ٽوپي اجرڪ، پٽڪو ڪهاڙي ۽ ثقافت جو ڏهاڙو عاجز جمالي استاد محمد يوسف مرحوم جو ڳايل ”سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار، سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾“، ڪلام ڪنهن زماني ۾ ڳوٺن ۾ شاديءَ جي شهرن ۾ به ڳايو ويندو هو. هن گيت ۾ سنڌي ماڻهن جي ثقافتي نشانين جو ذڪر ٿيل آهي ”ٽوپي اجرڪ پٽڪو ڪهاڙي، آهي اسان جي سُڃاڻپ يار“، جيتوڻيڪ فني اعتبار سان ايڏي ڪا مضبوط شاعري ڪانهي، پر استاد محمد يوسف جي ڳائڻ سبب 1980ع جي ڏهاڪي ۾ عروج تي هو. ان کان اڳ عابده پروين ۽ جيجي زرينا بلوچ جا قومي گيت عروج تي رهيا. ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان“ يا ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جامِ محبت پيئي سنڌ“ هي اهڙا قومي گيت هُئا جو نوجوانن جي رت ۾ گرمي آڻي ڇڏيندا هئا. هي گيت به سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي عڪاسي ڪندا هُئا. اڃا به ڪجهه پوئتي نهاريون ته 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي استاد عبدالغفور جو ڳايل شيخ اياز جو گيت ”سنڌڙيءَ تي تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار“، قومپرست ۽ سنڌ دوست ڪارڪنن ۾ ولولو پيدا ڪري ڇڏيندو هو. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ جي گرمجوشي ۾ عابده پروين، استاد عبدالغفور، جيجي زرينا بلوچ جي ڳايل قومي گيتن جو وڏو هٿ رهيو. شيخ اياز، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، استاد بخاري ۽ ٻين قومي شاعرن جا هي گيت سنڌين کي پنهنجي ثقافت کي جيئرو رکڻ جو درس ڏيندا رهيا. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ آمر جنرل ضياءَ خلاف پڻ سنڌي شاعرن ڏاڍي خوبصورت سنڌي شاعري تخليق ڪئي. هن زماني ۾ استاد بخاريءَ آڪاش انصاري، يوسف شاهين جي شاعري ڳائي ويندي هُئي. منظور سنجراڻي ۽ بعد ۾ رحمان مغل (سرمد سنڌي) پڻ عوامي محفلن ۾ اهڙن گيتن سبب هزارين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن هوندا هئا. هي سڀ انقلابي يا قومي گيت ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي جدوجهد ۽ آزاديءَ جي خواب ڏيکاريندا هُئا. هنن گيتن ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، ڪهاڙي، ريتن، رسمن ۽ عام سنڌين مٿان ٿيندڙ وڏيرڪي ۽ سرمائيداراڻي سماج جي ظلمن جي ڳالهه هُئي. ساڳئي وقت ثقافت سان گڏ طبقاتي مسئلن جي به نشاندهي هوندي هُئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ڊگهو نظم ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ“ سڄي طبقاتي سوچ تي ٻڌل آهي. پر اُن ۾ هر هنڌ سنڌ جي ثقافت، ڌرتي ۽ ٻوليءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي يا آڪاش انصاري جو نظم ”جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا“ پڻ انقلاب ۽ جدوجهد جو سڏ آهي. پر اها ئي سنڌي ٽوپي سنڌ ۾ ڌاڙيل، چور ۽ ڪاٽڪوءَ لاءِ به استعمال ٿيندي رهي. ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ جهڙيون چوڻيون ٺهيون. ڪهاڙيءَ سان بي گناهه نياڻي ”ڪاري“ ڪري ماري وڃي ٿي ٿي، ڪهاڙي سنڌ جي ثقافت آهي، پر ”ڪاروڪاري“ اسان جي ثقافت ناهي. ڀٽائي جو ”تنبورو“، مصري خان جمالي جو الغوزو، اقبال جوڳيءَ جي مُرلي، نڙبيت، شرنايون، هُو جمالو پڻ سنڌي ماڻهن جي ثقافت جو حصو آهن، جن کي اسان وساري ڇڏيو آهي. پٽڪو جتي پڳ آهي، لڄ آهي، اُتي مارئي جي ”لوئي“، ڳوٺاڻي سنڌياڻي جي ٺاهيل ”رلي“ غربي جو لباس، خيس ۽ کٿي پڻ سنڌ جي ثقافت ۾ شامل آهن. ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ وقت اسين اهي سڀ شيون وساري ڇڏيون ٿا ته شايد پوءِ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو اڌرو رهجي وڃي ٿو. گذريل سال سنڌي ٽوپيءَ تي ٿيل حملي کانپوءِ سڄي سنڌي قوم سنڌي ٽوپيءَ جو ڏهاڙو ملهائي اهو ثابت ڪيو هو ته سنڌي پنهنجي سياسي حقن وانگر ثقافتي حقن کان باخبر آهن. هن سال ٻيهر سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سنڌ سرڪار هاڻي ته 4 ڊسمبر تي سرڪاري سطح تي هي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه موجب سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي هي ڏينهن ملهائيندا. ان کان اڳ عبرت سميت ٻين ميڊيا گروپن 4 ڊسمبر تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ به هڪ ٻئي ميڊيا گروپ 5 ڊسمبر تي سنڌي ثقافت سان ”ايڪتا“ جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. سندن مطابق ايڪتا جو سڄو هفتو ملهايو ويندو. چار ڊسمبر ۽ پنج ڊسمبر تي شايد وڏا پروگرام ٿيندا. سڄي سنڌ پنهنجي ثقافت خاطر گڏ هوندي. اميد اها آهي ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌي ماڻهن جي ٻڌي ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ شاندار روايتي جوش جو مظهر ملندو. سنڌي ٻوليءَ جا سمورا ميڊيا گروپ ان ڏس ۾ سرگرم آهن. ميڊيا ”ثقافت“ جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان ڪري سڀ کان پهرين سنڌي ثقافت ٻولي، تهذيب ۽ تاريخ بابت سنڌي ميڊيا کي ”عبرت“ سميت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي ثقافت جي حوالي سان ٽي چار ڳالهيون انتهائي اهم آهن. جيڪڏهن سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چئنلز اڄ کان ئي پنهنجو فرض سمجهي انهن ٽن چئن لفظن تي ڪم شروع ڪن ته ايندڙ ٽن چار سالن ۾ سڄي سنڌ جو ڀلو ٿي سگهي ٿو. منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻولي سڀ کان اهم آهي. اڄ ٻوليءَ ۾ بگاڙ خطرناڪ حد تائين آهي. تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائي نه ٿي وڃي، خاص ڪري وڏن شهرن جي نجي تعليمي ادارن سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي. سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز ۾ انتهائي ڪِريل قسم جي سنڌي ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، جيڪا پڙهي گذريل 10-12 سالن ۾ اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي ڪمزور ٿيندي نظر اچي پئي. اردوءَ جو استعمال تمام وڌي ويو آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جون اخبارون ۽ ٽيلي ويزن ادارا پنهنجي پنهنجي ادارن اندر سنڌي ٻوليءَ بابت رڳو نگراني جو عمل شروع ڪن ته به کوڙ ٿي پوندو. سنڌي ٻولي اختياري جو ادارو هن ڏس ۾ گهڻو ڪري سگهي ٿو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ثقافت کاتي سان واڳيل هي ادارو ڪجهه به نه ٿو ڪري. جي اڄوڪي ڏينهن تي سنڌي ميڊيا جا سرواڻ سنڌي قوم سان اِهو واعدو ڪن ته هُو رضا ڪاراڻي بنياد تي پنهنجي اخبار يا ٽي وي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جون ”چُڪون“ ٺيڪ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪندا ته شايد گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. سنڌي ثقافت کي جيئرو رکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سگهارو هُجڻ لازمي آهي. ساڳي ريت ”سنڌي ٽيلي ويزن“ ۾ سنڌي ثقافت جي ابتڙ ثقافت ڏيکارڻ جو سلسلو پڻ بند ٿيڻ لازمي آهي. سنڌي سماج ۾ ڌاڙيل، وڏيرو، پير، فقير، هاري، هارياڻي، ماستر، شاگرد، ڪاروڪاري، سڱ چٽي، جرڳا ضرور وجود رکن ٿا. ڊرامي ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيکاريو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ سنڌي سماج ۾ اڄ به ”مهمان نوازي“ جو اهم رتبو آهي. استاد جو احترام موجود آهي. سنڌي ادب ۽ شاعري آهي، صوفي ازم آهي، سگهڙ آهن، نڙ بيت، الغوزو، شرنائي تنبورو، مُرلي، بوڻينڊو، چنگ، چپڙي، يڪتارو ۽ بانسري موجود آهي. ان کي همٿائڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ڊرامي ۾ اڄ ”اسين ماڻهو لاڙ جا درياهه جي پڇاڙ جا“ جهڙا منظر اڄ ڇو نه ٿا عڪس ٿين. نورالهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جوڻيجي اڄ سنڌي ڊراما لکڻ ڇو ڇڏي ڏنا آهن. عابده پروين، روبينا قريشي ۽ بيدل مسرور اڄ ڇو سنڌي نغما ڳائڻ ڇڏي ڏنا آهن. عارف لاهور پنجابي ٻوليءَ جي ”جُگني“ کي نئين انداز ۾ ڳائي ان کي سڄي دنيا ۾ مشهور بڻائي ٿو، پر اسان جو فنڪار اڄ ”هُو جمالو“ ”کڙي نيم ڪي نيچي“ ۽ ”اُترڙو ٿو لڳي“ جهڙا گيت ڇو نه ٿو ڳائي. هي سوال سنڌي ميڊيا جي سرواڻن لاءِ سوچڻ جو آهي. ڪمرشل بنياد تي جيڪڏهن هُو سوچين ته به هُو سنڌي ٽي وي ۾ نج ”سنڌي ثقافت“ کي اجاڳر ڪن. جينز جي پينٽ سنڌي ڇوڪريون پائن ٿيون، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ٽي شرٽ به پائينديون هونديون، پر سنڌي سماج ۾ گهڻائي اڄ به شلوار قميص کي اوليت ڏيندي آهي. اڄ جڏهن اسين چار يا پنج ڊسمبر تي سنڌي ثقافت، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن ملهائڻ جي تيارين ۾ آهيون ته اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي ٽوپي، اجرڪ، ڪهاڙي ۽ پٽڪي سان گڏ سنڌي لباس به سنڌي ثقافت جو اهم جُز آهي. ٻولي ۽ ثقافت سان گڏ اڄ سنڌي ماڻهن کي ٻڌيءَ جي به اشد ضرورت آهي. گذريل سال به اسان جو خيال هو ته هر سال ڪو هڪڙو اهڙو ڏينهن هُجي، جيڪو سنڌي ماڻهن جو ڏينهن هُجي، پر هن سال عملي طور ائين ناهي. دنيا ۾ سڄو سال هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن جو آهي. صرف هڪڙو ڏينهن جيڪڏهن سنڌي ثقافت جو هُجي ۽ ان جو باقاعده سرڪاري سطح تي اعلان ڪجي، اُن ڏينهن سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي. 5 ڊسمبر تي هونئن به قائداعظم ۽ ڪرسمس جو ڏينهن به آهي. هن سال 4 ڊسمبر تي جيڪڏهن اسين سڀ گڏجي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايون ۽ ان سان گڏ سڄو هفتو ڀلي ملهايو وڃي، پر مکيه تقريبون چار ڊسمبر تي ملهايون وڃن ته تمام ڀلو ٿيندو. سنڌ جو عوام، سرڪار، اديب، دانشور، ميڊيا، سول سوسائٽي هڪ هڪ فرد جيڪڏهن هن ڏينهن ملهائڻ لاءِ تيار ٿئي ته واقعي به هي سڄي سنڌ جو گڏيل ڏينهن هوندو. سنڌي ٽوپي، اجرڪ، پٽڪي ۽ ڪهاڙيءَ جو گڏيل ڏينهن، سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جو ڏينهن آهي. منهنجو عرض ته اڃا به اِهو هوندو ته ڪراچي کان وٺي ڪشمير تائين ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين سمورا سنڌي هڪ ئي ڏينهن ملهائين. ثقافت جي نالي تي الڳ الڳ ڏهاڙا ملهائڻ پڻ ثقافتي گڏيل مقصدن لاءِ نقصان ڪار ٿي سگهي ٿو بشڪريه عبرت.
جواب: ٽوپي اجرڪ، پٽڪو ڪهاڙي ۽ ثقافت جو ڏهاڙو ادا ممتاز بهترين ليک ونڊڻ لاءِ اوهان جا ٿورا۔ منهنجي خيال ۾ سنڌي ڊرامن مان هاڻ ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي۔
جواب: ٽوپي اجرڪ، پٽڪو ڪهاڙي ۽ ثقافت جو ڏهاڙو ادا طاهر صاحب توهان صحيح پيا چئو ته سنڌي ڊرامن مان هاڻ ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي۔ مگر ادا اصلاحي سٺا پڙهيل لکيل سنڌي لکندڙ موجوده سنڌي ٽي وي چينل تي تمام گهٽ ٿا لکن، بس هڪ ڪاروبار پيو هلي باقي هاڻي سنڌي ڊرامن ۾ ڪو سبق يا اصلاح واري ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي