چڪا آهن، هن فلم ۾ مزاح انداز ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته اهي هندستان ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن، نئين ملڪ ۾ ايندي ڪهڙيءَ طرح اهي وڏن تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا، هي فلم سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ هندستان ۾ وڏو هٿيار ثابت ٿيندي. سنڌ مان آيل هندو پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ کان پوءِ جهڙيءَ طرح پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن پر اڄ هندستان ۾ سنڌي ثقافت آخري پساهن ۾ آهي، فلم جي ليکڪ ۽ هدايتڪار روز ٽي منواڻي جو چوڻ آهي ته اسين پنهنجي ڌرتيءَ کان لڏ پلاڻ ڪري هتي آيا آهيون، ان ڪري حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت بچائڻ لاءِ پيسا رکيا وڃن، جنهن سان اسان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائي سگهون، منواڻي چيو ته ان سوچ تحت هو اڪيلو نه آهي، هن چيو ته صرف ممبئي ۾ 10 لک سنڌين جو مرڪز الهاس نگر آهي جيڪي سڀ جا سڀ پنهنجي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ريتن رسمن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، صبحادرا آنند جو چوڻ آهي ته سنڌي ميڊيم اسڪول ڪجهه عرصو اڳ بند ٿي چڪا آهن، اسان جو نوجوان نسل پنهنجي ٻولي پڙهڻ لاءِ تيار نه آهي، صبحادرا آنند آر ڊي نيشنل ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال آهي هن چيو ته ان شاگردن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪتابچا لکيا آهن. نوجوانن جو سنڌي نه پڙهڻ جو سبب اهو به آهي ته اهي اقليت ۾ آهن، هن اهو به مڃيو ته ممبئي ۾ سنڌين جا 24 تعليمي ادارا آهن جيڪي هلي رهيا آهن، جن ۾ حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جيڪو سنڌين جي هٿ هيٺ هلي ٿو، ممبئي ۾ تعليمي ادارا سنڌين جا آهن پر انهن ۾ سنڌي ٻولي کي نٿو پڙهايو وڃي. تمام ٿورا ماڻهو سنڌي سکن ٿا ۽ تمام گهٽ ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا. فلم جي گانا ان جو ماکيجي لکيا آهن، پر هو پاڻ به رواني سان سنڌي نه ٿو ڳالهائي سگهي. سنڌي هندو ڏينهن به ڏينهن پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ کان پري ٿيندا پيا وڃن، هن چيو ته ان بابت اسين فقط نوجوان نسل کي ڏوهي قرار نه ڏينداسين، هن چيو ته سنڌي آسوده ۽ خوشحال آهن بئنڪن ۾ انهن جون وڏيون رقمون آهن اهي اسپتالون ٺهرائي رهيا آهن، رهائشي ڪالونيون ٺهرائي رهيا آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪهڙو ڏوهه ڏيون جيڪي چون ٿا ته سنڌي ثقافت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ انهن جا پيسا خرچ ٿين ٿا. مانيجا جو چوڻ آهي ته انهن سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ شاهه لطيف جي شاعري کي سنڌي اسڪالرن جي مدد سان سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايو آهي. هن چيو ته اسپتالون ۽ ڪاليج ٺهرائڻ سٺو قدم آهي پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي قيمتي ٻولي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ به ته ڪجهه ڪيون. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جون شيون تمام گهٽ وڪرو ٿين ٿيون، ان ڪري ته انهن جا خريدار گهٽ آهن، هن چيو ته توهان ڪتاب ڇپرايو، اسٽيج ڊرامو ڪيو، فلم ٺاهيو، سنڌي موسيقيءَ جا البم مارڪيٽ ۾ آڻيو. انهن سڀني ڪمن ۾ توهان جي موڙي ٻڏي ويندي، هڪ راڳي گهنشام باشواڻي جو چوڻ آهي ته ڌڻي اسان کي ايتري طاقت ڏئي ته اسان پاڻ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي هڙان وڙان ڪريون. انڪشوپاشواڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هندستان ۾ سنڌي ٽي وي چينل جي کوٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌي ٽي وي چينل آهن پر هتي ته هڪڙو سنڌي ٽي وي چينل به نه آهي، پوءِ اسان ڪهڙيءَ طرح اميد ڪري سگهون ٿا ته سنڌي اڳتي وڌندي، جڏهن ته هندستان جي سنڌين کي يقين آهي ته وقت اچڻ تي سنڌي ٻولي ترقي ڪندي. مٽلاڻي ممبئي ۾ سنڌي شعبي جو هيڊ آهي، هن جو چوڻ آهي ته هر سال 15 کان 20 شاگرد سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ڪن ٿا. هن جو چوڻ آهي ته هن جي ڊپارٽمينٽ سنڌي ڪتاب ڇپجندا آهن، هي انهن جي نظرداري ڪندو آهي. هن چيو ته اسان ويجهڙائي ۾ سنڌ جي تاريخ شايع ڪرائي آهي پر اسان مان ڪيترا ڄاڻين ٿا ته سنڌي ادب کي زندهه رکڻ ڏکيو ضرور آهي، سنڌي ڪميونٽي جا ماڻهو اهڙين حقيقتن کي سمجهن ٿا ته حقيقت پسند نه ٿيڻ کان سواءِ انهن کي مستقبل ۾ اميدن کان سواءِ ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي. انڊين ٽائيمز جي ٿورن سان
جواب: هندستان ۾ سنڌي ثقافت آخري پساهن ۾ ادا سائين، چوندا آهن ته جهڙو ديس تهڙو ويس، اسين سنڌي مسلمانن پاڪستان جي نالي ۾ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي، سنڌ ڄاون کي سنڌ نيڪالي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جي بجا کين لٽڻ، مارڻ ۽ ٻين قومن جا ساٿاري ٿي کين ڊيڄاري ڪڍي ڇڏيو ۔۔۔ هاڻ اهي سنڌي ويچارا پنهنجي مڙسي تي پرائي ديس ۾ پنهنجا گهر ٻار ٺاهي مس مس وڃي پاڻ ڀرا ٿيا آهن، ڌرتي سان قوم ٿيندي آهي ۽ ڌرتي سان ئي قومن جون ٻوليون پڻ ترقي ڪنديون آهن، پر جڏهن سنڌي واڻيا هتان لڏي هندستان ويا ته سندن پيرن هيٺان ڌرتي نڪري چڪي هئي جنهن کي هو امڙ چوندا هئا ۽ انجي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۔۔۔ خئير تاريخ جو اهو ظلم ته پنهنجي جا تي پر پو به سنڌي واڻين ڪجهه مڙسي ڪئي آهي ۽ ڪيتري حد تائين پنهنجي قومي زبان سان ڪجهه نڀايو آهي، پر تنهن هوندي به 60 يا 65 سال ڪو گهٽ عرصو ناهي هوندو ۽ هاڻ اصولن ته سنڌي واڻيا جي هتان لڏي ويا هئا انهن کي انهن قومن جو ٿي وڃڻ گهربو هو جت کين پناه ملي هئي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اها هجرت ڪا عارضي ناهي مستقل آهي ۔۔۔ بلڪل جيئن اسين پاڪستان ۾ ايندڙ مهاجرن تي زور ڀريندا آهيون ته هو پاڻکي سنڌي سڏائن ۽ سنڌ سان گڏجي هلن، پر جيئن ته مهاجر تمام گهڻي تعداد ۾ هئا ۽ مٿان وري اسان سندن گل نڇاور ڪري پنهنجا سهڻا شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد کين حوالي ڪري ڇڏيا آهن (کين هڪ علائقو ملي ويو آهي) ۽ هاڻ هو اردو زبان کي پاڪستان ۽ سنڌ سميت مسلط ڪري چڪا آهن ۽ سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ۽ انجي ڌرتي تي قبضو ڪري اسانکي ڏينهن جا تارا ڏيکاري چڪا آهن ۔۔۔ خئير حالتون اسان سڀني جي سامهون آهن ۔۔۔ تاريخ اڳتي ڪهڙو رخ اختيار ڪندي انجو انتظار آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي تاريخ لکندا ناهن، سنڌين کي تاريخ لکندي آهي ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌي تاريخ لکڻ جهڙو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کڻن ۽ تاريخ جي ڌارا کي پنهنجي طرف ڦيرائن ۔۔۔ واڳ ڌڻي وس ۔۔۔۔